پنهنجي پاران: لک به لهان – ڪک به لهان.!
هن سيدپُور جا ماڻهو مونکي ڏاڍي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن، ڇو جو آءُ شاعراڻي ڪرت جي ڪري سڄي سنڌ ۾ ڄاتو سُڃاتو وڃان ٿو. اها منهنجي عزت سڃاڻپ هُو پنهنجي عزت سڃاڻپ سمجهندا آهن.
هن سهڻي سيدپُور سان منهنجو ازلي ۽ فطري چاهه آهي، جيڪو مرڻ گهڙيءَ تائين اوس رهڻو آهي. شاعري منهنجي وجود ۾ گجي ۽ وسي رهي آهي ۽ مان سڄي جو سڄو شاعر آهيان. هي شاعراڻي ڪرت منهنجي عبادت آهي. هن عبادت ۾ مون ڪڏهن به شرڪ نه ڪيو آهي. پنهنجي شاعريءَ سان عشق ۽ ايمان جي لاحد تائين اُنس رکان ٿو ۽ سنڌ جي ٻين سهڻن شاعرن سان به دلي همدردي ۽ محبت رکان ٿو.
مونکي پنهنجي محنت تي ناز آهي، آءُ بلاشبه دلين ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهيان. مونکي هروڀرو ڪنهنجي شاباس جي ضرورت به ڪونهي. هيل تائين جا به شاعري لکي اٿم، ڏاڍي جوش ۽ ولولي سان لکي اٿم. منهنجي پهرين شاعريءَ جي مجموعي “ڪڏهن ورندين” کي سهڻين اکين ۽ محبوب دلين وٽان ڏاڍي مانائتي ۽ شانائتي موٽ ملي آهي. هاڻ به اميد اٿم ته سچن سُخنورن ۽ شاعريءَ سان پيار ڪندڙن وٽان سهڻي ۽ سيبتي موٽ ملندي.
درد ۾ ئي سچي خوشي آهي، جيڪا مون به ماڻي آهي. مون مٿي عرض ڪيو ته مان سڄي جو سڄو شاعر آهيان، تنهنڪري مان ڪنهن به ايري غيري جي خوشامد نه ڪئي آهي ۽ نه وري ڪڏهن ڪندس. آءُ غريبن، يتيمن ۽ مسڪينن جو يار آهيان. سنڌ ڌرتيءَ جي هندُن، باگڙين، ڀيلن، مينگهواڙن، ڪولهين، هڏواڙن سان به ڏاڍو پيار ڪندو آهيان! آءُ شاعراڻي ڪرت جي ڪري پاڻ کي وڏو امير سمجهندو آهيان، چو ته منهنجي سوچ، منهنجو انداز، منهنجو اٿڻ، ويهڻ پنهنجي حساب سان ڪافي نرالو آهي.
آءُ وڏي دل ۽ وڏي ٿانءُ وارو ماڻهو آهيان. منهنجي باري ۾ ڪنهن ڪيئن چيو، ڪنهن هيئن چيو، ڪنهن هونئن چيو کي ٻڌي ٽاري ڇڏيندو آهيان. آءُ پنهنجي ذات ۾ خود دار طبيعت جو مالڪ آهيان. جيڏو آسان آهيان، ايڏو ئي ڳنڀير آهيان. بحرحال پوءِ ڀي مان جوئي آهيان-سوئي آهيان! اِهو ئي آهيان-لک به لهان، ڪک به لهان! احمد شاڪر جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب جي سڀني مشڪلن ۾ ساٿ ڏنو، سندس جا وڏا وڙَ جيڪي هميشه ياد رهندا ۽ ٿورا اُنهن محترمن جا جن هن منهنجي ڪتاب لاءِ ڪجهه لکيو.
صابر سيدپوري
ڳوٺ سيدپُور تعلقه ميهڙ، ضلعه دادو. سنڌ
موبائل نمبر؛ 03423255799