ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

6. جهنجهلائٽ

چندرا کي تيار ٿيڻ ۾ پنج منٽ وڌيڪ لڳا هئا.
جيسين هوءَ گهر جون دريون دروازا بند ڪري ٻاهر نڪري.سندس گهوٽ اُتمچند گهٽيءَ ۾ ،گاڏيءَ کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو.چندرا کي ٻاهر ايندو ڏسي هو کڙو ٿي بيٺو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي وڃي کيس ٻانهن کان جهليائين ۽ چيائين “سنڀال ڊارلنگ آهستي”
چندرا ٿاٻو کائيندي پاڻ کي بچائي ورتو.
اتمچند وک وڌائي موٽر جو اڳيون دروازو پتني لاءِ کولي بيٺو.چندرا پنهنجي سيٽ تي ٺهي ويٺوته هن دروازو بند ڪيو ۽ وڃي ڊرائيور واريءَ سيٽ تي ويٺو ۽ موٽر اسٽارٽ ڪيائين.
جڏهن موٽر رستي تي هلڻ لڳي ته پتنيءَ ڏانهن نهاري پيار ڀرئي ڏوراپي سان چيائين “مون توکي ڪيڏو چيو سويٽي ٻانهن کانسواءِ (sleeve less) بلائوز نه پاءِ هوا ٿڌي پئي لڳي.ٿڌ لڳي ويندءِ زڪام ٿي پوندءِ...هاڻي ڳالهه سمجهيئه نه؟آئيندي لاءِ اها ڳالهه خيال ۾ رکج.”
ٻن منٽن جي خاموشيءَ کان پوءِ وري چيائين “مين اسٽريٽ ۾ جيڪي شيون خريد ڪرڻيون آهنانهن جي لسٽ ٺاهي اٿيئي نه؟”
“ها” چندرا صرف ايترو چيو.
“چمپلن جي دڪان تي به هلڻو آهي.پنهنجي لاءِ هڪ فلئٽ بنا کڙيءَ وارو چمپل وٺي ڇڏج.کڙي پائڻ پير لاءِ سٺي ناهي.ڊارلنگ توکي پيرن ۾ سور ٿي پوندو.”
ٿورو ترسي “ڊاڪٽر وٽ هلنداسين رات پوري ننڊ ئي ڪانه ڪئي اٿئي.ڏاڍو پئي ڦٿڪين.ڊاڪٽر سان صلاح ڪر شايد ڪا دوا ڏي.”
“تون رات جو پاڻي ڪانه پي سمهندي آهين نه؟ائين نه ڪندي ڪر پنهنجي صحت جو خيال رکندي ڪر.نيراڻي پاڻي پيئڻ جي عادت سٺي ۾ سٺي عادت آهي.هاضمو ٺيڪ رهندو آهي.ڊارلنگ! انهن ڳالهين تي هميشه عمل ڪندي ڪر.ٻيءَ حالت ۾ لاچار ٿي نون کي توکي پاڻي جو گلاس ڀري ڏيڻو پوندو.”
چندرا ڪوبه جواب نه ڏنو.
“ڳالهه ڪهڙي آهي؟اڄ ڇوخاموش آهين؟طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟مٿي ۾ سور ته ڪونه اٿئي؟”ئين چوندي اتمچند پيار مان مٿي ٿي هٿ ڦيريس ٿو.
“اکين تي ڪارو چشمو ڇو نه پاتو اٿيئي؟اکيون پئي ڇنڀين؟نرڙ تي گهنج پئجي ويندءِ ...پرس مان عينڪ ڪڍي ڇو نه ٿو پائين؟”
چندرا هئنڊ بيگ کولي ڪارو چشمو ڪڍي اکين تي چاڙهي ٿي.
اهڙي نموني ڳالهائيندي ڳالهائيندي مين اسٽريٽ اچي ٿي وڇي.
موٽر پارڪ ڪري وري اتمچند تڪڙو زال جو در کولڻ آيو پر چندرا جلدي پاڻهي در کولي ٻاهر لهي آئي.
چندرا جو هٿ پڪڙڻ جي اتمچند ڪوشش ڪري ٿو.پر هوءَ ڌيري سان هٿ ڇڏائي ٿي وٺي.
ٻئي رستو ڪراس ڪرڻ لڳن ٿا.اتمچند چندرا جي ٺونٺ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.چندرا پاڻ کي ڇڏائڻ خاطر بيخياليءَ وچان کيس ڌڪو ڏئي ٿي......هو ٺوڪر کائي ڪرندي ڪرندي پاڻ کي بچائي ٿو وٺي.
بريڪسن لڳڻ جو چيچڙاٽ وارو آواز!
ٻن وکن جي دوريءَ تي هڪ موٽر بيهي وڃي ٿي ۽ پٺيان موٽرن جي ڊگهي قطار!
پتي اکيون ڦاڙي وائڙن وانگر پتنيءَ ڏانهن نهاري ٿو.پتني وٺي ٿي اکيون هيٺ ڪري.ٻئي اڳتي وڌي رستو ڪراس ڪن ٿا ٻنهي مان ڪير ڪنهن سان ڪونه ٿو ڳالهائي،.........چمپل جي دڪان تي چڙهن ٿا.چندار چمپل وٺي ٿي.....ٻين دڪانن تي چڙهي گهر جون شيون خريد ڪن ٿا.....۽ ٻئي چپ!
وري واپس پنڌ ڪري موٽر ۾ ويهن ٿا.اتمچند خاموشيءَ سان موٽر هلائيندي گهر جو رخ وٺي ٿو.
گهر پهچڻ وارا ئي آهن.
“ڊارلنگ هڪ ڳالهه ٻڌاءِ ڇا تون مون کي پيار نه ٿي ڪرين؟ڇا ماون توکي نه ٿو وڻان”
چندرا ٿورو ترسي چوي ٿي
“توهن جو گهڻو پيار مون کي اصل خفي ڪري ٿ ڇڏي”
اُتمچند موٽر بيهاري زال ڏانهن وات ڦاڙي نهاري ٿو.