شاعري

چنڊ جهڙا پرين

صابر سيدپوري سنڌ جي ان پرڳڻي جو شاعر آهي جتي لُڪ لڳندي آهي. جتي اَڪ تپندا آهن. هن جي اندر هڪ جُنون آهي. اِهو جُنون هن جو عشق آهي ۽ اِهو عشق هن جي شاعري آهي ۽ انهي شاعريءَ هن جي پنهنجي ڳوٺ سيدپور کان ٻاهر وٺي هن کي تقريبا پوري سنڌ سان متعارف ڪرايو آهي. ”چنڊ جهڙا پرين“ هن جو ٻيو شعري مجموعو آهي جنهن ۾ غزلَ ۽ واين کان سواءِ ٻين به ڪيترين صنفن جي بهار آهي. جيڪا ڪنهن به طور نظر انداز نه ٿي ڪري سگهجي.
Title Cover of book چنڊ جهڙا پرين

امر پيار آهي، امر پيار وارا،

امر پيار آهي، امر پيار وارا،
گواهي ڏين ٿا هي نچندڙ نظارا.

رڳو عشق واريون، بهارون سڃاڻون،
ٻيا ڪونه ڄاڻون، سيارا، اونهارا.

سموري دنيا جو، ازل کان ۽ اَڄُ ڀي،
ڏسو سنڌ کڻندي اچي پيئي بارا.

اڪيلا نه آهيون، اسان جا ٿي ساٿي،
پکي وڻ ڪڪر ۽ هي سهڻا ستارا.

ڪڏهن ڇانو ٿيندا، مون صابر لئه سائين،
گهنڊيدار، تنهنجا، اهي وار، ڪارا.
*