سدا ڀاڳ واري، سدائين سونهاري،
سڳي ماءُ جهڙي، مٺي سنڌ پياري.
اُهي ناس ٿي ويا ۽ بي آس ٿي ويا،
ڪئي توسان جنهن جنهن به جيجل غداري.
انهن کي ڏنو تو وڏو، مانُ آهي،
ڪئي تنهنجي! رت ساڻ جن آبياري.
جيڪي تنهنجي سڏ ۾ ڏئي سڏ ڪُسي ويا،
سدا، تن تي تاريخ خوشبو آ هاري.
وري چنگ چرندا، وري رنگ رچندا،
نه رهندي نه رهندي سدا، رات ڪاري.
وڌو ڪجهه وڙهو ڪجهه بقاءِ نسُل لئه،
متان ٿيو وطن جا، سپوتو مياري.
جئان جي ته سنڌ لئه، مَران ڀي ته سنڌ لئه،
جڏهن کان هي صابر، اٿم سُرت ساري.
*