شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

ڪيڏيون تنهنجون سهڻيون اکيون،

ڪيڏيون تنهنجون سهڻيون اکيون،
ماٺيون ماٺيون گهريون اکيون.

مون ڏي اهڙو گهور نه جانا،
روڪ هي پنهنجون تکيون اکيون.

ڪئن کڻان مان توڏي پنهنجون،
بي رنگ منهنجون موڳيون اکيون.

ڪئن ڇڏايان آهن اهڙيون،
منهنجون تو ۾ ڦاٿيون اکيون.

اڄُ ڇو سُرمي بدران ڳوڙها،
ڪاٿي تنهنجون ڏکيون اکيون.

صابر جون ۽ هن جون آهن،
مرڪي مرڪي ٻکيون اکيون.
*