شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

هڪڙي هڪڙي آهه پويان، ٿو ٻري آڙاهه ڏِسُ،

هڪڙي هڪڙي آهه پويان، ٿو ٻري آڙاهه ڏِسُ،
پيو ايامن کان ته پڄري هڪ ويچارو ساهه ڏس.

او! اهو ٿي ڳوٺ منهنجو، جِت ڄميس، کيڏيس، وڌيس،
جنهنجي ڏاڍي، سهڻي ڏاڍي ڇا ته آ وڻ راهه ڏس.

جنهن ۾ ڪوئي ظرف ڪونهي، ۽ نه ڪوئي طرف ڪو،
پوءِ به اهڙي لڄ لٿي جي، ٿي هلي ساراهه ڏس.

تنهنجي ئي تخليق جو، دم گهٽيو هت ٿو وڃي،
جڳ جا پالڻهار منهنجا او! مٺا الله ڏس.

جت جهڪن ٿا روح سڀ جا، جت ملي ٿي دائميت،
ٻيون ڇڏي درگاهون سڀئي، حُسن جي درگاهه ڏس.

بهشت لئه ڀي پيار وارن کي ئي صابر سڏ ڪبو،
مت جا موڙها هڪ دفعو تون هي ڪري ويساهه ڏس.
*