شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

منهنجون هي ٻئي اکيون خالي،

منهنجون هي ٻئي اکيون خالي،
تنهنجون اکيون ساغر پيالي.

منهنجون اکيون جهڙيون صحرا،
تنهنجون اکيون مند جهڙالي.

منهنجون اکيون درد پراڻو،
تنهنجون اکيون مرڪ جي ٿالهي.

منهنجون اکيون زخمي ڳيرا،
تنهنجون اکيون ڄڻ دونالي.

منهنجون اکيون جهڙيون ٽانڊا،
تنهنجون اکيون گل جي لالي.

منهنجون اکيون ڄڻ بي معنيٰ،
تنهنجون اکيون يار مثالي.
*