شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

تو به نه ڄاتي، منهنجي جهاتي،

تو به نه ڄاتي، منهنجي جهاتي،
مون به نه ڄاتي، تنهنجي جهاتي.

اکڙيون پنهنجون پڪڙي ورتئون،
قيدڻ ٿي پئي پنهنجي جهاتي.

آهي ڪُٺي وئي ڪاريءَ وانگر،
بالغ ٿئي ٿي جنهنجي جهاتي.

ڪنهن کي پتو ڇا اوسيئڙي ۾،
پڄري ٿي پئي ڪنهن جي جهاتي.

آ ته وٺي ڪي چنڊ جون اوٽون،
پنهنجي بڻايون سهنجهي جهاتي.

ڏاڍي سولي هوندي هئي جا،
ڪئن ٿي صابر اهنجي جهاتي.
*