26. واڪنگ ، واڪنگ اسٽڪ
“ڇو ڀائي ڇو نه لهان؟”
“انڪل اڃا گاڏي ڇٽڻ ۾جام ٽائيم آهي پورو اڌ ڪلاڪ”
مگر هيٺ لهڻ ۾ڇا آهي؟”
“ٻڌو منهنجي ڳالهه! هيءَ ڪهڙي واڪنگ اسٽڪ کنئي اٿو پاڻ سان”
“ڇو ڪهڙي خرابي آهي هن ڪاٺيءَ ۾.”
“اڙي انڪل ڪمال ٿا ڪريو ! وڃو پيا هاليڊي تي هِل اسٽيشن تي رهندا اُوچي سُٺيءَ هوٽل ۾ اهڙي واڪنگ اسٽڪ! توبهه توبهه اڙي منهنجا انڪل آهيو.ڪجهه ته منهنجي اسٽيٽس جو خيال ڪريو!.”
“ته ڇا ڪريان؟” انڪل عاجزيءَ وچان چيو.
“اسٽائيل انڪل اسٽائيل مون کان سکو.”
“الائي ڇا پيو چوين؟”
“مون کي پنج منٽ ڏيو نه نه ست منٽ توهين گاڏيءَ مان هيٺ نه لهو مان اجهو آيس.”
موهت جهٽ ڪاٺي کڻي اڳيان وڌيو.هن کي ڄاڻ هئي ته گاڏي پلئٽ فارم نمبر پهرئين تي بيٺي هئي ۽ گاڏو cc-2 گيٽ جي بلڪل سامهون بيهندو آهي.هو تڪڙو تڪڙو گاڏيءَ ۾ چڙهي پيو.هڪ دروازي کان چڙهي.گاڏي جو جائزو وٺي ٻئي دروازي کان لهي ويو.هڪ قُلي هڪ پارسي عورت جو سامان مٿي تي کڻي گاڏي طرف وڌي رهيو هو.اها عورت پنهنجي ڪنهن مائٽ جو هٿ پڪڙي آهستي آهستي پنڌ ڪري رهي هئي.امت قُلي کي انڪل جي ڪاٺي ڏيندي اشاري سان ۽ ڀڻڪي ۾ ڪجهه چيوقُلي ڳالهه سمجهي ويو.
قُلي وري ان عورت کي ڪاٺي ڏيندي چيو”م؟ڊم هن اسٽڪ جي مدد سان پنڌ ڪريو توهان کي سولائي ٿيندي.”
پهرين ته ان عورت هن ڏانهن عجب وچان نهاريو ۽ پوءِ لٺ وٺندي چيو”او بليس يو ماءِ سن.”
گاڏو ته ويجهو ٿي هن قُليءَ عورت کي گاڏيءَ ۾ سولو ويهاريو.
عورت هن کي واپس ڪرڻ لاءِ لٺ وڌائي.
“مئڊم توهين هنکي پاڻ وٽ رکي سگهو ٿا.توهان کي لوٽا والا ۾ ڪم ايندي.”
“رکانپڪ.”
“ها مئڊم.”
مئڊم هن کي ڏهين رپئي جي بدران پنجاهه رپئي جو نوٽ ڏنو ۽ آشيرواد پڻ.”
“بليس يو ماءِ سن!.”
گاڏي مان هلندي قليءَ چيئر ڪار جي ڀت تي لڳل هڪ هُڪ تي لٽڪيل.هڪ نئين چلڪندڙ واڪنگ اسٽڪ کي کڻي ورتو.ان جو مالڪ پٺئين دروازي وٽ اخبار خريد ڪري رهيو هو.قلي تڪڙو تڪڙو اڳئين دروزي کان هيٺ لهي ويو.ٻاهر بيٺل نوجوان کي هن اها لٺ سپرد ڪئي.جنهن جي عيوض هن وري هن کي پنجاهه روپيا خرچي ڏني.
“هان انڪل وٺو هيءَ نئين شاندار لٺ.”موهت واچ ۾ نهاريندي چيو “پورا ست منٽ لڳا.”
“اڙي تون ته ڪو جادوگر آهين؟” انڪل خوش ٿي موٽر مان لهڻ لڳو.cc-2 ۾ چڙهي انڪل اها ڇڙي پنهنجي پٺيان ڀت تي هڪ هُڪ تي لٽڪائي ڇڏي.
لوٽا ولا اسٽيشن تي لهڻ لاءِ پهرين اُن ڇڙي جو اصلي مالڪ اُٿيو.
“اڙي منهنجي اسٽڪ ڪاڏي وئي؟”مون ته هن پاسي رکي هئي.”هن ڀڻڪندي چيو ۽ ٻئي پاسي نهاريو.”اڙي هوڏانهن ڪيئن ويئي هلي.”
“ٻڍاپي ۾ ائين ٿيندو آهي شايد وسري ويم ته ڪٿي رکي هئم.”
هن اها اسٽڪ کڻي ورتي ۽ ان کي پڪڙي هيٺ لهڻ لڳو.
ٻڍي مائي به ڪاٺي پڪڙي هيٺ لهڻ لڳي.
جڏهن انڪل اٿيو ته ڪاٺي ندارد هُڪ تان ڪيئن گُم ٿي ويئي؟هن چوڌاري نهاريو.تڏهن هن هڪ مسافر کي ان ڪاٺيءَ جي آڌار سان پلئٽ فارم تيلهندو ڏٺو.هن جي سامهون ئي هڪ ٻڍي پارسياڻي سندس ئي لٺ جي سهاري هلندي پئي ويئي.سندس ئي جهوني لٺ هئي.پر هو چوي ڪيئن ته اها سندس ئي لٺ هئي.
هن کي لڳو ڄڻ ته ٻئي ڇڙيون پاڻهي پنڌ ڪنديون.هن جي هٿ کي ڇڏي ٻين جي هٿن هليون ويون.هو لاچاريءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو.
“منهنجا ته ٻه به ويا ته ڇهه به ويا. هاڻي هاڻهن جي ساگر مان بنا ونجهن جي ڪيئن پار پوندس؟مان ته ٽرين مان لهي به ڪونه سگهندس؟”نيٺ هن هڪ قُلي جي مدد گهري.هن جي ڪلهي تي هٿ رکي هيٺ لهڻ لڳو.
“سيٺ اوهين لوناولا ۾ اڪيلا بنا ڇڙيءَ جي آيا آهيو؟”
“اڙي منهنجي اسٽڪ چوري ٿي ويئي آهي” هن نرڙ تان پگهر اگهندي چيو.
“مون کي ڪابه ڇڙي آڻي ڏي ڪٿان به ڪهڙي به.”
“سيٺ پلئٽ فارم کان ٻاهر وڃڻو پوندو.”
“هان هي وٺ پنجاهه جو نوٽ ڪابه ڇڙي سنهي ٿلهي ڏنگي پاڏي جهوني نئين آڻي ڏي.”
قُلي کانئس نوٽ وٺي ٻاهر نڪتو.ٻاهريون گيٽ ته چڱو پري هو پر قُلي ان پاسي ڪونه ويو.انڪل کي لڳو ته هو ٻئي پليٽ فارم تي وڃي رهيو هو.پر هن کي پڪ ڪانه هئي.ڳاڙهين وردين ۾ سڀ قُلي ساڳيا پئي لڳا.”وري هن عمر ۾ اڪيلو سفر ڪونه ڪندس.”هن فيصلو ڪيو
ٻين پلئٽ فارمن تي به ٻه گاڏيون آيون هيون.هڪ بمبئي ڏانهن پئي وئي ته ٻي پوني طرف ٻئي چيئر ڪارس واريون پئي لڳيون.
ٿوري دير ۾ قُلي ڇڙي کڻي واپس آيو ۽ هن کي هٿ ۾ ڏنائين.
“اڙي هيءَ ته اڳين ٻن ڇڙين کان گهڻي گهڻي اُچي آهي.بلڪل چلڪي پيئي.شايد ولايتي آهي.ها ها ميڊ ان يو ڪي ۽ فولڊنگ به آهي.واهه خوب مهانگي هوندي.” هو سوچي رهيو هو.
“تو هيءَ ٻاهران خريد ڪئي؟”
“ها صاحب”
“پنجاهه رپئي ۾ “
“نه صاحب هيءَ مهانگي آهي.سو رپئي جي .پنجاهه روپيا ٻيا به ڏيو.”
انڪل کيسي مان پنجاهه رپئي جو نوٽ ڪڍيو ۽ هن کي ڏنو.
“صاحب هيئن ڇو ٿا نهاريو؟مون ته توهان جو ڪم ڪيو؟”
“ها ها تو منهنجو ڪم ڪيو.” پر هو سوچي رهيو هو هيءَ ڇڙي ته سو روپينکان به وڌيڪ مهانگي آهي.پڪئي پڪ ...وڏي ڳالهه ته هن کي ان ننڍڙيءَ اسٽيشن جي ٻاهران ڪيئن ملي؟”
پوءِ به هو آهستي آهستي ڇڙيءَ جي سهاري گيٽ طرف وڃڻ لڳو.