شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

اسان ڪنهن جا طالب نه مطلوب آهيون،

اسان ڪنهن جا طالب نه مطلوب آهيون،
چڱو ئي ٿيو جو ته مجذوب آهيون.

نه حاجي نه غازي نه زوار، مفتي،
اسان جو به آهيون، اُهو خوب آهيون.

اسان ڀي ته ڪنهن کي ازل کان ٿا چاهيون،
کڻون نانءُ ڪنهن جو ڪئن محجوب آهيون.

هي دنيا ۽ عُقبا سندءِ نانءُ صابر،
اسان نانءُ جنهنجي ٿيا منسوب آهيون.
*