شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

ٻه اکر: ڇا ته شاعري آهي !

ڏسجي ته فطرت جو سڄو وايومنڊل سونهن تي آڌاريل آهي. هر عمل، هر شيءِ، هر ڪرت، هر علم ۽ هر فن ۾ سونهن کي هڪ اهم حيثيت حاصل آهي. جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ ۾ سونهن ناهي ته اها معيار، وزن ۽ زندگيءَ کان محروم آهي. جنهن ۾ اهي خوبيون نه هجن ته پوءِ اها ڪهڙي ڪم جي؟ اڪثر چيو ويندو آهي ته عشق جو سبب سونهن آهي پر مون کي ته ڪائنات جو سبب به سونهن لڳندي آهي ۽ عشق به سونهن جي لاءِ خلقيو ويو.جڏهن سونهن ۽ عشق جو پاڻ ۾ سنگم ٿيندو آهي، تڏهن انهن جي روح مان شاعري جنم وٺندي آهي. شاعريءَ جو تعلق انساني جذبن ۽ احساسن سان آهي. جتي موسيقي انسان جي روح جي غذا آهي، اتي شاعري سندس دل جي تسڪين آهي. تنهنڪري ئي لطيف فن ۾ موسيقيءَ وانگر شاعريءَ کي به هڪ خاص اهميت حاصل آهي، جنهن کي دل جي ڌڙڪن سان محسوس ڪري سگهجي ٿو.
پاڻ وٽ هر دور ۾ شاعري رهي آهي ۽ ان پنهنجي پنهنجي دور جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي. شاعري هڪ اهڙو وهڪرو آهي، جيڪو نه ڪڏهن بند ٿيو آهي ۽ نه وري ڪڏهن بند ٿي ٿو سگهي. موجوده وقت ۾ به شاعري سرججي رهي آهي ۽ اها پنهنجي وقت جو پڙاڏو بڻجي فضائن ۾ گونجي رهي آهي.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سنڌ ۾ تمام گهڻي شاعري ٿي رهي آهي. هونئن ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ شاعر، شاعري ڪن پيا پر دادو جي شاعرن جي پنهنجي هڪ انفراديت آهي. ڇاڪاڻ ته جتي وٽن فن آهي اتي فڪر به آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ٻين شاعرن وٽان فڪر جي نالي ۾ ڏينهون ڏينهن فن موڪلائيندو وڃي پر دادو جي شاعرن پنهنجي هٿان فن وڃڻ نه ڏنو آهي. کانئن شاعري ٻڌندي ائين لڳندو آهي ڄڻڪه فطرت پنهنجو سرگم ڇيڙي رهي هجي.
منهنجي لاءِ اهو چوڻ انتهائي ڏکيو بلڪه ناممڪن آهي ته دادو جو فلاڻو شاعر پنهنجي پنهنجي ٽهيءَ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. استاد بخاريءَ کان ويندي احمد شاڪر تائين هر شاعر وٽ پنهنجي ڏات آهي. پنهنجو ڏانءُ آهي. واهه ! ڇا ته ڏات آهي ۽ ڇا ته ڏانءُ آهي. اها ئي ته آرٽ آهي.
دادو ۾ شاعرن جي هڪ اهڙي انڊلٺ آهي، جنهن ۾ هر ڪنهن کي پنهنجو هڪ رنگ آهي. هر رنگ ۾ هڪ مزو آهي ۽ هر مزي ۾ زندگي آهي. ان انڊلٺ ۾ هڪڙو رنگ شاعر صابر سيدپوريءَ جو به آهي. صابر سيد پوري سنڌي شاعريءَ ۾ نئون نالو ناهي. هو پراڻو نالو آهي پر بدقسمتيءَ سان شاعريءَ ۾ شاعرن جو ناني ويڙهو ٺهڻ سبب کيس اهو مقام نه ملي سگهيو آهي، جيڪو کيس ملڻ گهرجي ها. هو شاعريءَ جو هڪ اهڙو سج آهي، جيڪو پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي ادب ۾ روشني پکيڙي رهيو آهي. اها روشني زندگي آهي، جنهن ۾ سونهن کان ويندي عشق ۽ انقلاب کان ويندي مزاحمت تائين جو درس آهي.
صابر جي شاعري گهڻ موضوعاتي شاعري آهي، جنهن ۾ فطرت، سونهن، عشق، ڌرتي، انقلاب، مزاحمت ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا اچي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ مان صابر سيدپوريءَ جي شاعريءَ کي ننڍپڻ کان مختلف رسالن ۾ پڙهندو اچان پر جڏهن سانگيءَ جي دوست پروفيسر عبدالجبار شيخ کان سندس پهريون شعري مجموعو ” ڪڏهن ورندين“ پڙهڻ لاءِ مليو ته سندس شاعري پڙهندي ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ زبان مان بي ساختا اهي لفظ نڪتا ته ” ڇا ته شاعري آهي.“
صابر سيدپوريءَ جي شاعريءَ ۾ فن کان ويندي فڪر تائين هر خوبي آهي. سندس ” ڪڏهن ورندين“ کانپوءِ ” چنڊ جهڙا پرين“ ٻيو شعري مجموعو آهي. ”ته پوءِ“ شعري مجموعي جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ جيڪڏهن ايمانداراڻي ڳالهه ڪجي ته پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته صابر سيد پوريءَ جي شاعري هڪ اهڙو گل آهي، جنهن جي واس سان سڄي سنڌي شاعري واسجي رهي آهي...!!
امتياز دانش _ڪراچي