لک ڪلڪ تون لک..!! (مهاڳ)
اهي شاعر ماضيءَ ۾ ڇو جيئڻ چاهيندا آهن؟
شايد حال شاعرن جي حال کان لاتعلق رهيو آهي. اُن ڪري اهي ماضيءَ ۾ جيئندا آهن ۽ مري به ماضيءَ ۾ ئي ويندا آهن. ان ڪري جو جڏهن انهن کي ياد ڪيو ويندو آهي يا سمجهيو ويندو آهي. تڏهن اهي ماضي ٿي چڪا هوندا آهن. ايئن اهي ماضيءَ جو حصو بڻجي ويندا آهن. هُونءَ به هر آرٽ جو ڳُر ماضي ۾ لڪل هوندو آهي. ادب به آرٽ جو حصو آهي، بلڪ آرٽ ئي آهي. ان ڪري اسان ان جي پرک به ماضيءَ تي ڇڏي ٿا ڏيون. پر تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن کي ڪنهن نه ڪنهن جي ڪم تي ڪجهه نه ڪجهه چوڻ جو موقعو ملي ٿو ته اِهو ان تي پنهنجي ضرور راءِ ڏئي به ٿو پوءِ اها ڪنهن کي وڻي ٿي يا نه ٿي وڻي اهو الڳ معاملو آهي.
ادب آرٽ جو اهو شعبو آهي جنهن جي اُڀ تي سهسين چنڊ، ستارا جڳمڳائي رهيا آهن. ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪهاڻي چمڪي پنهنجو ڌيان ڇڪائي رهي هوندي آهي ته ڪٿان ناول اک ڀڃي پاڻ ڏي سڏي وٺندو آهي. ڪٿان آپ بيتيون، ڊراما، سفرناما پيا تڪيندا آهن ته ڪٿان شاعريءَ جا ٽيڙو، ڪتيون پيون اشارا ڪنديون آهن.
۽ اڄ اسان شاعريءَ جي سفر تي روان آهيون ان ڪري ڳالهه شاعريءَ جي ڪنداسون، جهڙي ريت ٻوليءَ جو حسن ان جي گرامر ۾ آهي اهڙي طرح شاعريءَ جو حسن ان جي موزونيت آهي. ۽ انهي موزونيت سان گڏجي تشبيهون، تجنيسون ۽ استعارن، ڪناين جي ڳهڻن ان جي حسن ۾ جيڪو نکار آندو آهي. ان هن کي پنهنجي باقي ساهيڙين کان مٿڀرو مقام بخشو آهي. ۽ هن جي ٻي جيڪا خوبي آهي اُها ٻن ڌڙڪندڙ دلين کي هڪ ٻئي جي ويجهو ڪرڻ جي آهي. ۽ اها ئي اصل خوبي آهي.
شاهه عبداللطيف هجي، شيڪسپيئر هجي، غالب هجي يا رومي انهن جي شاعري مٿئين خوبيءَ جي ڪري ديس پرديس پڳي آهي. ۽ اها به شاعري جي اضافي قوت آهي ته هو پنهنجي ذاتي پيڙاءُ ۽ تڪليف کي دنيا جي درد ۽ تڪليف ۾ تبديل ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. جنهن ڪري سندس ڳالهه دنيا ۾ ٻڌي به وڃي ٿي ۽ ورنائي به وڃي ٿي. جنهن ڪري هي دنيا جو دادلو بڻجي وڃي ٿو. ۽ دنيا هن سان پيار ڪري ٿي.
جيستائين سنڌي شاعريءَ جو تعلق آهي ته اِها پنهنجو ماضي رکي ٿي، هن کي پنهنجو حال آهي ۽ مستقبل به هن جو شاندار ئي آهي. ن جو ماضي جيڪو ڀٽ ۽ ڀانن کان شروع ٿي شاهه، سچل ۽ سامي جهڙن شاعرن جي چين ۾ پوتل آهي جڏهن ته هن جو حال امداد حسيني، اياز گل، علي دوست عاجز، اسحاق سميجو جهڙن شاعرن جو اسانکي مُک درشن ڪرائي ٿو ته اتي گلزار، احمد سولنگي، ذوالفقار گاڏهي سميت ڪيترائي شاعر آهن جيڪي اسان جي آئيندي جو درپن آهن ۽ انهن ۾ هڪڙو نالو صابر سيدپوري به آهي.
صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي. ۽ انهي شاعري هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. “چنڊ جهڙا پرين” هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي. هُو جهڙا سهڻا غزل لکي ڄاڻي اهڙيون سهڻيون وايون به لکي ڄاڻي.
چنڊ تارا ڇو ڏسان مان،
يار جي ديدار تائين.
زندگي گذري اٿم.
جهڙي سهڻي وائي آهي تهڙي ئي سندس وراڻي آهي ۽ جنهن شاعر وٽ اهڙا شعر هجن، ان کي ڪير نظر انداز ڪري سگهي ٿو-؟
۽ نظر انداز به ڇو ڪري؟!
صابر جي شاعري جو استعارو پيار آهي، تنهن ڪري سندس شاعري پيار ئي پيار آهي. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ پيار جو گردان گهڻو آهي. ان جو سبب ڪٿي هن جي جيون ۾ پيار جي ڪا کوٽ ته نه آهي. جي آهي ته ان جي ڳولا به اسان کي سندس شاعريءَ ۾ ڪرڻي پوندي.
پاڻ هڪڙي ڪهاڻي ٿي ويندڙ،
ڪهڙي ويٺو لکين ڪهاڻي ٿو.
هي شعر جنهن غزل جو آهي، اهو سڄو غزل تغزل ڀريو آهي. ۽ صابر جي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيئي شعر لعلن ۽ جواهرن جيان جرڪي رهيا آهن.
ڪرهل ڪاهي آءُ،
چنڊ به ترسايو اٿم.
وڻ وڻ ٻهڪي ٻور ۾،
چوڏس سُرهو ساءُ.
چنڊ به ترسايو اٿم.
هيءَ وائي هڪ مثالي وائي آهي ۽ هيءَ وائي نه رڳو شاعرَ جي شاعريءَ جو هڪ اعليٰ نمونو آهي پر، هيءَ وائي سنڌي شاعريءَ جي معيار جو به هڪ نمونو آهي.
چنڊ ۾ تون آن، چنڊ پڻ تو ۾،
تون به ٻرين ٿو، هُو به ٻري ٿو!
تقريبا هر شاعر محبوب کي چنڊ جي تشبيهه ڏني آهي ۽ خود صابر به ڏني آهي.
چنڊ مهمان ٿو ٿئي منهنجو،
پورو ارمان ٿو ٿئي منهنجو.
پر، هنن سٽن ۾ اظهار انوکو آهي؛
چنڊ ۾ تون آن، چنڊ پڻ تو ۾،
تون به ٻرين ٿو، هو به ٻري ٿو.
اِهو خيال ٻين خيالن جي اُبتڙ ته آهي ئي آهي پر، منفرد به آهي.
منهنجي پگهر جي دم سان آباد آ زمانو،
وک وک تي روشني آ، وک وک تي آشيانو.
۽ اهو ئي آرٽ آهي جو، جنهن ڪردار تي اوهان لکو ۽ ان ڪردار جو جيڪو آواز هجي اُهو ايترو ته نرالو هجي جو ڪٿي به ان ڪردار کي مبهم نه ڪري ڇڏي بلڪ ان جي حُسن ۾ نکار آڻي ۽ ان جي اڀار جو سبب بڻجي. صابر جو هي شعر اسان جي موجوده دور جو الميو آهي.
دوستيءَ کي پيو وڌايان ڏس،
دشمني جي قريب ٿيو آهيان.
-
غم جا ڀاڻا وڃان ڀريندو ٿو،
هر خوشيءَ جي قريب ٿيو آهيان.
مٿي ڏنل ٻن شعرن وارو سمورو غزل هڪ عجيب غزل آهي. نه ابهام آهي هن غزل ۾ ۽ نه ئي وري ڪو فلسفو پر، ان جي باوجود به جيڪڏهن ڪو شاعر، پارکو يا نقاد هن غزل جي تهه تائين هڪ عاشقانه نگاهه رکندو ته اِهو ئي محسوس ڪندو ته هيءُ غزل ڪيترو نه وڏو آهي. هر سِٽ ٻي سِٽ جو ضد آهي. زندگي خودڪشي، دوستي دشمي، غم خوشي، اونداهه روشني، موت زندگي ۽ اها شاعرَ جي ڪماليت ئي چئي سگهجي ٿي ته، فلسفانه موضوع ۾ هڪ ننڍڙي پنجن شعرن جي غزل جي گرفت ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان ۽ سهڻي نموني سان قلم بند ڪيل هجي.
گهڻن ئي شاعرن سنڌ جي نظارن، سنڌوءَ جي ڪنارن، کيرٿر جي جابلو قطارن کي ڪنهن نه ڪنهن سهڻي حوالي سان پنهنجي ڪويتائن م ڳايو آهي. پر صابر جو اهو انداز بيان بنهه منفرد آهي سنڌ سان عشق جي حوالي سان ته، صابر؛ سنڌ جي انهن تمام گهٽ شاعرن مان هڪ شاعر آهي، جنهن سنڌ کي سڳي ماءُ سڏيو آهي.
سدا ڀاڳ واري، سدائين سونهاري،
سڳي ماءُ جهڙي، مٺي سنڌ پياري.
ڪيڏي نه سهڻي ۽ سليس وائي آهي هي:
تنهنجي آهيان نُور سان،
جيسين منهنجي ٽوڙ.
آءُ آهيان ڇا پرين!
سندس شاعريءَ جو هڪ هيءُ به پاسو آهي ۽ اُهو پاسو ڏاڍو وڻندڙ ۽ اثر ڇڏيندڙ آهي ۽ اُهو پاسو سندس شاعريءَ ۾ گيڙو رنگ آهي ۽ اُهو گيڙو رنگ شيخ اياز جي غزلن جي “گيڙو ويس غزل” کان گهڻُ مختلف ۽ صُوفيت جي رنگ سان رڱيل آهي. اِها صابر جي ڪمال ڪاريگري چئجي ته، هُن پنهنجي شاعريءَ ۾ گيڙو رنگ کي ايترو ته سهڻو ۽ حسين نموني سان آندو آهي جو، سندس شاعريءَ جو اصل رنگ پنهنجو الڳ ٿلڳ نظر اچي رهيو آهي، نه ته گهڻن شاعرن اِن گيڙو رنگَ کي پنهنجي شاعري ۾ استعمال هيٺ آڻيندي پنهنجي شاعريءَ جو اصل رنگ ڦٽائي ڀتو ڪري ڇڏيو آهي.
جوانيءَ جي جذبن کي ميندي لڳي،
رڳو هڪ گهڙي ئي ڏسي هو کلن.
هيءُ خيال خواهشيات جي خزانن جو هڪ انمول موتي آهي ۽ اهو خيال نه صرف نئون آهي پر، اِن خيالَ کي پوئڻ جي ادائگي به نئين آهي. جوانيءَ جي جذبن کي ميندي لڳڻ ۽ اها جوانيءَ جي جذبن کي ميندي لڳڻ ئي ته سڦلتا آهي!
هيٺ مختلف غزلن جا وڻندڙ شعرَ ۽ پهريان اِهي وڻندڙ شعرَ ۽ پوءِ انهن تي راءِ؛
اگر پيار پنهنجو نٿو ڏيڻ جي چاهين،
کلي ڏي اِهو ئي تون آزار ريشم.
-
عشق کي تون مذاق ٿو ڀائين،
شينهن جو وار تو ڏٺو ناهي.
هي ڀي تڏهين سڏائي سهڻي ٿي،
هن جو ميهار تو ڏٺو ناهي.
-
محبوب زماني ۾ محبوب ڏٺم ماڻهو،
هن چنڊ کان ڀي سهڻا وڌ خوب ڏٺم ماڻهو.
-
اڪيلا نه آهيون اسان جا ٿي ساٿي،
پکي، وڻ، ڪڪر ۽ هي سهڻا ستارا.
هي مٿيان ترتيب وار غزلن جا جيڪي شعرَ مون ڏنا آهن اهي سڀ پنهنجي پسند جا شعرَ آهن، جيڪي هن مجموعي جا انتهائي خوبصورت شعرَ آهن. جنهن ۾ فرد جي اندر جي پيڙاءُ انتهائي طاقتور انداز ۾ اظهاريل آهي جن ۾ اندرين ٻاهرين جماليات به آهي. ان سان گڏ لساني جماليات پڻ، سو چئي سهجي ٿو ته سندس خيالن کي پوئڻ جو سليقو آهي. تنهن ڪري اسان چونداسين ته هن جي شاعريءَ ۾ پنهنجو رنگ، رس، چس آهي. ۽ جنهن شاعر کي پنهنجو رنگ، رس، چس آهي، اهو ڪامياب شاعر ئي چئي سگهجي ٿو.
صابر جي سرائڪي غزل جو هڪ شعر آهي ته،
انگ انگ تيڏا چنڊ دي ڪرڻين،
سونهن اي سينگار ڪيا آکان.
اظاهر جو هي ڪيڏو نه سهڻو پيرايو آهي.
جتي غزل جي پنهنجي اُڏام آهي ته، اُتي هر هڪ صنف جي پنهنجي پنهنجي اُڏام آهي. صنفي صطح جي اڏام کي جيڪا اوچي اُڏام ٿو ڀرائي اُهو وري خيال آهي. هڪ هائيڪي ۾ هيڏي وڏي ڳالهه ڪرڻ کي ئي ته ڪمال چئبو آهي؛
ڪونهي ڪوبه سُڪون،
پوءِ به جيئڻ جو اٿم،
ڏاڍو يار جُنون!
۽ اِهو جيئڻ جو ئي جُنون هڪ جُستجو کي جنم ڏي ٿو ۽ وري اُها جُستجو منزل تي رسائي ٿي. ۽ هي هائيڪو جيڪو هاڻ هيٺ ڏيندم اُهو به ايترو ئي وڏي خيال سان پُر آهي، جيترو ئي مٿي ڏنل هائيڪو؛
مان ڪونج جيان تنها،
ڪُرلايون وڃان ٿو پيو،
سِر تي ته کنيون ڇا ڇا!
ڪجهه مختلف غزلن جا شعر آهن هي شعر به پنهنجي جوهر ۾ ايترا ئي اُوچي پَدَ جا آهن، جيترا ٻيا ڳڻائي آيو آهيان.
پنهنجي نالي جي ڳولا جي آهيان پٺيان،
نانءُ هوندي زمانن کان گمنام هان.
-
روح تنهنجي اچي گهر جو گولو بڻيو،
منهنجو مون وٽ صرف خالي بُت آ پرين.
-
هينئڙو لوڻ جيان ڳري ويو آ،
پو به توکي نه ٿو وساريان مان.
-
ڏم ٿو ڏيل ڏکائي منهنجو،
ڪاٿي آن ميهار وٺي وڃ.
-
ڳالهيون لکن جون ڪن ٿا جي،
سيئي ٽڪي کپن ته پو!
-
ٿورو اکيون ته کول پو، توکي
ڏات ڏسبي ڏيئا ڏيئا منهنجي.
صابر سيدپوريءَ جو هي شعري مجموعو مختلف صنفن سان ڳتيل هڪ سهڻو گلدستو آهي. “چنڊ جهڙا پرين” جهڙي سهڻي نانءُ جهڙو سهڻو مک رکندڙ هي شاعري مجموعو اوهان جي هٿن ۾ آهي هن ۾ هڪڙي ڇڪ ضرور آحي ۽ جيڪا شاعري پاڻ طرف ڇڪي ته اهو سمجهڻ گهرجي ته ان ۾ دم آهي. ۽ جنهن تحرير ۾ دم هجي ان کي ئي دائميت هوندي آهي.
آرٽ سان پُر هي شعر ڪيئن ٿا لڳن اوهان کي؛
هڪڙي هڪڙي آهه پويان ٿو ٻري آڙاهه ڏس،
پيو ايامن کان ته پڄري هڪ ويچارو ساهه ڏس.
-
ٻين جي ڏسڻ کي هوندو ڏٺو تو،
توکي ڪئن مان ڏسان ٿو ڏسجان.
ٻيهر جيئڻ، جيئڻ خاطر،
نئين سِر يار مران ٿو ڏسجان.
احمد شاڪر
ميهڙ، دادو. سنڌ
03473230193