27. چهري مٿان چهرا
“اڙي پريتي ان ڳالهه کي نه وسار ته ڪنهن زماني ۾ هوءَ”مس پونا” رهي چڪي آهي ۽ راشٽريه سطح تي هوءَ انعام کٽي چڪي آهي.تنهن کانسواءَ هوءَ ماڊل به ته رهي چڪي آهي،ڪنهن وقت”
“ها ڪنهن وقت! هن وقت هن جي عمر گهڻي هوندي؟ جوان جماڻ ڌيءَ اٿس ذري گهٽ سَسُ ٿيڻ واري آهي.”
“هن جي عمر چاليهن پنجيتاليهن سالن جي وچ ۾ هوندي ضرور.”
“پوءِ به ڏس نه ڪهڙي نه ٺاهوڪي پئي لڳي.چهري تي عمر جا نشان ڪٿي اٿس؟” پريتيءَ چيو.
“مڃان ٿي .پر هوءَ پاڻ تي محنت به ته ڪيڏي ٿي ڪري! سڄو ڏينهن جم(gym) ۾ پيئي آهي.ڊائيٽنگ به زبردست ڪندي رهندي آهي ۽ پارلر ته آهن ئي آهن.”
“ها ان طرح جي اوچي طبقي جون عورتون جيڪي پروفيشنل ناهن يعني اسان وانگر نوڪريون نه ٿيون ڪن.انهن کي ته بس وقت ئي وقت آهي ۽ سهوليتون به ته هر طرح جون ميسر آهن.”
“سندس ڏيراڻي رتو به ته ان ساڳي قطار ۾ آهي.”
“ها ڇو نه هي سوسائٽي ليڊيز ائين ئي آهن.پنهنجي شڪل ۽ فگر مينٽين ڪرڻ ۾ استاد هنن ۾ چٽا ڀيتي به ته زبردست آهي.هر ڳالهه ۾ ڪپڙن ۾ ،فيشن ۾،موٽرن ۾ ،ايتري قدر جو موبائيل فون ۾ به ڪنهن جو موبائيل گهڻي ۾ گهڻو ماد آهي مهانگو آهي ۽ بهترين.”
ٻئي کلڻ لڳن ٿيون.”ٻالڪيون آهن ڄڻ ته.” راج چيو
“ڇا ٿيون ڪپڙا پائين ۽ ڇا ٿيون شاپنگ ڪن.”
“مگر سشما جي گهوٽ پريم جو نالو ته اهڙو سٺو ناهي.”
“اهڙو سٺو ناهي جو مطلب ڇا؟.”
“اڙي سڄو ڏينهن ريس ڪورس تي پيو آهي ياڪلبن ۾ ساهيڙيون به جام اٿس”
“تون ئي ٻڌاءِ ساهيڙيون ڪنهن کي ڪونهن؟اهو به ته فئشن آهي اسان جي طبقي جو سُشما وري ڪهڙي کير ۾ ڌوتل آهي.”
“يعني”
“ڇا توکي خبر ناهي؟” هن جا ڪيترائي افيئرس پيا هلن لڳاتار اڄ هِن سان سڀان هُن سان”
“واقعي! ڏاڍيون عجيب ڳالهيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ڄاڻڻ سڀ ٿا پر ڪڇن ڪونه ٿا.مڙسن کي ساهيڙيون آهن ته زالون به گهٽ ڪونهن.اهي به ته دوست رکي ويٺيون آهن.
“وقت بوقت بدلين به پيون.”
“ٻاهران سڀ ٺيڪ ٺاڪ لڳي رهيو آهي پر اندر وڏا گهوٽالا آهن.”اوڏي مهل سشما کلندي ٽڙندي هنن جي گروپ وٽ آئي ۽ هڪ خالي ڪرسي ڇڪي ويهي رهي.”هلو راج! هاءِ رتو ! توهين سڀ آرام سان آهيو نه؟سڀ اوڪي آهي نه؟”
“او ييس بلڪل فرسٽ ڪلاس نائيس پارٽي!”
“ٿئنڪ يو توهان سڀني کي ڊرنڪس وغيره ته هٿن ۾ آهن نه؟او گڊ ويٽر ويٽر ..هتي سنئڪس وغيره سَروِ ڪر”هن ويٽر کي سڏيندي چيو.
“سشما تون اسان جي چنتا نه ڪر.اسين مزي ۾ آهيون.تون پنهنجي ٻين مهمانن کي وڃي ڏس ڀلي!”
“اوڪي” چئي سشما ٻينمهمانن جي سنڀال لهڻ هلي ويئي.اها ئي کلندڙ مشڪندڙ چهه ٻهه ڪندڙ سشما.
ٿوري دير بعد.
“ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وئي آهين پريتي؟”
“مان سوچڻ لڳي آهيان راج ته هو صحيح آهن يا اسين صحيح هيون سين.”
“مان سمجهي ويس ته تون ڇا ٿي چوڻ چاهين؟”
“ڏس هي ڪيئن سمجهوتا ڪري ويٺيون آهن! چهري تي چهرو لڳائي پيون گهمن ڦرن! هنن جا ته گهر ڪونه ڊٺا نه؟هي سڀ ته ٻنهي جهانن جا سُک ماڻي رهيون آهن.اسان هٿ وٺي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو.”
“اجايو پاڻ تي افسوس نه ڪر.اسان جيڪي ڪيو سوچي سمجهي ڪيوسين.جيڪا ان وقت جي تقاضا هئي.ان کي منهن ڏنو سين.ڇا تون هنن وانگر ٻهروپي جيون گهاري سگهين ها؟اندران هڪڙي ۽ ٻاهران ٻي؟”
“اصل به نه هرگز نه اهو ممڪن ڪونه هو اهائي ته اسان جي ڪمزوري آهي؟”
“اها ڪمزوري ناهي .اها اسان جي طاقت آهي.”راج پختي لهجي ۾ چيو.
“ڏس اسين ٻئي ساڳيءَ ڪشتيءَ جي ياترا ڪري رهيون آهيون.تو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي مڙس کي ڇڏيو توکي پنهنجا سبب هئا.اسين برداشت نه ڪري سگهيون سين ۽ الڳ ٿي ويون سين.”
“پر ڪيڏو ڀوڳڻو پيو! اسان کي ته جدوجهد ڪرڻي پئي پر ٻارن کي به بي گهر ٿيڻو پيو.ڪيڏو سَٺو آهي هنن ويچارن.” پريتٿيءَ چيو.
“پر نيٺ پار پيون سين نه؟ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي سواڀمان کي قائم رکي سگهيون سين! آهي ايئن يا نه؟”
“تون ڇا ٿي سمجهين هنن جا ٻار ڪونه ڀوڳيندا هوندا؟سڀ اکين سان ڏسندا هوندا ،سمجهندا هوندا هنن جي اڳيان ڪهڙا مثال آهن؟”
“پر اسين فيصلو ڪرڻ وارا ڪير آهيون؟”پريتيءَ تياڳ جي ڀاونا” سان چيو.
“ها سچ ٿي چئين اسين ڇو ٻين جا فيصلا ڪريون؟اسان پنهنجي جيون جا فيصلا پنهنجي سمجهه مطابق ڪيا.”
“اڙي توهين ڪهڙين ڳنڀير ڳالهين ۾ غلطان آهي؟”ونيتا جي آواز ٻنهي ساهيڙين کي چونڪائي ڇڏيو.”
“ها ڀائي ڏسو ٻه پروفيشنل ۽ انٽليڪچوئل ليڊيز ڪنهن پيچيده گنڀير مسئلي جو حل ڳولهڻ ۾ رُڌل آهن” ونيتا جي گهوٽ سنجوءَ هنن کي چيڙائيندي چيو.
“سنجو يو ناٽي مين ڊونٽ بي سارڪئسٽڪ “راج ڪوڙيءَ ڪاوڙ مان چيو.
“چڱو پنهنجي پنهنجي کيتر ۾ سڦل ليڊيز ٻڌايو ڪهڙو سنجيده سبجيڪٽ آهي اوهان جو.”
“سچ ٻڌايانو سنجو اسين سشما ۽ اهڙين ٻين عورتن جي زندگيءَ جي پنهنجي زندگين سان ڀيٽ ڪري رهيون هيون سين.”
ونيتا عجب کائيندي چيو”اڙي سشما ۽ توهان جي زندگين ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ڪهڙي سمانتا آهي آخر.”
“آهي نه”
“ڪيئن”
“توکي پريم جي ناموس جي ته خبر آهي نه؟”
“ڪهڙي ناموس ؟”
“اڙي هن کي ڪيتريون ساهيڙيون آهن؟ ڪيڏي فاسٽ لائيف اٿس؟هي پتنيون ڪيئن برداشت ڪري ويٺيون آهن؟اسان ڇو نه ڪيو؟”
سنجو سوچ ۾ پئجي ويو.
“هنن به پنهنجي لاءِ ڪي رستا ڳولهي ورتا هوندا.”
ٽيئي زالون کلڻ لڳيون.
“لڳي ٿو سنجو ته تون اسان جي سوشل گاسپ کان چڱي طرح واقف آهين.”
پريتي کلندي چيو “لڳي ٿو سشما جي سوشل لائيف جي صحيح رڳ تي هٿ رکيو آهي سنجوءَ”
“ٿئنڪ يو پريتي توهان مون کي مورک سمجهيو آهي ڇا؟پر منهنجي جواب تي ڌيان ڏيو.مون چيو “رستا ڳولهي ورتا هوندا؟” مون ڪونه چيو “رستا ڳولهي ورتا آهن”
“ساڳي ڳالهه آهي توکي ڄاڻ آهي ته هنن ڳولهي ورتا آهن.”
“ته پوءِ”
“مون چيو ته هي سمارٽ زالون آهن.اسن کان وڌيڪ عقلمند آهن.جيئن تيئن سمجهوتا ڪريٻنهي جهانن جا سُک ماڻي رهيون آهن.شايد اسان ئي ڪجهه غلط ڪيو.”پريتيءَ سمجهاڻي ڏيندي چيو.
“مون کي توسان ان ڳالهه تي اختلاف آهي پر مان پنهنجو رايو پاڻ تائين محدود رکڻ چاهيندس.”
“پر ڪجهه ته ڪامينٽ ڪر.”
“ڏس هر ڪنهن جون حالتون نراليون آهن.سڀاوء نرالا آهن.سُور برداشت ڪرڻ جي شڪتي نرالي آهي.پڻ زندگيءَ ڏانهن رويو سڀ کان اهم چيز آهي رويو يعني ائٽيٽيوڊ ڪن به ٻن ڌرم پتنين جي حالتن ۽ فيصلن کي ڀيٽڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي.توهان کي ڇا ڪنهن کي به نه!”
تون شايد ٺيڪ چئي رهيو آهين”پريتيءَجواب ڏنو.
“پر مان سمجهان ٿو ته We are the best “هن ونيتا جي ڳلي ۾ ٻانهن وجهندي چيو.”اسان جهڙو ٻيو ڪو جوڙو هوندو ئي ڪونه.”
“هيل تائين” ونيتا هنکي وچ ۾ ٽوڪيو.
“ڇا مطلب؟”
“سو فار سو گُڊ So for so good”
يعني توکي آئيندي تي ڀروسو ناهي؟توکي شڪ آهي.پاڻ تي ۽ مون تي به؟”سنجوءَ عجب وچان چيو.
“ڪجهه چئي نٿو سگهجي”ونيتا ٽهڪ ڏيندي چيو.”زمانو تمام تڪڙو بدلجي رهيو آهي ڊارلنگ” هن ڊارلنگ تي زور ڏنو.
“هل هتان مون کي چيڙائڻ واري.” سنجوءَ زال کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو.
ونيتا ٽهڪ ڏيندي پئي ويئي.
“اوڪي باءِ ليڊيز!”
راج ۽ پريتي ڪيتري دير تائين انکلندڙ ۽ مذاق ڪندڙ جوڙي جي پڦٺ ڏانهن نهارينديون رهيون.
سچ پچ اڄ ڪالهه جي جوڙن تي ڪهڙو بقاءُ آهي؟” راج چيو.