17. شاديءَ جي پهرين رسم
“بس ايئن ئي”
“هلو هلو هيڏو شاديءَ جو گوڙ ۽ مزو لڳو پيو آهي.”
“نه نه مان ٺيڪ آهيان”
“اڙي ريشما هتي اسين تنهنجي لاءِ ترسيا ويڍا آهيون”ڪنوار ماءُ واڪو ڪندي چيو،”ستن سهاڳڻين جا ساٺ ٿيڻا آهن.اسين هتي رڳو ڇهه آهيون اچ اچ جلدي اچ”
“ممي آنٽي هتي ويٺي آهي هن کي سڏيو ها نه؟” ريشما چيو
“هاڻي تون اچي ويٺي آهين؟جلد اچ.”
ريشما ڇهن سهاڳڻين سان وڃي شامل ٿي.
“پر آنٽيءَ کي به ته ڪوٺيو نه”
ممي هن کي شوڪيندي چيو”هاڻي ماٺ ڪر! توکي سهاڳڻين جي مطلب جي سُڌ آهي نه؟”
“پرممي منهنجي شاديءَ مهل به ته آنٽي ساٺ سوڻ ۾ شريڪ ٿي هئي نه؟”
“تنهنجي سمجهه کي ڇا ٿيو آهي؟ان وقت انڪل هئا نه!”
ريشما وات تي هٿ رکندي چيو”اڙي ها ...پر سو ڇا ٿيو؟”
“چپ ڪر!....مان گهر هلي سمجهائينديسانءِ.”
“مون کي هتي سمجهاءِ”ريشما ضد ڪندي چيو
تڏهن ڏاڏيءَ ٻوڪ ڏنو”مان ٿي توکي سمجهايان...شاديءَ جي ساٺ سنوڻن مهل نئين نويليءَ مٿان ڏهاڳڻ جو پاڇو به نه پوڻ گهرجي.اهو اُپسون آهي!”
“اهي سهاڳڻ ڏهاڳڻ ڇا ٿينديون آهن؟”ريشما کان زور سان وات مان نڪري ويو.سڀ زالون سهمجي ويون ۽ ان جڳهه ڏانهن نهارڻ لڳيون جتي آنٽي ويٺي هئي.
اها جڳهه خالي هئي!