ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

• رشتن جو ڀرم : اداري پاران

ادبي کيتر ۾ ڪهاڻي يا آکاڻيءَ جڪ هڪ الڳ مقام رهيو آهي.ماءُ پنهنجي روئندڙ ٻار کي آکاڻي يا ڪهاڻي ٻڌائي مٺي نند ڏانهن راغب ڪري ٿي.ننڍي هوندي ئي ٻار کي ڪهاڻي يا آکاڻي ٻڌائڻ جو رواج سنڌ ۾ گهڻي وقت کان هلندو اچي.جيڪو هن وقت تائين رائج آهي.ان ڏس ۾ ننڍڙن ٻارن توڙي وڏيءَ عمر جي ماڻهن تي به ڪهاڻيءَ جو پنهنجو هڪ اثر ٿئي ٿو.اهو ڪيترو ٿئي ٿو؟اُهو انهي ڪهاڻيءَ تي منحصر آهي.
سچ چيو وڃي ٿو ته سماج جي مختلف لاڙن ۽ رخن کي ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ قلمبند ڪيو ويندو آهي ۽ انسان جي انهن بدلجندڙ روين ڪردارن ،احساسن ،هلت ،چلت ۽ سوچن تي لکڻ ئي ڪهاڻيءَ جي ڪاميابي آهي.تخليقي طور ان حوالي سان اسان جي سنڌ توڙي هند ۾ ڪيترائي ناليوارا ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا.جن ۾ امر جليل ،نسيم کرل ،حفيظ شيخ ،غلام نبي آگرو، جمال ابڙو ،علي بابا ،طارق اشرف ،عبدالقادر جوڻيجو ،غلام نبي مغل ،طارق عالم ابڙو ،ڪلا پرڪاش ،موهن ڪلپنا ،وشنو ڀاٽيا ،سندري اتمچنداڻي ،ريٽاشهاڻي گوبند مالهي ۽ ٻيا ڪيترا ڪهاڻيڪار شامل آهن.ان ڏس ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي جي ارتقائي سفر ۾ جتي اسان جي پنهنجن ڪهاڻيڪارن ،پنهنجي تخليقي پورهيي وسيلي ڪردار ادا ڪيو آهي.اتي انهن جي ڪيول مختلف ٻولين جي ڪهاڻين جي ترجمن کي پڻ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
ريٽا شهاڻي جنهن سنڌي ادب کي ڪيترائي ڪتاب ڏنا جيڪي مختلف صنفن تي ٻڌل آهن.انهن ۾ خاص طور سندس آتم ڪٿا”ٻپهريءَ جا ٻه پل”پنهنجو مٽ پاڻ آهي.جيڪو ڪتاب اسان پنهنجي اداري پاران 2004ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو جنهن کي سنڌ توڙي هند واسين پاران گهڻي پذيرائي حاصل ٿي آهي.ٻي وک طور هن اداري سندس ڪهاڻين جو مجموعو”رشتن جا رقص”(جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي)پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.جنهن ۾ ليکڪه موجوده سماج ۽ ماحول جي ڪردارن کي وائکي ڪرڻ کانسواءِ طنز و مزاح ڀريل طرزِ تحرير وسيلي سماج جي مختلف ڪردارن ۽ سندن روين کي نهايت ئي مهارت ۽ فنائتي انداز سان قلمبند ڪيو آهي.
هڪ هنڌ ليکڪه چوي ٿي ته “ڪهاڻي ءَ ۾ گهٽ ۾ گهت ٻن ماڻهن جي گهرج ٿيندي آهي.هڪ چوڻ وارو ۽ ٻيو ٻڌڻ وارو ۽ لکيل ڪهاڻي ۾ هڪ لکڻ وارو ۽ سوين ۽ هزارين پڙهڻ وارا”اها حقيقت هڪ ڪهاڻيڪار جي ڪاميابي ئي چئبي.
ويجهڙائي ۾ جيڪي پاڪ هند لاڳاپا وڌيڪ سُڌريرا آهن.انهن سان اديبن ،دانشورن فنڪارن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جي ٻنهي ملڪن اندر اچ وڃ سبب نئون ماحول پيدا ٿيو آهي .جيڪا هڪ خوش آئند ڳلهه آهي.هونئن به هتان جي۽ هندستان جي رهڻي ڪهڻي سماجي مسئلن ۽ سوچ ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي.تنهنڪري به هڪجهڙائي آهي لفظن ۾ سرحد جي ٻنهي پار ،تخليقڪارن اڳيان هڪجهڙا سماجي ،اخلاقي توڙي معاشي لاڙا رويا ۽ قدر موجود آهن.جيڪي کين هڪٻئي جي قريب تر ڪري سندن فطري رشتن جو ڀرم رکڻ ۾ مددگار ٿيندا.
توڙي جو اڄڪلهه اليڪٽرانڪ ميڊيا اسان جي سماجي قدرن کي بدلائي نون لاڙن ۽ روين کي جنم ڏنو آهي.جنهن جو سنئون سڌو اثر پرنٽ ميڊيا خاص طور تي ادبي تخليقي ڪتابن تي پيو آهي.۽ نتيجي طور ڪتابي کيت تي ناڪاري اثر پيا آهن پر وري به تخليقي ادب جي اهميت اڄ به سلامت آهي.ثبوت طور هن مجموعي ۾ موجود ريٽا شهاڻيءَ جي مختصر ڪهاڻين تي محفوظ گرفت کي جيڪڏهن ڌيان سان نوٽ ڪيو ويو ته پرنٽ ميڊيا جي محفوظ مستقبل بابت وشواس آوس وڌي ويندو.
هن ڪتاب جي پروفن ڏسڻ ۾ تاج جويي ۽ آسي زمينيءَ جي محنت کانسواءِ شري وليرام ولڀ جي مفيد مشورن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.جنهن لاءِ ادارو سندن ٿورائتو رهندو.

موهن مدهوش
28 اگسٽ 2005ع