3. اِن پُٽ، آئوٽ پُٽ
“جي ها ،بائي صاحب”
“پَٽ تي ڪارا داغ به برش ۽ صابڻ سان ڌوئي وٺج”
“جي ها بائي صاحب”
“اڄ درين جي ڊسٽنگ به برابر ڪج”
“جي ها بائي صاحب”
مون عجب وچان هن ڏانهن نهاريو
اڄ ڪٿان سج اڀريو آهي؟نه ڪا بهاني بازي ۽ نه ئي ڪا آناڪائي ۽ نه ئي وري ڪم چوري!
“۽ پنج ڪل ڪڻڪ وٺي آئي آهين،سا به سوئي دٻي ۾ پري رکج”
“جي ها ٻائي صاحب”
“۽ اوچتو مون ڳالهه سمجهي ورتي”
هن جي هر روز کان نرالي نمرتا ،نرمائي ،ڦڙتيءَ ۽ چستيءَ جو سبب سمجهي ورتم.
منهنجو انومان صحيح نڪتو،جڏهن ڪلاڪ کانپوءِ هوءَ منهنجي سامهون اچي بيٺي.
مون مسين هلائيندي هلائيندي پنهنجا پير روڪيا ۽ منهن مٿي ڪري چيو”ها،چئو”
“بائي صاحب ،مون کي چاليهه رپيا ائڊوانس کپن.”
“وري ائڊوانس جي ڳالهه”
“منهنجي سس بيمار آهي.هن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻو آهي”
“توکي خبر آهي ته مون کي ائڊوانس وٺڻ جي عادت بلڪل پسند ناهي،ٻئي مهيني ۾ ڇا ڪندينءَ؟
تنهن هوندي به مان اٿيس ۽ ڪٻٽ مان ويهه روپيا ڪڍي هن کي ڏنم هوءَ مُشڪي رهي هئي.
“ٻئي مهيني ان کان به وڌيڪ ائڊوانس وٺڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟”
هوءَ کلندي کلندي پنهنجي ٻٽونءَ ۾ پئسا وجهندي ٻاهر وڃي رهي هئي.
“ڇا هن جي سَسُ سچ پچ بيمار آهي يا اهو رڳو هڪ بهانو آهي؟.....
جهڙي ڦڙتيءَ سان پئسن وٺڻ کان اڳ هوءَ ڪم ڪري رهي هئي اهڙي ڦڙتي جيڪر هر روز جي ڪم ۾ ڪري ته ڪهڙو نه سٺو ٿئي!” مان سوچڻ لڳيس.
ان ڳالهه تي مون کي ٽيو ڏينهن واري ڳالهه ياد اچي وئي.
منوهر ٽوئر تان موٽيو هو،شام جو چوڻ لڳو”هل بازار گهمڻ هلون!”
بازار مان پنڌ ڪندي ساڙهين جي دڪان جي شوڪيس وٽان لنگهياسين.
هڪ سائي ساڙهيءَ کي جنهن تي منهنجي گهڻن ڏينهن کان نظر هئي ڏسڻ لڳيس.منهنجي حسرت ڀري نگاهه جي معني سمجهي منوهر چيو:
“توکي انهن ساڙهين مان ڪا ساڙهي پسند آهي ته وٺين ڇو نه ٿي؟”
مون عجبوچان هن ڏانهن نهاريو
هن ڪنڌ لوڏي چيو”ها ،وٺ نه !”
اسين ٻئي اندر وياسين ۽ مون پنهنجي پسند جي ساڙهي ورتي مان بيحد خوش هيس.
“گهر لاءِ ٻي ڪا شيءِ وٺڻي اٿيئي؟”
مون منوهر جي ان موڊ جو فائدو وٺندي چيو”ها ٽوالن جي ضرورت آهي جهونا ٽوال وڃن پيا ڦٽندا ۽ ڦاٽندا ،وٺون؟”
“ها ،ها ڇو نه ڇو نه”
“واهه! اڄ ته ڪيتري عرصي کانپوءِ من پسند شاپنگ ڪري رهي آهيان”دل ۾ آيو
“ٻيو ڪجهه کپيئي”
“پنهنجي لاءِ چمپل وٺان؟”
“اڙي پڇين ڇو ٿي؟وٺ نه!”
۽ ان رات ٿڪ هوندي به ،نه چاهيندي به مون کي......................!
---- *** ----