شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

تنهنجي نيڻن ۾ منهنجو جڳت آ پرين،

تنهنجي نيڻن ۾ منهنجو جڳت آ پرين،
پيار تنهنجو حياتيءَ لئه ست آ پرين.

مان ڪڏهن ڀي اڪيلو نه آهيان رهيو،
منهنجي دردن سان گهاٽي سنگت آ پرين.

روح تنهنجي اچي درد جو گولو بڻيو،
منهنجو مون وٽ صرف خالي بُت آ پرين.

زيان جيڪي چون عشق کي وقت جو،
هي چوڻ تن سندو ته غلط آ پرين.

ايندي آهي جڏهن اوکي جا ڀي گهڙي،
ڀونءِ جي ڳاٽ لئه وهندو رت آ پرين.

چنڊ تارا، جئن پاڻ ۾ آهن جڙيل،
منهنجي صابر ائن تو تي پت آ پرين.
*