شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

هاڻ هن ۾ حجاب ڪونهي ڪو،

هاڻ هن ۾ حجاب ڪونهي ڪو،
کيس ساڳيو شباب ڪونهي ڪو.

چهرو چهرو گناهه ٿو ڀاسي،
ڪنهن جي اک ۾ ثواب ڪونهي ڪو.

حُسن آڏو فقير آهيون سڀ،
خان ڪوئي نواب ڪونهي ڪو.

جيڏي مفتوي شراب لئه فتويٰ،
ايڏو ليڪن خراب ڪونهي ڪو.

بس مڙيئي جئون پيا جڳ ۾،
باقي پنهنجو ڪو خواب ڪونهي ڪو.

ڪير صابر ڀلا قبوليندو،
جنهن جو جيون گلاب ڪونهي ڪو.
*