ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

4. اصلي

ميجر پريتم داس ملٽريءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد پونو وسايو هو.اُتي هن پاڻ کي ڪيترن اسڪولن ،ڪاليجن ۽ ٻين سنسٿاٿن(جماعتن) سان جڙيل رکيو هو.هو هلندي پڄنديءَ وارو شخص هو،نه رڳو ايترو پر هو ٻين جا ڪم ڪاريون ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندو هو.وس آهر ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو.مگر هن جو سڀاءُ رُکو هوندو هو.هو ڇڙڪ جواب ڏيڻ ۾ استاد هو.ڳالهائڻ مهل ٻئي ڪنهن جيجذابت جي پرواهه ئي ڪونه ڪندو هو.
“ميجر صاحب اوهان منهنجي پٽ کي ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني آهي.اسان تي مهرباني ڪئي آهي.اسين اوهان جا شڪر گذار آهيون”
“شڪر گذاري اوهين مالڪ جي ادا ڪريو”هو رکو جواب ڏيندو هو.
“ميجر صاحب اسان دلي خواهش آهي ته اوهين اسان جي گهر پير ڀريو.اسان وٽ روٽي کائڻ اچو”
“مهرباني! مون کي فرصت ناهي”
“ميجر صاحب ،توهان ڪيترن ورهين جو منهنجي پي ايف بئنڪ مان ڪڍائي ڏنو آهي توهان جا احسان ڪيئن مڃون؟”
“بس ،بس ،گهڻو ٿيو احسان مڃڻ جي ڪا ضرورت ناهي”
ڪير هن جا ٿورا مڃيندو هو ته هن چِڙ لڳندي هئي.
“پوءِ ميجر صاحب”
“توهان جو ڪم پورو ٿيو؟هاني توهين وڃي سگهو ٿا”
هن جا هاڙا خشڪ جواب ٻڌي ماڻهو سمجهي ويندا هئا ۽ هن کي هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوندو هو.
ٻيا هن جي گهر اچن ته ڀلي اچن پر هو ڪنهن جي گهر ڪونه ويندو هو.ماڻهو هن جي گهر ايندا هئا صرف ڪم سان سو به پهرين گڏجاڻيءَ جو وقت وٺي.
هو پاڻ ميٽنگن وغيره تي ٻاهر ويندو رهندو هو ۽ ڏينهن جي وقت مشغول رهندو هو.هن کي پنهنجي گارڊن سان خاصو لڳاءُ هو.صبوح جو ڪلاڪ هو باغبانيءَ کي ڏيندو هو جيڪو هن جو دلپسند شُغل هو.هو پنهنجن هٿن سان وڻن ۽ ٻوٽن کي ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيندو هو.انهن کي ڪپيندو ڪوريندو هو.آڪار ڏيندو هو،جيئن اهي وڌيڪ ڦلدائڪ ڦولدائڪ ٿين.هو هرطرح طرح جا پائوڊر ،يوريا ،روزمڪس،ٻوٽن کي ڪيڙن ۽ ماڪوڙن ۽ ٻين بيمارين کان بچائڻ واريون دوائون ،بازار مان خريد ڪري ايندو هو.نتيجي طور هن جو باغ سدائين ٽِپ ٽاپ رهندو هو ۽ اکين کي فرحت بخشيندو هو.شام جو هو ٻه ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ ويندو هو.هو پنهنجن روزاني نيمن جو سٺو پالن ڪندو هو.
مگر هو ڪنهن جي گهر وڃڻ کان وَنءُ ويندو هو.ڪنهن جي شادي مرادي يا ٻي ڪنهن پارٽيءَ تي ڪنهن به هُن کي ڪونه ڏٺو هو.ماڻهن هن کي نوتا(دعوت)ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا .مگر مجال جو هو اهاي قبول ڪري.جيڪڏهن پاڻ ڪنهن جي گهر نه ويندو ته ظاهر آهي ماڻهن به هنوٽ اچڻ بند ڪري ڇڏيو.
هن جو پوٽو دهليءَ مان هنوٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ آيو هو “امر”.هو چوڏهن سالن جو هو.پريتمداس هن کي خاص ڀائيندو هو ۽ هن سان دير تائين رهاڻيون ڪندو رهندو هو.جيڪا هن لاءِ غير معمولي ڳالهه هئي.هڪڙي شام هو امر کي پاڻ سان گڏ پنڌ ڪرڻ وٺي ويو واپس موٽڻ مهل ميجر هڪ ننڍڙي گهر طرف پنهنجا پير وڌايا.ان گهر جي اڱڻ جو دروازو کولي اندر وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.
“بابا هي توهين ڪنهن جي گهر وڃي رهيا آهيو؟”
“هتي منهنجو دوست رهندو آهي،سيٺ ڪندن مل”
“توهان جو دوست؟ پر توپهين ته ڪنهن جي گهر ويندا ئي ڪونه آهيو؟”
“ها اهو سچ آهي پر هيءُ خاص گهر آهي هتي مان هفتي جا ٽي ڏينهن نيم سان ايندو آهيان”
“امر بابا ڏانهن نهاريو.
ان وقت هن جي چهري جا ڀاوء ڦريويا هئا.منهن تي رونق اچي وئي هئس.چپن تي هئي مُرڪ ۽ اکين ۾ عجيب چمڪ چهرو هڪدم رليڪس ٿيل.اندر گهڙندي ئي هن زور سان چيو
“سيٺ ڪندنمل آهيو ته چڱا ڀلا؟طبيعت ٺيڪ ٺاڪ؟”
“ها ديوان صاحب بلڪل دُرست اچي ويا اوهين ڀلي آيا جيءُ آيا”
“اڙي بابا ديوان صاحب ڪڏهن کان ٿي ويو.هو ته ميجر آهي۽ سڀ ڪو هن کي ايئن سڏيندو آهي.اهڙي ٻولي ته مون ڪڏهن به ڪانه ٻڌي آهي،امر ويهو سائين”
اندران سيٺ ڪندنمل جي زال ٻاهر آئي.عجيب ڪپڙا پهريل هئس.هڪ طرح جوپائجامو ،مٿان چولو ،ان مٿان صدري ۽ مٿان وري رئو
هن جي هٿن ۾ ڳاڙهي رنگ جي پاڻيءَ جا ٻه گلاس هئا.
“اچو ڀائو!مون توهان لاءِ اڳ ۾ ئي شربت ٺاهي رکيو هو”
“ڀاڄائي هي اٿيئي منهنجو صدورو پوٽو امر دهليءَ ۾ رهندو آهي ٿورا ڏينهن مون وٽ آيو آهي.”
“اچ پٽڙا ،ويهه،شل ،جڳ جڳ جيئين! شل خوشيون ماڻين ۽ چوڙين وڃان توتان گهوري گهوري!”ٻئي هٿ امر جي مٿي ٿي رکي اهي ابتا ڪري پنهنجن ٻنهي ڪنن سان ڇهي گهور وجهڻ لڳي.
هي امان ڇا پئي ڪري؟امر سوچڻ لڳو
“هان پٽڙا پهرين هي شربت پي وٺ”
“ڇا هيءُ شربت گلاب جو آهي؟”ميجر واڪو ڪري پڇيو
“ها ها ابا هيءُ اصلي گلاب جل مان ٺهيل اٿو اسان پاڻ ڪڍيو آهي گلاب جي پنکڙين مان شڌ جل”
“واهه واهه مزو اچي ويوتازن گلابن جي خوشبوءِ فرحت بخش آهي”
“پٽڙا! پهرين پاپڙ کائي پوءِ شربت پيءُ هوءَ امر کي چئي رهي هئي.
“ابا چهر کڻي اچان”
چهر ٻهر ڇڏيو هتي ويهي کائبو ته باقي پنڌ ڪرڻ مان فائدو ئي ڪهڙو؟”ميجر زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو.
“ڀلا چلم مان سوٽا ته ڀريندين نه يار”
“هائو سيٺ واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي!نيڪي پيو ڪرين ۽ پيو پڇين؟”
“آڻ هتي چلم تيار آهي نه؟”
“ها سائين توهان لاءِ تيار رکي اٿم سڀ حاضر آهي!” هن چلم هن کي وڌائي ڏني.
هيءُ ته ڪجهه حقي جهڙو آهي ..امر سوچي رهيو هو.
“هان وٺو هيءُ نڙ ۽ لڳايو سوٽا”
ميجر چلم مان سوٽا ڀرڻ لڳو.
“واهه ٻيلي ڇا ته لطف وٺايو اٿئي!”(گڙ گڙ گڙ گڙ)
“اڱ ته سڪل آهن نه ديوان”
“هائو سائين هائو”(گڙ گڙ گڙ)
“اچي پيو نه لطف ديوان”
“هائو سائين ڪهڙي ڳالهه ڪجي”
امر واري وَٽيءَ سان انهن ٻن ٻڍڙن کي حيرت وچان تڪي رهيو هو جيڪي انهن لمحن جو خوب آنند وٺي رهيا هئا.
نيٺ ميجر نڙ پاسيرو رکيو ۽ چوڻ لڳو”هاڻي موڪل ڏيو ته هلون”
“ٻڌو پرينهن توهان لاءِ ڪُٽ جي وٽيءَ ۾ دسي دارون تيار رکندس وٺندا نه چشڪيون ان جون”
“ها سائين اهڙيون مخمور چيزون آڇيندا ته صدقي صدقي”
“ديوان توهين خوش ته اسين اول خوش”
“توهين ته مون کي ٻالڪپڻ جون يادگيريون تازيون ٿا ڪرائي ڇڏيو جڏهن اسان جا وڏا سنڌ جي اڱڻن ۾ هر شام ڪُٽ جي وٽين يا تسرين مان دارونءَ جا مزا ماڻيندا هئا ۽ اسان ٻارنکي آڱر چٽائي چشڪو ڏياريندا هئا”
“ها ديوان اسين ته تڏهن هئاسين ننڍڙا ٻارڙا هاڻي ته آهيون وقت جي ٻلهاري”
“اها چوس وري ٿا ڏيارو مون کي”
“ادا جو هوندو حڪم”
“هاڻي موڪلايان ٿو اول خير پرينهن ملنداسين.ڀاڄائي آسرو گروءَ جو”
“آسرو گُروءَ جو ابا”
“سدائين گڏ سيٺ”
“سدائين گڏ ديوان”
ميجر ۽ امر ٻاهر نڪتا
“بابا اڄ ته توهان جو بنهه نرالو روپ ڏٺو آهي”
“پٽ هتي اچي مان ڪجهه ٻيو ٿي ويندو آهيان.هت اچي مان اصلي بڻجي پوندو آهيان تو ڏٺو نه!”
“ها بابا “
ٻن ڏينهن بعد جڏهن شام جو پنڌ ڪرڻ واسطي ميجر ٻاهر نڪتو ته گيٽ وٽ امر به تيار بيٺو هو.
“اڙي تنهنجي ڪٿي جي تياري آهي”
“ڪاڪي ڪندن مل جي گهر”
ڇو بابا کِلو ڇو ٿا؟”
“جهٽ ڪاڪو بڻائي ڇڏيس”
“ڇو نه بابا؟”
“ها ڇو نه ڇو نه”
---- *** ----