ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

1. مرچي پارٽي

مهيش آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هو.ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ سامهون ڪوٽ پهري رهيو هو ته انيتا اڳيان وڌي آئي ۽ سندس ٽاءِ جي ڳنڍ سنوارڻ لڳي.ڏانهنس پيار وچان نهارڻ لڳي
“ڇو ڪهڙي ڳالهه آهي”اڄ تنهنجو پيار پيو اڇلون ڏئي؟
توهان کي ٽاءِ ٻڌڻ به ڪٿي ٿي اچي پورِي؟هن نخري سان چيو
“اڄ مطلب جي ڳالهه تي !”
“ٻڌو اڄ مون تي هڪڙي مهرباني ڪندا ؟”
“مهرباني”
“ها رات جو ٿورو دير سان اچجو پليز !”
ڇو؟
“ڪلب مان ڊنر کائي ايندا ته بهتر ٿيندو”
“مان پڇان ٿو آخر ڇو؟”
“اڄ رات اسان جي گهر ۾ ليڊيز ڪلب جي پاران ڊنر رکيل آهي”
“سو ڇا ؟ڇا مرد ان پارٽي ۾ شامل ڪونه ٿيندا؟”
“نه نه هن ڀيري “ليڊيز پارٽي”آهي”
“اڳئين ڀيري ته گڏيل سڏيل پارٽي هئي.زالون مڙسن سوڌيون آيون هيون”
“اڳئين ڀيري جي ڳالهه الڳ هئي .ان وقت اسان فئشن شو جيان ڪجهه ڪيو هو لباس لاءِ به هڪ خاص ٻنڌن رکيو هوسين.هن ڀيري به رکيون اٿئون”
“ها ،مون کي ياد آهي اها پائجاما پارٽي هئي.”
انيتا کلڻ لڳي”سڀني کي رات جي ڪپڙن ۾ اچڻو هو ۽ سڀني ائين ئي ڪيو .ڪيڏو مزو آيو نه ؟ڪي نائيٽ سوٽ ۾ ڪي زالون نائٽيز ۾ ڪي گائون ۾ ڪن ته خاص ڪپڙا ويهي سبايا هئا.”
“ها ڪافي دلچسپ هئي اها پارٽي هن دفعي جو ٽاپڪ ڪهڙو رکيو اٿو”
“مرچي پارٽي”
“اڙي واهه تڏهن ته ڪافي انٽريسٽنگ ٿيندي”
تڏهن ڇا؟
“۽ خوب لطف ايندو”
“اڙي ،توهان کي ٿوروئي اچڻو آهي؟”مردن کي اچڻ منع آهي”
“اڙي اهڙو ظلم ڇو؟”
“ساري ،مرد اچي ڪونه سگهندا.”
“اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن کي توهين مردن کان لڪايو ٿيون”
“اها ڪلب زالن جي آهي زالون ئي سڀ قاعدا ٺاهينديون آهن قاعدن جو پالن ته ڪرڻو ئي پوندو نه !”
“اڙي واهه! اسان جي ئي گهر ۾ اسان تي ئي قاعدا لاڳو ڪيا ويا وڃن؟اهو ته سراسر انياءُ آهي!”
“بس ائين ئي آهي”
“پر اسان جو ئي گهر ڇو چونڊيو ويو آهي؟”
“مون پاڻئي ته آڇ ڏني.ڇا مان پنهنجو گهر آفر نه ٿي ڪري سگهان؟”
“ڪري سگهين ٿي .مگر مان به ته گهر جو ڀاتي آهيان.مون کي ته اچڻو پوندو ۽ اچڻ گهرجي”
نه نه مردن کي اچڻو ناهي.مان رُڪئيسٽ ٿي ڪريان اوهان ته پليز رات جو گهر ۾ دير سان اچو”
“گهڻي بجي”
“يارهين بجي کانپوءِ”
“يعني ته سڀاڻي گهر اچان ته بهتر ؟اها ته زبردستي آهي سڄي رات گهر مان نيڪالي ملي آهي مون کي”
“اڄ مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه مڃو نه ! منهنجي واسطي”انيتا مهيش جي ڳلي ۾ ٻانهون وجهندي چيو

“يار اميت اڄ تنهنجو ڪهڙو پروگرام آهي”مهيش پنهنجي آفيس مان فون تي ڳالهائي رهيو هو.
“ڇو ڇو ٿو پڇين اهو سوال؟”
“اڄ مان آفيس ۾ دير تائين ڪم ڪندس.اٽڪل ساڍي ڇهين لڳي تائين تون ڪلب اچين سگهندين؟”
“ها ها مان فري آهيان”
“برج جا ٻه ٽي رائونڊ کيڏنداسين ۽ پوءِ بار ۾ هلي ويهنداسين”
“اڄ اڪيلو آهين؟”
“ائين سمجهه وقت کي ڪيئن به ڪِل (kill)ڪرڻو اٿم
“ مون سان به ته ساڳئي ويڌن آهي”
“اهو وري ڪيئن”
“پڇين ٿو ڪيئن تنهنجي گهر ۾ ئي ته زالن جي پارٽي آهي ۽ مردن جي انٽري تي پابندي لڳائي وئي آهي.”
“مار پشپا به اتي ويٺي آهي؟عجيب ڳالهه آهي اهڙي ڳالهه نه ڏٺي نه ٻڌي”
“نيٺ ماجرا ڇا آهي”“
“خبر پئجي ويندي ڪجهه نه ڪجه ڪبو ضرور”
“ڪو نه ڪو رستو ڪڍي وٺبو”
“تون ڪلب ۾ وقت تي پهچي وڃ ڪجهه سوچي وٺبو”
طئي ٿيل پروگرام مطابق ٻئي دوست ڪلب جي برج روم ۾ گڏيا ڪلاڪ کن برج کيڏڻ بعد بار ۾ وڃي ويٺا ۽ گپ شپ ڪرڻ لڳا
“مهيش هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ آهي دلچسپ پر بيحد ڇرڪائيندڙ”
“ها ڇونه يار”
“اڄ پنهنجي بيڊ روم جي سائيڊ ٽيبل تي مون کي هڪ ڪارڊ لڌو اڄ جي ڊنر جو دعوت نامو ليڊيز ڪلب پاران”
“اڙي جلدي ٻڌاءِ ڇا لکيل آهي ان ڪارڊ ۾”
“لکيل آهي اوهان کي فئنسي پريس پارٽيءَ لاءِ نينڍ آهي “مرچي پارٽي”ڪم ڊريسڊ ائز آهور(Come dressed as a whore)
“هور!”
“يعني طوائف جي پوشاڪ ۾ اچو”
“او ماءِ گاڊ هئو شاڪنگ”
“وڌيڪ لکيل آهي اُتي چٽا ڀيٽي ٿيندي بهترين پوشاڪ واري طوائف کي انعام ڏنو ويندو”
“۽”
“مردن جي انٽري تي بندش آهي”
“شڪر آهي”
“ شڪر آهي ڇو؟”
“اڙي ڪهڙي مرد جو ٻچو چاهيندو ته سندس زال کي ٻيو ڪو مرد اهڙي پوشاڪ ۾ ڏسي”
“واقعي سچ ٿو چوين”
مهيش ٿوري دير خاموش ٿي ويو هو.هن جون مٺيون ٽائيٽ ٿي ويون هيون ۽ سندس چهرو گلابي ٿيندو پئي ويو.جھڻ ته هو پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
“هي ماڊ عورتون ڪهڙا ڪهڙا نوان شغل ايجاد ڪري رهيون آهن !”
صرف پنهجي مزي لاءِ اهڙا وندرائڻ جا ساٽن پيون ڳولهين”
“ڊسگزٽنگ !وري مزو ته ڏسو منهجي ئي گهر ۾ منهنجي ئي اينٽريءَ تي روڪ وڌي اٿن” هن پنهنجي بند مٺ کي ميز تي زور سان هڻندي چيو.
“شانت ٿي وڃ مهيش !جوش ۾ اچڻ مان ڪهڙو فائدو؟”
مهيش چپ
“هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟”
“اسين ته ان کي پارٽيءَ تي هلنداسين ضرور رڳو اسين ٻئي”گهڙيال ڏانهن نهاريندي.”
“ساڍا يارنهن وڄڻ تي پارٽي ڀرپور جوش ۾ هوندي.اسين هلي ڏسنداسين پنهنجي ارڏانگنين کي “ورز” جي لباس ۾”هن جي لهجي ۾ مشڪ هئي ته طنز به”
هنن اتي ئي ڊنر جو آرڊر ڏنو.اها کائي ساڍين يارهين وڳي ڪار ۾ ويهي مهيش جي گهر جو رُخ ورتائون.موٽر ٿوري فاصلي تي بيهاري چپ چاپ دٻيل قدمن سان بنگلي طرف وڌيا.

اندران سنگيت جو آواز اچي رهيو هو پڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ کلڻ جو آواز .سمورو گهر برقي بتين سان روشن هو ۽ سينٽ جي سڳند ٻاهر تائين اچي رهي هئي.اوچتو هنن جي ڪنن تي زنانن ٽهڪن جو پڙلاءُ پيو.
چوڌاري چهل پهل متل هئي.فلمي گانو ٻاهر تائين ٻڌڻ پئي آيو اُمراءُ جان ادا فلم جو هلي رهيو هو:
تم کو اس انجمن مين آنا هئه بار بار
ديوار ودر کو غور سي پهچان ليجئي
دل چيز کيا هي آپ ميري جان ليجئي
هو بنگلي جي پٺئين دروازي ڪچن طرف وڌيا ڪچن ۾ ايڏو ته گوڙ متل هو جو هنن کي گهڙندي ڪنهن به ڪونه ڏٺو .پهرين مهيش اندر ويو.ٿوريءَ دير بعد اميت گهڙيو.هنن جا قدم اسٽڊي طرف وڌيا.مهيش بتي ڪانه ٻاري کيس پنهنجي اسٽڊي جي جافرافيءَ جي پوري ڄاڻ هئي.فرنيچر جي بيهڪ جي پڻ.هو پاڻ هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ اميت کي ڪلهن کان پڪڙي ٻي ڪرسيءَ تي ويهاريائين اسٽڊيءَ جي هڪ دري سٽنگ روم طرف ٿي کلي ۽ اها کليل هئي.ان دريءَ مان هنن کي هال جو سمورو نظارو نظر آيو پئي.هو پنهنجي اوداهي ڪمري مان ٻئي ڪمري جو نظارو ڏسڻ لڳا.
رنگا رنگي پوشاڪون ،چلڪندڙ زيور ،سينٽ جي خوشبو ،چوڙين جي ۽ گهنگهرن جي کن کن پوري ميڪ اپ سان زالون ناز نخرا ڪري رهيون هيون.چهرن تي ميڪ اپ ايترو ته پوتيل هو.اکين ۾ڪجل آءِ لائيٽر وعيره وغيره ايترو ته مکيل هو ڪپڙا اهڙا ته ڦريل هئا جو ٻين زالن کي ته ڇا هنن کي پنهنجين زالن کي به سڃاڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي.اڙي ڪهڙي آ منهنجي ارڌانگني؟ٻئي هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا.هو هڪ هڪ جي چهري کي غور سان ڏسڻ لڳا نيٺ شڪلين مان نه مگر آواز توڙي ڳالهائڻ جي انداز مان هنن پنهنجن ڌرم پتنين کي سڃاڻي ورتو.
انيتا پاڪيزه فلم جي مينا ڪماريءَ جي لباس ۾ هئي۽ هن وانگر ئي اداڪاري ڪري رهي هئي.پشپا هڪ فرينچ ماڊل بڻي هئي.ڳاڙهي لُنڊي فراڪ ۾ مُنيون ٽنگون اگهاڙيون ڳاڙهو اوچي کڙي وارو سئنڊل ڳاڙهي تکي لپسٽڪ وار ڀورا چپن تي سگريٽ چڙهيل هئس.اميت پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ اکين کي به پنهنجن هٿن سان ڍڪي ڇڏيو.
هاڻي سڀ اسٽيج وانگر ٺهيل هڪ جڳهه تي لائين ۾ بيٺيون هيون هر هڪ ڄڻي اڳيان وڌي اداڪاري ڪرڻ لڳي.انيتا عرف پاڪيزه ،عرف مينا ڪماري اڳيان وڌي آئي ۽ پس منظر ۾ وڄايل راڳ
“انهين لوگون ني لي ليئو دُپٽا ميرا دُپٽا ميرا هو جي دُپٽا ميرا هان هان دُپٽا ميرا”
تي اداڪاري ڪرڻ لڳي
سڀ عورتون خوب لطف وٺي رهيون هيون ۽ تاڙيون وڄائي داد ڏئي رهيون هيون
..۽ پوءِ ٻي عورت اسٽيج تي آئي
هي وڏ گهراڻيون سٺن گهرن جوننياڻيون ۽ ننهون ڪهڙيون واهيات حرڪتون ڪري خود ئي پاڻ کي هيٺ ڪيرائي رهيون هيون ! هي ڇا ٿي رهيو آهي.ڇو ٿي رهيو آهي ؟مهيش ٺونٺ هڻي اميت کي اشارو ڏنو”هل هتان نڪري هلون”
“اڄ رات مان تنهنجي گهر جي گيسٽ روم ۾ ئي گهاريندس .ٺيڪ آهي نه...”
“ها بلڪل پنهنجو ئي گهر سمجهه”
“صبوح جو سويل ئي نڪري ويندس او ڪي”
“اوڪي”
رستي تي هنن ڪجهه به ڪونه ڳالهايو.مهيش اميت جي گيسٽ روم ۾ انهن ئي ڪپڙن ۾ سمهي پيو”
مهيش صبوح جو گهر پهتو ته انيتا پڇيس.”سڄي رات گم”
“مون کي ته گم ٿي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو هو جناب جو حڪم بندي جي برچشم” مهيش سلام ڪندي طنزيه لهجي ۾ چيو ۽ پوءِ “انهين لوگو ني لي ليو دپٽا ميرا”جي راڳ جي طرز تي سيٽيءَ تي وڄائيندو ڏاڪڻ چڙهڻ لڳو.
انيتا عجب وچان هن ڏانهن نهاريندي رهجي وئي.
انکانپوءِ مهيش هن سان ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو.بنا ڪجهه چوڻ جي آفيس هليوويو رات جو دير سان موٽيو ۽ سمهي پيو.ساندهه تي ڏينهن ائين ئيٿيندو رهيو .نيٺ چوٿين ڏينهن انيتا کي ڳالهائڻو پيو:
“توکي ڇا ٿيو آهي ؟تنهنجو رخ بدليل بدليل ڇو آهي؟”
“ڪجهه به ته ڪونهي”
“مون سان ناراض آهين؟پر ڇو؟”
“مون چيو نه ته ڪجهه به ڪونهي”هن خفي ٿيندي چيو
“ان پارٽي جي ڪري”
توکي جيڪي سمجهڻو هجي سمجهين سگهين ٿي”
“اڙي اها ته صرف هڪ پارٽي هئي اوهان الائي ڇو ڳالهه مان ڳالهوڙو بڻايو آهي؟”
“مون کي ان باري ۾ ڪجهه ڳالهائڻو ئي ڪونهي” ۽ هو ڪمرو ڇڏي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو
چند ڏينهن بعد مهيش انيتا کي اچي ٻڌايو “سڀاڻي رات اميت جي گهر ڊنر پارٽيءَ تي هلڻو آهي”
انيتا دل ئي دل ۾ خوش ٿي شڪر آهي ڳالهائڻ ته شروع ڪيائين”
مگر هُن جي ٻيءَ سٽ انيتا جا هوش اڏائي ڇڏيا
“ان پارٽي ۾ هڪڳائڻ واري به ايندي ۽ شايد ناچ به ڪري”
انيتا ڇرڪ ڀريندي چيو ته “ڇا ڇا چيو توهان؟اتي ڳائڻي ۽ ناچ ڪرڻ واري ايندي؟”
“ها” مهيش مرڪڻ لڳو
“ڇا مجرو ٿيندو”
“ڪجهه ائين ئي سمجهه ....۽ ٻئي هفتي اسان جي گهر ۽ انکان پوءِ مڪيش جي گهر ۽ ان کانپوءِ............”
“ڇا”
“مردن سان گڏ زالن کي به شرڪت جي اجازت آهي” هن مرڪندي فلڪ سان چيو ڄڻ ته هو زالن تي احسان ڪري رهيو هو.

ان خبر انيتا جي تاڪ لڳائي ڇڏيا هن ته سمجهيو هو ته ٿورن ڏينهن ۾ مهيش پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو.هن کي وشواس هو ته هوءَ هن کي مڃائڻ ۾ ڪامياب ويندي ۽ هو ساڳيو اڳئين جهڙو ٿي پوندو پر هتي ته ڳالهه ئي هڪ ٻيو موڙ وٺي رهي هئي! اهو موڙ سڀني زالن لاءِ ڪيڏو هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو ان جي ته هوءَ ڪلپنا به نه ٿي ڪري سگهي.
“لڳي ائين ٿو ته سڀ مرد گڏجي ڪجهه ڪري رهيا آهن.هن جي خلاف ڪجهه سازش سٽي رهيا آهن پر ڇو؟هنن کي پارٽيءَ جي باري ۾ خبر پئجي وئي آهي ۽ هن سان ناراض آهن” هوءَ سوچڻ لڳي.
“ڪٿي ڳالهه وڌيڪ خراب نه ٿي وڃي؟ڪٿي هنن جي گرهست جيون کي ڪو لوڏو نه اچي وڃي؟هنن جو سائو ستابو سنسار نه اجڙي وڃي” هوءَ چنتا ڪرڻ لڳي.
حقيقت ۾ اها ڌمڪي واري خبر ٻڌڻ بعد زالون لُڏي ويون هيون ۽ هڪ ٻئي کي فون ڪري رهيون هيون.
انيتا پشپا کي فون ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهي هئي ته پشپا جو فون اچي ويو.
“ياد ڪندي فون ڪيو اٿئي مان توکي ئي فون ڪرڻ واري هئس”
“سڀ سک ۾ “
“ها ها ..پر تنهنجو آواز ڇو اهڙو گهٻرايل آهي؟”
گهٻرائڻ جي ته ڳالهه ئي آهي”
“ڇو ڇا ٿيو؟”
“هتي سڀ ڳالهيون غلط ٿي رهيون آهن”
“ڪيئن”
“ڪيترن ڏينهن کان اميت جو مُنهن چڙهيل آهي ڄڻ ته مون سان ناراض آهي اصل ڳالهائي ئي نه ٿو”
“ان پارٽي واري رات کان”
“ها بلڪل ان رات کانپوءِ”
“ هتي به ساڳيو حال آهي”
“يعني”
“مهيش به مون سان رُسي ويٺو آهي”
“توسان نٿو ڳالهائي”
“مون سان نٿو ڳالهائي”
“اميت به چپ آهي مون سان ڪاوڙيل آهي”
“مهيش هونئن ته خاموش آهي پر رکي رکي “دپٽا ميرا دپٽا “واري راڳ جون سيتيون پيو وڄائي”هن جو آواز روئڻهارڪو ٿي ويو.
“تنهن جي معني هنن کي پارٽي واري ڳالهه جي خبر پئجي ويئي آهي”
“خبر ته پوڻي هئي اها ڳالهه لڪڻ جهڙي هئي به ته ڪانه پر هاڻي ڇا ڪجي؟”
“ڇاڪجي”
“اڄ مس ڳالهايو اٿائين پر اهڙي ڳالهه چئي اٿائين جو منهنجي مٿان جنسي پهاڙ ٽٽي پيو آهي”
“ڇا چيائين؟”
.مون کي ٻڌايائينته تنهنجي گهر سڀاڻي پارٽي آهي”
“منهنجي گهر پارٽي آهي”
“ها”
“۽ مون کي خبر ناهي”
“ڏس نه ...خبر خبر نه اٿئي ته خبر پئجي ويندءِ اهو به ٻڌايائين ته هڪڙي ڳائڻ واري ۽ نچڻ واري ايندي”
“ڇا پئي چوين”
“اميت توکي پاڻهي ٻڌائيندو جڏهن ٻڌائيئي ته مون کي خبر ڏج”
ٻي صبوح جو پشپا انيتا کي فون تي ٻڌايو “اها خبر سچ آهي”اڄ رات اسان جي گهر پارٽي آهي ۽ ڪجهه مُجري جيان ٿيندو”
“پر تنهنجو آواز ڇو اهڙو ٿيو آهي؟”
“مون سچي رات رنو آهي”
“ڇو رنو اٿيئي؟”
“روئان نه ته ڇا ڪريان؟منهنجو اميت سان ذري گهٽ جهڳڙو ٿي پيو.”
“ذري گهٽ”
“ها مون پاڻ کي روڪي ورتو نه ته وڏو جهڳڙو ٿي پوي ها”
“ڇا ٿي پوي ها”
“اها ئي ته تڪليف آهي ڪجهه به نٿو چوي”
“مرچي پارٽي جي باري ۾ ڪجهه چيائين”
“نه “
ڪو ڏوراپو ڏنائين”
“نه “
“ڪمال آهي غصو ان ڳالهه تي اٿن پر ٻڌائن نه ٿا اسان کي ٽارچر ڪرڻ جو سٺو رستو ڳولهيو اٿن.”
ان بعد انيتا جو فون شروع ٿي ويو ته بند ئي نه ٿئيڀني زالن جا فونس مشغول ٿي ويا.مرچي پارٽي جي ڪري سڀني زالن ۾ ڄڻ ته مانڌاڻ مچي ويو.سڀني جي اڳي ڪهاڻي هئي.سڀني جا مرد رٺل هئا سڀني جا مرد خاموش هئائ.ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو هنن کان بدلو وٺي رهيا هئا.
هاڻي زالن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو هو.
“شايد اسان مرچي پارٽي ڪري ڀُل ڪئي”
“ڀُل ته ڪئي اٿئون پر هڪ رواجي ڀُل جي ڪيڏي وڏي سزا ملي رهي آهي”
“تون ان کي رواجي ٿي سمجهين پر حقيقت ۾ شايد اها رواجي ڪانه هئي”
“هاڻي ڇا ڪريون”
“هاڻي ان تڪليف جو بهادريءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو”
“رڳو مقابلو؟اسان کي ته حل ڳولهڻو پوندو”
“حل ته ڳولهي لهبو پهرين اڄ جي پارٽيءَ کي مُنهن ته ڏيون”
پارٽِي اهڙي خراب ڪانه هئي.جهڙي هنن سوچي هئي ڳائڻ واري به خراب ڪانه هئي خراب ڇا سٺي هئي.تمام سٺي هئي سهڻي ۽ آبرودار هئي.ڪپڙا به سُڌا پيل هئس.ڳائڻ به عمدو هئس.ادائون لاجواب مگر هن جون اهي سهڻيون صفتون سڀني زالن کي ڏنگي رهيون هيون.هنن جي دل ۾ آنڌ مانڌ مچائي رهيون هيون.هوءَ ڪڏهن ٺمري ڪڏهن داداره ڪڏهن ڪجري ته ڪڏه غزل ڳائي رهي هئي.ادائگي بهترين هئس ۽ اچار بيمٿال .مرد هُن کي ضرورت کان وڌيڪ توجه ڏئي رهيا هئا ۽ “واهه واهه”ڪري رهيا هئا.سڀ ڪجهه سٺو هو.مردن جي وهنوار کان سواءِ.هو گهڻو پي رهيا هئا.گهڻو ڳالهائي رهيا هئا ۽ گهڻو داد ڏئي رهيا هئا.اهي ڳالهيون عورتن جي دلين ۾ سوئا ٽنبيي رهيون هيون.اڄ مرد جهنگل جا بادشاهه بنجي پيا هئا ۽ عورتون هيسيل ڊنل هرڻيون پئي ڀاسيون.
شڪر آهي هن ناچ نه ڪيو شڪر آهي هن رڳو سنگيت جي محفل مچائي ۽ ڪلاڪ ڏيڍ جي ادئگي بعد هنن کان رخصرت ورتي.
ٻئي ڏينهن ليڊيز ڪلب ڪِٽي ڪلب جي ميمبرن جي ايمرجنسي ميٽنگ ڪوٺائي وئي.
حقيقت ۾ ان ڪلب جي مکيه ميمبر شريمتي اسميتا سنگهه مهينو کن شهر کان ٻاهر وئي هئي ۽ مرچي پارٽيءَ وقت اتي موجود ڪانه هئي.هن کي پارٽِيءَ جا تفصيل ٻڌايا ويا.پڻ مردن جو رد عمل.هوءَ پاڻ حيرت ۾ پئجي وئي ته زالون اهڙي پارٽي جي باري ۾ سوچي به ڪيئن ٿي سگهيون زالن پنهنجي بچاءُ ۾ دليل پيش ڪيا پر هوءَ پنهنجي راءِ تي قائم رهي.
“سڀ کان پهرين غلطي توهان اها ڪئي جو مردن کي ان خطرناڪ پارٽيءَ جو ڀاڱيدار نه بڻايو.گهٽ ۾ گهٽ هنن کي ٻڌايو ته ها ۽ هضو وٺڻ لاءِ دعوت ڏيو ها.توهان جوکم جو ڪم ڪيو آهي ۽ عجب ناهي ته اوهين ان جو نتيجو ڀوڳي رهيون آهيو”
“اسان رڳو پوشاڪ ئي ته پاتي ٻيو ڪجهه ڪيوسين ٿوروئي” هڪ عورت وچ ۾ ٽوڪيو
“مون کي لڳي ٿو ته عورت هوندي به اوهان سماج جي ان داغدار طبقي جي باري ۾ سوچي به ناهي سماج جي هڪ ڳنڀير مسئلي کي سمجهڻ جي بدران توهان ان جو مذاق اڏايو آهي”
“اسان ته صرف فلمي راڳن تي اداڪاري ڪئي سو به صرف عورتن جي موجودگيءَ ۾؟” هڪ عورت فرمايو
“انهن فلمي ڪهاڻين جي ڳجهي درد کي اوهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟عورتن کان ڪهڙين مجبور حالتن هيٺ اهڙا ڪم ڪرايا ٿا وڃن؟ توهان ڪڏهن سوچيو آهي؟اوهان ته عورت جي زندگيءَ جي ان دردناڪ پهلوءَ کي پنهنجي منورنجن جو ساڌن بڻائي ڇڏيو”
ٿوري دير لاءِ عورتون خاموش ٿي ويون
“برابر اسان غلط ڪم ڪيو آهي هاڻي ان کي ڪيئن سڌاريون؟هڪڙيءَ چيو
“اسان کي ان ڳالهه تي سوچڻو پوندو”ٻي چيو
“توهين ڀلي سوچيو مان ڪلب جي پاران هڪ معافي نامو مردن کي موڪليان ٿي.سڀاڻي ٽائيپ ڪري توهان کي ڏيکاريندس”
“ها ها اهو بهتر خيال آهي”
“توهان سڀني کي ان خط تي دستخط ڪرڻا پوندا”
“ها ها ڪنديوسين سڀني زالن گڏجي چيو
“باقي پنهنجن مڙسن کي پوءِ پاڻهي سنڀالي وٺجو اها توهان جي جوابداري آهي ..آهي قبول”
“قبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــول آهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي”