شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

دلبرين تي ڇو ڪات تاني ٿو،

دلبرين تي ڇو ڪات تاني ٿو،
کير ۾ ڇو ملائين پاڻي ٿو.

پاڻ هڪڙي ڪهاڻي ٿي ويندڙ،
ڪهڙي ويٺو لکين ڪهاڻي ٿو!

هر گهڙي او، کلڻ ٽلڻ وارا،
اڄ ڇو اکڙين پاڻي آڻي ٿو.

مان ته توکي سڃاڻان ڄاڻان ٿو،
ڇا تون مونکي به ڏس سڃاڻي ٿو.

سنڌ جي هيڻي حال کان ڏاها،
مُنهن تون موڙين ڇو ڄاڻي واڻي ٿو.

پيار تي تهمتون جو، ڏين ويٺو،
ڇائي مُنهن ۾ اجائي چاڻي ٿو.

توسان صابر جڙيو مون جِي آهي،
توڙي جو، تون جفا اُماڻي ٿو.
*