غم جو آغاز هان، غم جو انجام هان،
پنهنجي انداز ۾، خاص هان خام هان.
پنهنجي نالي جي ڳولا جي آهيان پٺيان،
نانءُ هوندي زمانن کان گمنام هان.
سڀ کي ويجهو رهان، سڀ کان آهيان جدا،
عشق آهيان مگر ڪا، وڏي مام هان.
ڪوئي مونکان پڇي، ڪوئي مونکي ڏسي،
پيار جو سونهن جو، ازلي پيغام هان.
عشق منهنجي حُسنَ جون نگاهون چميون،
هاڻ صابر سراپا، ٿيو گلفام هان.
*