ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

8. ننڊ ڇو نه ٿي اچي

توکي انجنيئر بڻجڻو آهي.توکي پڙهڻو آهي.توکي ڪمائڻو آهي.................وڏو ماڻهو بڻجڻو آهي.ماءُ کي سُک ڏيڻا آهن تنهنجا وڏا ڀائر ڀينر سڀ محنت ڪن پيا.توکي به ڪوشش ڪرڻي پوندي.نه ته مون کي ڪوشش ڪانه ڪرڻي آهي.ڇوڪريان ؟مون کي ته راڳ پسند آهن.مون کي دليپ ڪمار جي پڪچر ڏسڻي آهي.هلي پيئي واهه واهه “تُو اگر جيون ڀر مين گيت گيت سناتا جائون مين بين بجاتا جائون”پر ٽڪيٽ جا پئسا ڪٿان ايندا؟بندوبست ڪري وٺبو” توکي پڙهڻو آهي پڙهڻو آهي ها ها پڙهڻو آهي پڙهندس ڀائي پڙهندس منهنجو مٿو نه کپايو.
مون کي ميران بيحد وڻندي آهي.هوءَ به مون کي پسند ڪري ٿي.مون ڏانهن نهاري مشڪي ٿو.اشارا ڪري ٿي.مان هن سان گڏجندس.
الا ڪهڙي ڦٽل ڦٽل ننڊ آهي.ڇا پيو ڏسان ننڊ ۾ ؟ميران ڪاڏي گم ٿي ويئي؟ڪيڏا ڏينهن ٿيا آهن ڏٺي به ڪانهي چون ٿا ته شادي ڪري ويئي! پر ايئن ڪيئن ڪيائين؟مون کي اشارا ڇو ڪيائين؟هوءَ مون کي دوکو ڏئي وئي! مون کي ڇڏي ويئي الا ريڊيو تي راڳ پيو اچي.”دوست دوست نه رها پيار پيار نه رها”مون کي روئڻ پيو اچي.زندگيءَ تي اعتبار نه رهيو هاڻي ڇا ڪريان ؟ويئي هلي ويئي هلي.
توکي انجنيئر بڻجڻو آهي.توکي پڙهڻو آهي بيحد پڙهڻو آهي.زندگيءَ ۾ چڙهڻو آهي.ڪمائڻو آهي وڏو ماڻهو بڻجڻو ..ها پڙهندس پڙهندس.
بي ايس سي جي رزلٽ آئوٽ ٿي آهي.سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو آهيان.مون کي ته وڌيڪ مارڪون ملڻيون هيون سڀ بي ايمان آهن.هي پروفيسر پاسخاطري ٿا ڪن.مون کان گهٽ هوشيار ڇوڪرا وڌيڪ مارڪون کڻي ويا.سڀ چور بدمعاش آهن.
ڪافي هائوس ۾ دوستن سان گپ شپ ..ڪيڏو مزو آهي واهه جو دونهون آهي.نڪ ۾ وات ۾ اکين اڳيان دونهون ڪافيءَ جي لذيذ سڳنڌ..واهه واهه وات مان دونهين جا ڇلا ڪڍڻ وڻن ٿا .نڪ مان به دونهون پيوڳ نڪري.اسٽائيل اسٽائيل اهوئي کپي مون کي سگريٽ وات ۾ بيئر جو گلاس سامهون ميز تي گجي مٿي پيئي اچي.اڙي هيٺ پيئي ڪري بيئر جو سڳنڌ ناسن ۾ گهڙي ويئي آهي.مون کي وڏو ماڻهو بڻجڻو آهي.مان ڪمائيندس ڪمائيندس.
هي گرم گرم مٺائيءَ جو ٿالهه موهن ٿال مٺائيءَ جون چڪيون هي ڪنهن ٺاهيون آهن؟چڪيون سڌيون ڇو نه آهن؟مان ٿو ٺاهي رکان اڙي وچ ۾ ڪهڙيون گهڻيون آهن سوڙهيون گهٽيون ويڪريون گهٽيون! هنن گهٽين مون کي منجهائي ڇڏيو آهي مون کي ڪٿي پهچڻو آهي؟
هيءَ ننڊ پوري ڇو نه ٿي اچي؟وچ وچ ۾ ڦِٽي ٿي پوي! هي ڪهڙا عجيب عجيب خيال آهن؟ڪهڙيون تصويرون پيون اچن اکين آڏو! مان منجهي پيو آهيان....مون کي ڪٿي پهچڻو آهي؟
موٽر جي بيهجي وڃڻ جا چيچڙاٽ ڪنهن زور سان بريڪ دٻائي آهي ....اوندهه هيءَ ڪنهن جو جسم موٽر جي اڳيان پيو آهي؟اڙي موٽر جون بتيون ٻاريو...اڙي هيءُ مان آهيان...اڙي مون کي ڇا ٿيو؟
اسپتال ۾ نرسون ،ڊاڪٽر ،سيون ،دوائون ،ٻاٽ اوندهه هي چلڪندڙ بلب ،هي ڇا ٿي رهيو آهي.مون کي ڇا ٿي رهيو آهي؟
توکي وڏو ماڻهو جو بڻجڻو آهي....وڏو آفيسر ..آفيس مان خط ڪونه آيو آهي....ڪيڏا مهينا ٿي ويا آهن...خط آيو يا نه؟پگهار آئي يا نه؟ نوڪري آهي يا نه؟ ڪير مون کي ٻڌائي؟
مان ڇا ڪريان؟ اوندهه اوندهه مون کي ننڊ ڇو نه ٿي اچي؟....مون کي ننڊ جي گوري ڏيو! ننڊ،اچ اچ پليز.
گهري ننڊ ئي مون کي آرام پهچائي سگهندي.