شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

محبوب! رسڻ جي مند نه هئي،

محبوب! رسڻ جي مند نه هئي،
هي پنهنجي روئڻ جي مند نه هئي.

ڇو جلدي ايڏو آيو آن،
اي! موت مرڻ جي مند نه هئي.

تو ٺاهي ٺاهي ڊاهي چڏيو،
افسوس! ڊهڻ جي مند نه هئي.

ڪڪرن جي بنا ڀي برسن ٿيون،
اکڙين جي وسڻ جي مند نه هئي.

ڪو ننڊون حرام ڪري ويو آ،
تڙپڻ ۽ لڇڻ جي مند نه هئي.

اڳ عشق کان صابر سيدپوري،
خوابن جي ڏسڻ جي مند نه هئي
*