5. نِڌڪڻي
“بڄايو بچايو”
بادلن جي گجگوڙن جهاز جو توتارو منهنجا واڪا ،هراس ،شور ۽ پوءِ هڪدم خاموشي!سڀ آواز شانت ٿي ويا.منهنجن اکين جي پنبڻين ۾ لرزش آئي.منهنجي بيڊ روم جون ڌنڌليون ديوارون ڌڏڻ لڳيون.
“ته اهو سڀ سپنو هو! شڪر آهي مان ان گوڙ ۾ ڪانه هئس.مون اڃا پنهنجون اکيون کوليون به ڪونه هيون ته وري ننڊ جي چڀيٽ ۾ اچي ويس.
اهو درشيه(ڏيک)منهنجي چيتن(لاشعور) من جي پردي تي ان وقت به اڪريل هئا.طوفان شانت هو.جهاز تڪڙو تڪڙو هلي رهيو هو.
ڇا اهو اسٽيمر هو؟ٻاڦ تي هلي رهيو هو يا پيٽرول تي؟منهنجي من ۾ جڳياسا(اڻ تڻ) جاڳي! مان هيٺ لٿس ۽ ڪئپٽن جي ڪئبن طرف وڌيس.اڙي ڪئبن ۾ ڪير به ڪونه هو.اسٽيمر کي ڪير هلائي رهيو هو؟اهو ته پاڻهي هلي رهيو هو.ها انجڻ هلڻ جو جھيڻو جھيڻو آواز اچي رهيو هو.
ان جهاز کي دِشا(رخ) ڪير ڏيندو؟ان جي اسٽيئرنگ کي ڪير ڦيرائيندو؟ان کي ڀيانڪ ڇپن ۽ پهاڙن کان ڪير بچائيندو؟اهو بنا ڪنهن نظرداريءَ جي هيٺ هلي رهيوآهي،هن جهاز جو ڪو اوهي آهي نه واهي؟ڪو ڪاهڻوارو آهي ئي ڪونه؟هن جو الله ٻيلي آهي! هڪ بندرگاهه نظر آيو.جهاز پاڻهي بيهجي ويو ڪيئن؟بندر جي تختي تي لکيل هو ٽام بواءِ ڪهڙو انوکو نالو آهي؟ڪاچيءَ کان ٽام بواءِ تائين مسافر هيٺ لهڻ لڳا.پنهنجي سامان سوڌا ،باسڻن ،ديڳڙن ۽ ڳٺڙين سوڌا.
پر مان ڪانه لٿس.مان سڀ منظر ڏسندي رهيس.
اتان ٻيامسافر چڙهيا پر هاڻي پيهه ڪانه هئي.
جهاز هاڻي آرام سان هلي رهيو آهي.الڳ الڳ بندرگاهن تي بيٺو ٿي هليو ٿي ڀن ڀن مسافر چڙهيا پئي لٿا پئي.نوان چهرا نوان لباس جتي جتي جهاز بيٺو پئي.ان پرديس جا ماڻهو لوڪ گيت ڳائي رهيا هئا.
لوڪ ناچ ڪري رهيا هئا.ڪيڏي ڀنتا هئي سنسڪريتن ۾ اتي جي ڀاسا ٻڌڻ ۾ آئي پئي،اتي جو لباس ڏسڻ ۾ آيو پئي.اچانڪ اهي ساڳيا جهونا مسافر جيڪي اول اول پهرين بندرگاهه کان مون سان گڏ جهاز ۾ چڙهيا هئا. هڪ بندر کان چڙهڻ لڳا.
وقت وڌي ويو هو شايد هو ڦاٽل لباس ۽ خسته حال سان ڪاچي بندرگاهه تان چڙهيا هئا.مگر هاڻي هو سڻڀا ستابا لڳي رهيا هئا.اُچا ڪپرا سندر ڳهڻا پهري خوشحال ڀاسي رهيا هئا.مون هنن کي سڃاتي ورتو.هي سڀ منهنجا هم وطني آهن.هو مون سان گڏ ڪاچي بندرگاهه تان چڙهيا هئا.مون هنن سان پنهنجي ڀاشا ۾ ڳالهايو ۽ سوال پڇيا.پر هو سمجهي نه سگهيا جواب نه ڏئي سگهيا .مان هنن کي چڱي طرح سان سڃاڻان.پر هو مون کي نه ٿا سڃاڻن.سچ پچ نه ٿا سڃاڻن يا نه سڃاڻن جو ناٽڪ ڪري رهيا آهن؟ڇو مون کي ڪير به ڇو نه ٿو سڃاڻي؟ڇو؟مان نڌڪڻي آهيان؟منهنجي ڀاشا نه ٿي ڳالهائي وڃي؟منهنجي پوشاڪ نه ٿي پهري وڃي؟مون کي پنهنجي ڪا پڇاڻ ناهي؟مون کي پنهنجي ڪا ڀومي ناهي! مان هن جهاز ۾ رُلي رهي آهيان در در جا ڌڪا کائي رهي آهيان.منهنجي نصيب ۾ صرف ڌڪا ئي ڌڪا آهن.مان هن آڪاش ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ لغڙ جيان لٽڪي رهي آهيان.مون کي پنهنجون پاڙون کوڙڻ لاءِ ڌرتيءَ تي جڳهه ناهي؟
مان يتيم آهيان............مان نڌڪڻي آهيان مان زور زور سان واڪا ڪري روئڻ لڳان ٿي......مان ٻاڏائڻ لڳان ٿي.............مان بي آسري آهيان ،بي سهاري آهيان مان نڌڪڻي آهيان!
جهاز مان توتارو وڄڻ لڳي ٿو جهاز جي چمنيءَ مان دونهون مٿي اٿڻ لڳي ٿو ۽ طرح طرح جا آواز منهنجي آواز سان گڏجي وڃن ٿا.مان نڌڪڻي آهيان! ان جوپڙاڏو چو طرف گونجڻ لڳي ٿو.
اوچتو آواز بند ٿي ويا.هڪ سناٽو ! ۽ منهنجو ڪمرو منهنجي اکين سامهون اچي وڃي ٿو.
---- *** ----