شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

وڃن ٿيون آپي مان نڪتيون چريون،

وڃن ٿيون آپي مان نڪتيون چريون،
اوهان جي صحبت ۾ جيڪي کريون.

رهن سلامت قيام تائين،
اي! ديس تنهنجون هي حورون، پريون.

اوهان پڄاڻان ته ڪنهن ڀي منظر،
اسان جون خالي نه اکيون ڀريون.

نه پنهنجي لائق نه ٻئي جي لائق،
حيات اهڙي چئو ڪاڏي ڪريون.

مسافتن ۾ حيات گذري،
ڀلي ڪو پيرن جون پرکي تريون.

اداس مون جان ته منهنجي گهر جا،
رهن ٿا صابر هي در ۽ دريون.
*