شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

هن درد مئي جو مان درمان ڪٿان آنيان،

هن درد مئي جو مان درمان ڪٿان آنيان،
هن درد کي جو ٽاري لقمان ڪٿان آڻيان.

مون سارو سجايو گهر، خوشبو ۽ بهارن سان،
گهر کي ته سجايو ٿم مهمان ڪٿان آڻيان.

مان پيار کي سمجهي خدا، سجدا ٿو ڪيان واعظ،
تو وارو ڀلا ڏس مان ايمان ڪٿان آڻيان.

اغوا مان ٿيل دلڙي موٽايان ڪيئن هاڻي،
موٽي ڀي ملي ليڪن تاوان ڪٿان آڻيان.

سگريٽ اٿئي مون وٽ پيئين ته ڪيان حاضر،
هن مهل اويلي ۾ مان پان ڪٿان آڻيان.

تون سهڻو آهين صابر، من مهڻو آهين صابر،
هن کان ٻيو وڌ تولئه مان بيان ڪٿان آڻيان.
*