ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

23. ٽاڪو نئون شيشو

راجن راڪيٽ جيان اسڪول بس مان هيٺ لٿو.آپا جيڪا اُتي هن لاءِ ترسيل هئي.ان جي پرواهه نه ڪندي.ڊوڙندو ڊوڙندو گهر وٽ پهتو.لت سان گيٽ کوليندي .ڪمپائونڊ لتاڙي گهر جي کليل دروازي مان گهڙي ڪلهن تي لٽڪيل ٿيلهو تڪڙو لاهي.صوفا تي ڦٽو ڪري وڃي ماءُ کي چنبڙيو.
“اڙي راجن جُتي مٽيءَ سان ڀريل ۽ وار جهنگلين وانگر وکريل هتان هليو وڃ.پهرين جُتي لاهي هٿ منهن ڌوئي صاف سٿرو ٿي اچ ۽ پوءِ اچي مون سان ڳالهاءِ”
“ او مما ڏاڍي بک لڳي اٿم ڪجهه کائڻ لاءِ ڏي نه”
ماڻس هٿ ۾ نئپڪن ڏيندي باٿ روم طرف اشارو ڪندي چيو”پهرين واش ۽ پوءِ ٻي ڳالهه”
راجن ماءُ جو چيو مڃي هٿ منهن ڌوئي ميز جي ڪرسيءَ تي ويهي.پليٽ مان سئنڊوچ کائڻ لڳو ۽ کير جا تڪڙا تڪڙا ڍُ ڪ ڀرڻ لڳو.
“ٻڌ راجن کائي وڃي يڪدم هوم ورڪ لاءِ ويهڻو اٿيئي.راند ڪرڻ پوءِ وڃج.هڪوار ٻاهر نڪتين ته هوم ورڪ ڇٽو.سمجهين ٿو منهنجي ڳالهه؟شام جو منهنجي ڪِٽي پارٽيءَ جي ميٽنگ آهي.”
“او مما روز روز ميٽنگ”راجن شڪل ٺاهيندي چيو.
“بس بس گهڻو ٿيو! پنهنجو ڪم ڪر.”
اوچتو پٺيان قدمن جي آهٽ ٻڌي راجن ٽپو ڏئي ڪرسيءَ تي چڙهي بابا جي گلي ۾ کڻي ٻانهون وڌيون.”بابا آءِ لو يو”
“يس ڊيئر آءِ لو يو ٽو”رميش پٽ کي ڳراٽڙي پائيندي چيو.
“دئٽ از انف راجن! جلدي پنهنجو ڪم پورو ڪر”سنيتا ڇڙٻيندي چيو
“او مما پيار ڪرڻ ڏي نه “
رميش پٽ جي مٿي تي هٿڙو ڦيري باٿ روم ڏانهن هليو ويو.
تيسيتائين سنيتا چانهه جي ٽري ۽ سئنڊوچز جي پليٽ ميز تي رکي.رميش ٽوال سان منهن اُگهندو ٻاهر آيو ۽ سئنڊوچز کائڻ شروع ڪيائين.سنيتا ڪوپ ۾ چانهه اوتڻ لڳي.
“سنيتا جلدي ڪم پورو ڪري تيار ٿي.اڄ گرڌر جي گهر پارٽي آهي.منهنجي آفيس جا سڀ ساٿي اچڻا آهن.زالن سوڌا مون توکي ٽيون ڏينهن چئي ڇڏيو هو.”
“مان گرڌر ورڌر جي گهر ڪانه هلنديس ،مون کي نه ٿيون وڻن توهان جون اهي پارٽيون.”
رميش ٿورو تکو ٿيندي”مگر سنيتا مون جڏهن توکي ٽيون ڏينهن چيو هو.تو هلڻ قبول ڪيو هو.مون ته تنهنجو نالو به ڏيئي ڇڏيو آهي.سڀ ڇا چوندا؟”
“جيڪي کپين سو چون انهن زالن مان هڪڙي زال آهي جنهن سان مان ڪجهه ڳالهائي سگهان ؟مان اتي اصل منجهان پيئي..ڀلا مان پاڻ کي تڪليف ۾ ڇو وجهان؟مون کي ڪلب ۾ وڃڻو آهي.مون کي سنگيتا پڪ اپ ڪرڻ اچڻي آهي.”
“او ڊئم اٽ تون ته منهنجي عزت خاڪ ۾ ملائڻ واري آهين؟”
راجن پنهنجينوڏين اکين مان ڪڏهن مميءَ ڏانهن ته ڪڏهن پاپا ڏانهن نهاري رهيو هو.هن جي هٿن مان پينسل ڪري پوي ٿي.سندس هيٺيون چپ لرزڻ لڳي ٿو.جنهن کي هُو پنهنجي ڏندن سان دٻائي ٿو رکي.
“منهنجي ته هلڻ سان توهان جي عزت خاڪ ۾ ملڻ لڳي.سڀ عورتون ٿوروئ اينديون آهن؟ڪي ته ڪنوارا آهن؟
رميش زور سان ميز تي مڪ هڻندي وڏي واڪي”پر منهني مرضي آهي ته منهنجي وائيف مون سان گڏ هلي.”
زور سان “مان ڪانه هلنديس”
راجن آهستي آهستي ڪرسي کسڪائي اٿي روم مان ٻاهر نڪري ويو.ٻاهرئين در مان نڪري گارڊن ۾ ڦيرا پائڻ لڳو.اندران ممي ۽ پپا جي ڳالهائڻ جو آواز اچي رهيو هو.هو بينچ تي ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيو.هن جو چهرو وارن سان ڍڪجي ويو.هو هلڪا هلڪا سڏڪا ڀرڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن رات جو اٺين بجي رميش گهر آيو ته ڏٺائين ته راجن سٽنگ روم ۾ ڪارپيٽ تي ويهي السٽريٽيڊ وويڪليءَ جا پنا ورائي رهيو هو.بابا کي ڏسو ته سهين بورنيٽا جي اشتهار ۾ ڇوڪرو ڪيئن پيو ڊوڙي مسلس ته ڏسوس منهنجا مسلس ائين ڪڏهن ٿيندا؟”
“او ماءِ سن! تون مظبوط ٿيڻ ٿو چاهين؟”
“ها بابا مان اسٽرانگ ٿيڻ ٿو چاهيان”
“مون سان گڏ ڪسرت ڪندين؟يا مون سان گڏ جاگنگ تي هلندين؟”
“اڙي ها پپا جاگنگ تي هلنداسين”هو نچڻ ٿو لڳي.
“ٺيڪ آهي سڀاڻي اٿندين سويل صبوح جو ڇهين لڳي؟”
“ها ها بابا اٿندس”
“ممي کي ڪونه ٻڌائندين؟”
“ڪونه ٻڌائندس بابا “ٽپو ڏيندي
“پڪ”
“پڪ بابا”
“پرامس”
“پرامس بابا”
“هٿ ملاءِ”
هٿ ملائيس ٿو
راجن نچي نچي ڳائي ٿو.
“اسين جاگنگ تي وينداسين
بابا ۽ مان ،مان ۽ بابا
مزو ايندو مزو ايندو
رميش پٽ ک پٺي تي چاڙهي ڳائڻ ۽ نچڻ ٿو لڳي
ٻئي ڏينهن صبوح جو ستين بجي سنيتا گهر ۾ خوب گوڙ مچائي رهي هئي ۽ غصي ۾ آيا کان پُڇي رهي هئي.”ڪيڏانهن ويو صاحب ڪيڏي ويو راجن؟ٻئي گم”
“مون کي ڪا خبر ناهي مئڊم”
“ڪمال ڪيو اٿن بس هليا ويا بنا ٻڌائڻ جي بنا چتائڻ جي راجن جي اسڪول جو وقت اچي ڀريو آهي.”
رميش ۽ راجن اڇيون قميصون ،اڇا شرٽس ۽ جاگنگ شوز پهريل سهڪندا سهڪندا گهر ۾ گهڙن ٿا ٻنهي جا چهرا پگهر ۾ تر آهن.
سنيتا واڪي سان”توهان ٻنهي کي ٿيو ڇا هي؟بنا ٻڌائڻ جي بس هليا ويا؟بي جوابداريءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي مان پڇان ٿي هيءَ ڪهڙي فضيلت ٿيندي آهي؟ٻار کي هٿ وٺي ويٺا کاريو؟”
رميش(سهڪندي) “سنيتا هڪ منٽ ترس اسان کي راجن کي سگهارو ڪرڻو آهي نه هن جا مسلس ٺاهڻا آهن نه؟”
“اڙي اسڪول ۾پيئي دير ٿئي ۽ توهان کي مسخري سجهي آهي اصل گنڀير ڳالهه سمجهو ئي نٿا!!! ڏهن منٽن ۾ ڪيئن کائيندو ڪيئن تيار ٿيندو ۽ ڪيئن اسڪول ويندو؟
“ساري سنيتا مون کان وسري ويو”
“ساري چوڻ سان ڪم ڪونه هلندو مون کي توهان جون اهي ڳالهيون اصل نه ٿيون وڻن.”
راجن کي اچي ٿي ٻانهن کان پڪڙي هو ڪڏهن مما ڏانهن ته ڪڏهن پاپا ڏانهن پيو نهاري هن جا چپ لرزڻ لڳن ٿا.جن کي هو پنهنجن مٿين ڏندن سان وٺي ٿو پڪڙي سنيتا ٻانهن کان جهلي اندر گهلي وٺي ٿي وڃينس
ڪجهه ڏينهن بعد شام جو چئين لڳي.سنيتا آرام ڪرسيءَ تي ويهي سويٽر مڙهي رهي هئي ته دروازي جي بيل وڳي.
“ڏس آيا ڪير آهي؟”
آيا اچي ٿي کيس ٻڌائي”بابا جي ٽيچر آئي آهي.توهان سان ملڻ ٿي چاهي.”
“وٺي اچينس اندر”
اٽڪل ٽيهن سالن جي محترمه اندر گهڙي ٿي.
“اچو اچو مسز ميرچنداڻي!توهان تڪليف ڪيئن ورتي؟ رهندا ته ساڳئي پاڙي ۾ آهيون پر گڏجڻ رڳو اسڪول ۾ ٿيندو آهي.اچو ويهو”
مسز سامتاڻي مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.راجن جي باري ۾.”
سنيتا جي شڪل لهي وڃي ٿي ۽ هوءَ ٽيچر جي چهري ۾ چتائي نهاري ٿي.
“چئو مسز ميرچنداني ڪهڙو پرابلم آهي؟ منهنجي راجن ڪجهه ڪيو آهي ڇا؟”
“نه نه راجن ڪجهه ڪونه ڪيو آهي.سچ ته هُو ڏاڍو پيارو ٻار آهي.مان هن کي دل سان پيار ڪندي آهيان پر ...ڪجهه ڏينهن کان هن جي هلت چلت مون کي چنتا ۾ وجهي ڇڏيو آهي؟”
“ڇا ماءُ ٿي توهان کي هن ۾ ڪو فرق نظر ڪونه آيو آهي؟”
سنيتا سوچڻ لڳي ٿي.”هاڻي توهين چئو ٿا ۽ مان خيال ڪريان ٿي ته ...برابر ......مگر مون کي کُليءَ طره سمجهايو؟”
“ته ٻڌو مون مهيني کن کان راجن ۾ ڦيرو ڏٺو آهي.جيڪو ٻار هردم پيو نچندو ٽپندو هو ان ۾ هڪدم خاموشي اچي وڃڻ سٺو اهڃاڻ ناهي.هن جو من ڪنهن ٻئي هنڌ پيو وسي.پڙهڻ ۾ به ڌيان ڪانه آهن.هن مهيني جي يونٽ ٽيسٽ جون مارڪون به سٺيون ڪونه کنيون اٿس.ڪڏهن ڪڏهن هن جي چهري جي ياد کي ڏسي مان ڊڄي ويندي آهيان. اٺين سالن جو ٻار ڪهڙي اونهي خيال ۾ غلطان ٿي ٿو وڃي؟توهين ان ڳالهه جي سمجهاڻي ڏيئي سگهندا؟”
“مسز ميرچنداڻي توهين اجائي پيا ڳڻتي ڪريو.راجن بلڪل ٺيڪ آهي.خوش آهي.هو اسان جو سڪيلڌو لاڏلو پٽ آهي.مان ۽ رميش هن کي بيحد پيار ڪندا آهيون.هو رڳو ڪا شيءِ گهري بس حاضر ٿي ويندي آهي.وڌندڙ ٻار ڪڏهن ڪڏهن مُڊي ٿيندو آهي.مان سمجهان ٿي ته توهان کي اجايو خيال اچي ويٺو آهي.هُو بلڪل ٺيڪ آهي.”
“مسز سامتاڻي .....مون کي معاف ڪجو.توهان اهو جاچيو آهي ته راجن هڪلائڻ يعني اسٽئمر(Stammer)
ڪرڻ لڳو آهي”
سنيتا سوچڻ ٿي لڳي،ٿورو ترسي “ها جي سوچجي ويهي ته راجن جو ڳالهائڻ جو سلسلو ڪڏهن ڪڏهن اٽڪي ٿو پوي....سو ڇا؟”
“اها سٺي نساني ناهي.توهين ان ڳالهه طرف ڌيان ڏيو.مون کي رڳو ايترو چوڻو آهي.”
“توهان منهنجي راجن ۾ ايتري دلچسپي ورتي آهي.مان توهان جي ٿورائتي آهيان.ليڪن توهين بيفڪر رهو ڪابه چنتا جي ڳالهه ناهي.”
“چڱو ڀلا مان هلان ٿي گهڻيئي ڪم رهيل آهن.ٽيوشن تي به وڃڻو اٿم.”
“نمستي وري اسڪول ۾ گڏباسين”
“نمستي”
سنيتا ٽيچر کي در تائين اُماڻي آئي ۽ پوءِ اچي ڪرسيءَ تي ويهي رهي ڪجهه وقت سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ سويٽر مڙهڻ ۾ لڳي ويئي.
ٿوري دير بعد گيٽ کلڻ جو آواز ٿئي ٿوراجن آهستي آهستي ڪمري ۾ گهڙي ٿو.ڪنڌ هيٺ ٿڪل ،ٽٽل ،ٿيلهو ڪلهن تن لاهيپاسيرو رکي،صوفا تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي ٿو.
سنيات “ڇو پٽ ڏاڍو ٿڪو پيو آهين؟”
راجن”ها ممي ڏاڍو ٿڪ ٿيو آهي.”
سنيتا “بک لڳي اٿيئي”
راجن ڪنڌ ڌوڏي”ها” ڪري ٿو.
سنيتا آيا کي سڏي ٿي جا پڪوڙا پليٽ ۾ کڻي اچي ٿي.راجن بيدليءَ سان کائي ٿو.
“راجن هن جمعي تي اسڪول بند آهي نه؟ ٽي ڏينهن مها بليشور هلندين؟”
راجن ڪنڌ مٿي ڪري مميءَ ڏانهن نهاري ٿو.چهري تي ٿوري رونق اچيس ٿي.”ها ممي هلندا....سين”
“اسان جي ڪلب جي ليڊيز هڪ پڪنڪ جو بندوبست ڪيو آهي پنهنجين فيملين سان گڏ.پاپا کي اڄ چونداسين پاپا قبول ڪري ته هلنداسين مزو ايندو نه؟”
“ها ممي”
ٻاهر موٽر بيهڻ جو آواز ٿئي ٿو.ٿوريءَ دير ۾ رميش هٿ ۾ بريف ڪيس کڻي اندر گهڙي ٿو.اچڻ سان راجن جي وارن ۾ هٿ ڦيري ٿو.”هاءِ سن”
“هاءِ پاپا”
رميش باٿ روم ۾ وڃي ٿو.ٽوال سان منهن اُگهندو ٻاهر اچي ٿو.ميز جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهيپڪوڙا کائڻ شروع ڪري ٿو.سنيتا چانهن پاڻي شروع ڪري ٿي.
سنيتا:”ٻڌو اسان جي ڪلب جي ليڊيز هن ويڪ...اينڊ تي مها بليشور جي ٽرپ جو بندوبست ڪيو آهي.فئملين سان گڏ. راجن کي جمعي ڏينهن موڪل آهي.توهين به ٻه ڏينهن موڪل وٺو.ڪيڏو نه لطف ايندو.”
راجن پنهنجيون وڏيون وڏيون اکيون کڻي مٿي پيءُ ڏانهن نهاريو ٿوري دير خاموشي.
“مون کي ڪونه هلڻو آهي؟”
“مان پُڇي سگهان ٿي ته ڇو؟”
“آرتوار ڏينهن شام جو اشوڪ جي گهر ميٽنگ رکي وئي آهي.تنهن کان سواءِ تنهنجين ساهيڙين جي مڙسن جي ڪمپنيءَ ۾ مون کي مزو ڪونه ايندو.”
“مگر اسان ٽنهي لاءِ مهابليشور جي آبهوا خوشگوار ۽ مفيد ٿيندي پليز”
“مون چيو نه ته مان ڪونه هلندس.راجن به ڪونه هلندو سمجهئه نه؟توکي کپي ته تون وڃ پنهنجين ساهيڙين سان گڏ.”
راجن جي چپن ۾ چرپر اچي ٿي ۽ اهي لرزڻ لڳن ٿا.جن کي هو پنهنجن مٿين ڏندن سان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
آهستي آهستي هُو اُٿي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.باغ جي بينچ تي ويهي چهرو گوڏن ۾ لڪائي زار زار روئڻ ٿو لڳي.
ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جو ڪمرو
هڪڙي ڪُنڊ ۾ ڊيسڪ پيئي آهي.ٻئي پاسي هڪ سوڙهو پلنگ جنهن جي مٿان سفيد چادر وڇايل آهي.شيشي جي ڪٻٽ ۾ دوائن جون ٻاٽليون پيون آهن.
ڊيسڪ جي سامهون واريءَ ڪرسيءَ تي ڊاڪٽر پاسي واري ڪرسيءَ تي سنيتا سامتائي ۽ سنيتا جي سامهون واري ڪُرسيءَ تي رميش سامتائي ويٺا آهن.
رميش منجهيل پنهنجو مٿو ٻنهي هٿن ۾ جهلي ويٺو آهي.سنيتا ڪنڌ هيٺ ڪري هلڪا هلڪا سڏڪا ڀري رهي آهي.۽ رومال سان اکيون اُگهي رهي آهي.
سنيتا “ڊاڪٽر ڊاڪٽر ڪجهه ڪريو! منهنجي راجن کي بچايو اسان کانوڌيڪ برداشت نه ٿو ٿئي.”سڏڪا ڀري روئي ٿي.
ڊاڪٽر:”مسز سامتاڻي مون توهان کي وري وري چيو آهي ته توهين پاڻ کي ضابطي ۾ رکو،ڪنٽرول ۾ رکي توهان جو روئڻ رڙڻ کيس وڌيڪ ڪمزور بڻائيندو.پهرين روئڻ بند ڪريو ۽ ٿڌي سيني مونکي ٻڌايو ته ڪالهه ڇا ٿيو؟”
سنيتا اُٿي واش بيسن ۾ منهن ڌوئي ٿي،نڪ صفا ڪري.چهرو اُگهي ڪرسيءَ تي ويهي ٿي.
“ڊاڪٽر راجن ڪوشش ڪري ٿو پر ڳالهائي نه ٿو سگهي.ممي ۽ پپا اکر به ڏاڍي مشڪل سان وات مان ٿا نڪرنس.نه کلي ٿو نه ڳالهائي ٿو رڳو پيو ئي پيو آهي اونگهه ۾”
ڊاڪٽر :”اها چنتا ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڇو جو اهو منهنجين دوائن جو اثر آهي رات جو ڇا ٿيو؟”
سنيتا “ڊاڪٽر رات جو ٻه دفعا راجن واڪا ۽ ڪيڪونڪري اٿيو”وري روئڻ ٿو اچي وڃيس.پر پاڻ کي روڪي ٿي وٺي.
“ساري ڊاڪٽر راجن جو سڄو بدن پگهرجي ويو ۽ چپ ڦڙڪڻ لڳس.مون راجن کي پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيو.هو به مونکي چنبڙي پيو.آهستي آهستي پيار ڪري سمهاري ڇڏيو مانس.”
ڊاڪٽر:”هي توهان ٻنهي جي صبر جو امتحان آهي صبر ڪندا ۽ جيئن مان چوان ٿو تيئن ڪندا ته راجن ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.”
سنيتا:”ڊاڪٽر صاحب توهانکي راجن کي ٺيڪ ڪرڻو ئي پوندو.سائڪياٽريءَ هيڏي ترقي ڪئي آهي.ڇا اسان جي جگر جو ٽڪرو ابهم ٻار اسان جي اکين اڳيان پيو پيڙا ڀوڳيندو؟نه نه ڊاڪٽر نه! مان هٿ ٿي جوڙيان پيرين ٿي پوان.منهنجي لعل کي بچايو”(وري اچي ٿي روئڻ ۾ ڇٽڪي)
ڊاڪٽر(زور سان) مسز سامتاڻي بس ڪريو.جذباتڻ نه بڻجو توهان جي جذبات اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه بگاڙيو آهي .هاڻي شانت ٿي وڃو.هن وقت توهان جو صبر ۽ ضابطو ئي ڪم ايندو.ٻيو ڪجهه به نه سمجهيو ڳالهه؟توهان ٻنهي زال مڙس ٻار اڳيان جهڳڙا ڪري معصوم ٻار جي دل جي نازڪ شيشي کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو.ڇا توهان جو اڃا ڍوء نه ٿيو آهي؟توهان کي دُکي ڏسي روئندو ڏسي راجن اڃا به وڌيڪ بيمار ٿي پوندو(سنيتا هلڪا هلڪا سڏڪا) پنهنجي ٻار جي خاطر پنهنجي جگر جي ٽڪري جي خوشيءَ خاطر توهان کي خوش رهڻو آهي.توهان جي دل ڀلي روئي پر ٻاهران کلڻو اٿو.پنهنجين ڀُلن پنهنجين خطرناڪ چُڪن جو پرائشچت(پڇتاءُ) ڪرڻو پوندو...ڪندا؟اٿو قبول؟”
سنيتا ۽ رميش گڏ(روئي روئي) “ها ڊاڪٽر ڪجهه به ڪنداسين”
ڊاڪٽر”روئي روئي نه مُشڪي مشڪي ،کلي کلي”
سنيتا ۽ رميش(زوريءَمشڪي) “ها ڊاڪٽر اسين ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهيون”
ڊاڪٽر: “گُڊ پنهنجي چنتا ۽ ڳڻتي راجن اڳيان ظاهر نه ڪريو.پاڻ ۾ پريم ڏيکاريو.” ٻئي ڪنڌ ڌوڻين ٿا.
ڊاڪٽر:”جيئن جيئن توهين روئڻ بند ڪندا واه وواه بند ڪندا.جذبات جو نماءُ بند ڪندا پيار ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندا.راجن ۾ فائدو ڏسڻ ۾ ايندو.ان ڳالهه جي مونکي خاطري آهي.توهان جي سهڪار سان ئي مان اڳتي وڌي سگهندس.”
رميش:”پر ڊاڪٽر راجن ٺيڪ ڪڏهن ٿيندو؟”
ڊاڪٽر:”اهو چوڻ ڏکيو آهي.هاڻي توهين ٻاهر وڃو ۽ راجن کي اندر وٺي اچو.(ٻئي وڃڻ لاءِ اٿن ٿا) ياد ڪجو مون توهان کي ڇا ڇيو آهي؟”
ٻئي ڪنڌ ڌوڻين ٿا ۽ ٻاهر وڃن ٿا.
ٿوري دير کان پوءِ نرس جي مدد سان راجن کي اندر وٺي اچن ٿا.هڪ پاسي ماءُ جي ۽ ٻئي پاسي پيءُ جي گلي ۾ ٻانهن وجهي راجن آهستي آهستي منڊڪائيندو اندراچي ٿو.پٺياننرس هن کي چيلهه کانپڪڙي پئي هلي.ٽيئي گڏجي هن کي پلنگ تي ليٽائن ٿا.
وڏيون وڏيون اکيون ڦاڙي راجن ڊاڪٽر ڏانهن وائڙن وانگر نهاري رهيو آهي.
رميش ۽ سنيتا راجن ڏانهن نهاري زوريءَ مشڪن پيا.هڪ ٻئي ڏانهن نهاري به مشڪن پيا.رميش سنيتا جو هٿ ٿو پڪڙي ۽ هن جي وارن تي هٿ ٿو ڦيري.سنيتا ڏانهن نهاري مشڪي ٿي.راجن وري عجب ۾ ٻنهي ڏانهن ٿو نهاري ڪڏهنپيءُ ڏانهن ته ڪڏهن ماءُڏانهن.
راجن جي چپن تي مٺي مرڪ اچي ٿي.هو ماءُ پيءُ کي هلڪو هلڪو گونگو مشڪندو ڏسندو ٿو رهي.سنيتا ڊاڪٽر ڏانهن نهاري ٿي ڊاڪٽر مشڪي ڪنڌ ڌوڻي ٿو ڄڻ ته هنن کي شاباس ڏيئي رهيو آهي ۽ ڏيئي رهيو آهي ڏڍ”!