21. پرزم جا پرزا
ساري گ س ري م پ ڌ م پ سا
سا پ ڌ م گ ساري گ ساني سا
۽ هن جون آڱريون ستار جي تارن کي ڇيڙي رهيون هيون.ڪڏهن هلي رهيون هيون .ڪڏهين ڊوڙي رهيون هيون تهڪڏهن نچي رهيون هيون .هن جون اکيون ٻوٽيل هيون.مان ڪڏهن هن جي چهري کي ته ڪڏهن هن جي ترڪندڙ آڱرين کي ڏسي رهي هئس.رکي رکي درشڪن جي واهه واهه جي آواز سان هوٽل جو هال گونجي ٿي اٿيو.
مون اکيون پوري ڇڏيون ۽ سنگيت جي سرن ۾ کوڪجي ويس.ريشب(رکب) ۽ شڙج(کوج) جي وچ ۾ هڪ شُرتي(سرن جي وچ ۾ جڳهه) هن اهڙي سهڻي وڄائي جو منهنجيون اکيون اوچتو کلي پيون ۽ ڇت ۾ لٽڪيل جهومر جي لڏندڙ بلورن ۾ اٽڪي پيون.جيڪي سنگيت جي تال تي جهومي رهيا هئا.نتيجي طور انهن ڇهن ڪنڊن وارن شيشن مان انڊلٺ جا رنگ نڪري ڇت ۽ ڀتين تي رقص ڪري رهيا هئا ۽ ان وقت جڏهن تارن تي ترڪندڙ هن جي آڱرين تي نظر پيم تي لڳم ته انهن مان پڻ بلوري رنگن جو چشمو ڦٽي رهيو هو.منهنجون اکيون وري هن جي چهري تي کپي ويون.ڪجهه ته هو هن جي چهري ۾ ڪلا جو جلوو هن جي ساڌارڻ شخصيت کي هن جي ڪلا ٻهڪائي ڇڏيو هو.منهنجي ڪلپنا هن کي اوچو اوچو اڏائي پهاڙ جي شکر(چوٽي) تي پهچائي ڇڏيو.پنهنجون منتر مُڳڌ اکيون وري ٻوٽي ڇڏيم ۽سنگيت جي مڌرتا کي اندر جي گهراين ۾ وڃڻ ڏٺم.
مان خاص پنهنجي شهر ديرادون مان هن مشهور سنگيتڪار کي ٻڌڻ دهليءَ آئي هيس ۽ پنهنجي شاديءَ جي سالگرهه جي پارٽي لاءِ دعوت ڏيڻ پڻ.پروگرام پورو ٿيڻ کانپوءِ مون هن کي پنهنجي شهر ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ پڻ سندس هوٽل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ لفٽ.
گاڏي تيز رفتار سان رستي تي ڊوڙي رهي هئي.ڊرائيور اڳينءَ سيٽ تي هو ۽ مان پٺين سيٽ تي هن جو هٿ اڳينءَ سيٽ جي بئڪ رکيل هو.
مان هن آڱرين ڏانهن نهاري رهي هئس ۽ انهن جي جادوءَ جي باري ۾ سوچي رهي هئس ته هن مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ پنهنجي آڱرين ڏانهن ۽ هن جي لبن تي مرڪ مڙي آئي.
“ميران جي مون ٻيون ته گهڻيئي هل اسٽيشنون ڏٺيون آهن پر مسوري وڃڻ نصيب ڪونه ٿيو اٿم.عرصي کان دل اٿم اُتي وڃڻ جي.”
“ٺيڪ آهي جڏهين ديرادون ايندا ته پروگرام ٺاهي وٺنداسين.”
“سچ”
؛ها فرينڊس جو هڪ گروپ ٺهي ويندو منهنجو پتي به خوشيءَ سان هلندو”“
“نه نه ائين نه”
“تڏهن ڪيئن؟”
“رڳو توهين .....۽ مان ...هلنداسين!”
هڪ مترڪي جو احساس هماليه جي چوٽيءَ تان بلوري شِشو هيٺ ڪري چڪناچور ٿي ويو.