شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

اسان جي يار، پيار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا،

اسان جي يار، پيار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا،
نگاهه نو بهار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

عذاب ئي عذاب آ، حيات جي اڳيان پٺيان،
سڪون ۽ قرار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

رڳو ئي تنهنجي سوچ آ، رڳو ئي تنهنجو خيال آ،
حَسينَ هن سنڀار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

اڃا به هڪڙي پير تي، ڪنڌيءَ تي بيٺو آهي ڏس،
او سهڻي هن ميهار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

پئي جا توتان گهور ٿئي، ۽ توکي جا سدا گهري،
اي محب اُن نهار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.

جُڙي جا تنهنجي ذات سان، مٺي سا ڪائنات کان،
حضور تنهن ڄمار کي، ڇو انتظار ٿي ڏنا.
*