16. ڪمائيندڙ زال
“منجهنديس نه ته ٻيو ڇا ڪنديس؟”
“ڇو ڀيڻ ڇا ٿيو؟”
“پهرين تون هن ڪرسيءَ تي ويهه ته ٻڌايان توکي”
نرملا ڪرسيءَ تي ويهي رهي.”هاڻي ٻڌاءِ!”
“هي ڇوڪريون ڇتي ءَ ذات جون الائي ڇا پيون ڪن؟”
“ڀائي،هيل تائين ڇوڪرا ڇتيءَ ذات جا مڃيا ويندا هئا.تون ته نئين ڳالهه پيئي ڪرين!”
“هاڻي ڇوڪريون به ڇڪرن کان گهٽ ناهن”
“سڌي ڳالهه ٻڌاءِ نه نيٺ به ٿيو ڇا آهي؟”
“بس زمانو ئي ابتو ٿي پيو آهي.هر وقت اٿن گهر کان ٻاهر پير .نوڪري ڪن ٿيون.سو ته چڱو پر موڪل ڏينهن به ڪنهن نهڪنهن بهاني گهر کان ٻاهر نڪريو وڃن.گهر ۾ ڄڻ ته پير ٽڪن ئي ڪونه ٿا هنن جا.ڪڏهن ميٽنگ ،ڪڏهن شاپنگ ،ڪڏهن پارٽي ،مٿان وري بيوٽي پارلر ڇا کليا آهن! هر وقت پيون ٺاهه ٺوهه ڪن.گهر گهوڙن کي چُلهه چورن کي.واري ڳالهه ٿي پئي آهي!”
“ڪمال آهي عورتن جي حقن جي فائدي ۾ تحريڪ جي سرگرم بانيڪار وٽان اهڙيون ڳالهيون سُنهن ته ڪونه ٿيون”
“حالتون ئي اهڙيون اچي ٿيون آهن جن مون کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.”
“ڪهڙيون حالتون”
“ڇوڪريون ڏس ته وهلور پيون وڃن.اصل هٿ ئي نه ٿيون اچن.اڄ هتي طلاق ،اچ هُتي طلاق ڪوبه گهر ڇٽل ناهي.”
“سچ ٿي چوين.گهر گهر ۾ گهَپي ۽ ڪِلڪل لڳي پئي آهي.شهري گهرو زندگي کي دوزخ بڻجندي پئي وڃي.
“مسئلو وڌيڪ گنڀير ٿيندو پيو وڃي”
“پر تنهنجي ان موڊ جو ڪو ته سبب هوندو نه!”
“ها ڪالههه کان وٺي اهڙيون ڳالهيون ڏٺيون اٿم ٻڌيون اٿم جو من پريشان ٿي پيو اٿم.”
“نيٺ ٿيو ڇا آهي؟”
“ڪالهه مان ڪولابا وئي هئس اُتان بس ۾ موٽي رهي هئس.ٻپهريءَ جو وقت هو.بس ۾ پيهه هئي ڪانه.منهنجي اڳينءَ سيٽ تي به عورتون ويڍيون هيون.اٽڪل پنجويهه ٽيهه سالن جي عمر هوندي سندن ۽ هيون سنڌيانيون.سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.هنن سمجهيو هوندو ته سندن ڀاشا ڪير سمجهندو،سو بنا ويچار جي ڳالهائي رهيون هيون.ٻين سيٽن تي غير سنڌي مرد ويٺا هئا.”
هڪ عورت چيو”منوج پاڻ کي الائي سمجهي ڇا ٿو؟ڪالهه آفيس مان دير سان موٽيس ته منهن سُڄائي ويٺو هو.مان ٿڪي ٽُٽي آئي هئس.اڃا هٿ منهن به ڪونه ڌوتو هوم ته حُڪماڻي لهجي ۾ فرمان ڪڍندي چيائين”هڪ چانهه جو ڪوپ ٺاهي اچ”
مون نرميءَ سان چيو”پاڻي پيئڻ ڏي.ٿورو فريش ٿي اچڻ ڏي ته رنڌڻي ۾ گهڙان ٿي”
“واهه هڪڙو ته دير سان آئي آهين! مان ترسي ويٺو آهيان مٿان وري بهانا ٿي ڪرين!”
“منوج ياد ڪر! مان نوڪريءَ تان موٽي آهيان.گهمڻ ته ڪانه وئي هئس.تون مون سان اهڙيءَ طرح ڇو ٿو ڳالهائين؟ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته تون مون کي چانهه جو ڪوپ ٺاهي ڏين.”
هو طنز وچان چوڻ لڳو”واهه واهه ڪهڙي ڳالهه ڪجي.”۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ ڀرجي “توهين زالون نوڪريون ڪريو ٿيون ته ڄڻ ته اسان تي ٿورو ڪري رهيون آهيو.پاڻ کي گهر جون مالڪيانيون سمجهڻ لڳيون آهيو.”
“ها مالڪياڻيون ته آهيون.ان ۾ ڪو شڪ آهي ڇا؟تون به ٿو ڪمائين ته من به ٿي ڪمايان.گهر جو گاڏو گڏجي پيا هلايون.توکي مون تي حڪم هلائڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟”
“پوءِ ڇا ٿيو؟”سندس ساهيڙيءَ کانئس پڇيو.
“ٿيندو وري ڇا ؟رڳو هڪڙي ڏينهن نوڪرياڻي نه آئي ته گهر وٺي مٿي تي کنيائين.اهو ته مون پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ورتو.ڇاڪاڻ ته ٻنهي ٻارن وٺي روئڻ شروع ڪيو.وڌيڪ ڪڇان ها ته ڌڪن بُجن جي نوبتاچي وڃي ها.”
ايتري ۾ سندن بس اسٽاپ اچي ويو ۽ ٻه ئي ساهيڙيون بس مان لهي ويون.
“پر مان پڇان ٿي رتنا ته ان ۾ ڇوڪريءَ جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ واهيات ته مڙس ڳالهائي رهيو هو.تون زالن کي اجايو پئي الزام هڻين”
“ڀائي مرد ته اڳي به ائين ئي هئا.اڄ به ائين ئي آهن.هو ٿوروئي اهڙو سولو باز ايندا؟ٿيو ائين آهي جو ڇوڪرين ڪمائڻ شروع ڪيو آهي ته جواب ڏيڻ به شروع ڪيو آهي.ان جو نتيجو ڇا ٿيندو؟بس مان ته ان چنتا ۾ آهيان..ها ٻي ڳالهه به ٻُڌ....”
“ڇا ٿيو وري!”
“اڄ صبح جو پنڌ تي نڪتي هئس.پنهنجا ٻه رائونڊ پورا ڪري بينچ تي وڃي ويٺيس.ڀرواري بينچ تي وري ٻيون زالون ويٺيون هيون ۽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.”
هڪڙي چئي رهي هئي “ڪالهه رات جو هو دير سان ايو هو. اصل نشي ۾ ڌُت هو.”
“ڇا هو پيئڻ لڳو آهي؟”ٻيءَ پڇيو.
“ها ڇاڪاڻ ته مون کي آفيس ۾ يار آهن.”هن طنزيه لهجي ۾ چيو پر هن جي آواز ۾ هڪ سڏڪو به هو.
“ڇا پئي چوين؟”
“سچ ٿي چوان.توکي ته خبر آهي ته ڪجهه غلط ٿيڻ جي حالت ۾ مرد آدجڳاد کان زالن جي مٿان ئي الزام مڙهيندا آهن.هو چوي ٿو ته ڇاڪاڻ ته منهنجو وهنوار غلط آهي.انڪري پنهنجو غم غلط ڪرڻ لاءِ هن شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي.”
“پر تنهنجووهنوار غلط ڪيئن آهي؟”
“هو تمام شڪي ٿي پيو آهي.ڪنهن به مرد سان ڳالهايان ٿي ته هو منهنجو يار ٿي ٿو پوي...هن وقت منهنجو يار آهي......ديپڪ شاهه.وقت بوقت منهنجا يار مٽجندا رهندا آهن.”هن جو لهجو تيز ٿيندو ويو.”ڀائي آفيس م ڪم ڪريون ٿيون.مردن سان لهه وچڙ ۾ ته اچبو ئي ....ڪڏهن گهر ۾ ڪنهن جو فون اچي وڃي يا ڀُل ۾ ڪنهن جو ذڪر ڪريان ته منهنجو يار ٿي پيو.”
هن جي ساهيڙيءَکي الائي ڪهڙي کُٽيءَ کنيو جو چئي ويٺي “توکي گهڻو ٿو ڀانئي نه ان ڪري حسد ٿو ٿئيس.”
“ان کي ڀانئڻ چئبو آهي؟”هن جو آواز اوچو ٿيندو ويو.اوچتو هن کي گهڻو ان ڳالههه جو احساس ٿيو ته کين ٻيا به ٻڌي رهيا هئا.پوءِ هيٺين سُرن ۾ چوڻ لڳي”هو شڪ جو شڪار آهي.اصل شڪ ۾ پاڳل ٿي پيو آهي.الائي ڇا پيو چوي؟مان ڇو برداشت ڪري ويٺي آهيان؟هڪڙو نوڪريڪجي مٿان وري طعنا تنڪا سَهجن.”
رتنا چپ ٿي ويئي.نرملا به سانت ۾ هئي.ٿورو ترسي چوڻ لڳي “ڪالهه کان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي من ڏاڍو خراب ٿي پيو اٿم.”
.پر ٻين جون ڳالهيون؟ سماج جي ڪهڙي دُرگني ٿي رهي آهي!مرد زالون ٻار سڀني جي حالت خراب ٿي رهي آهي.گهر گهر ۾ اهي ڳالهيون!آخر ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟گهر ۾ جھيڙا جهٽا ڦٽندا ڏسي.هنن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟”
ٻئي ساهيڙيون سوچ ۾ پئجي ويون.
اوچتو ڊور بيل وڳي.رتنا دروازو کولي”سروج؟تون هتي هن وقت؟رتنا جي ڌيءَ سروج اندر گهڙي آئي.هن جي هٿن ۾ سوٽ ڪيس هو.وار ٽڙيل پکڙيل اکيون سچيل چهري تي پريسانيءَ جون لڪيرون.
“اڙي توکي ڇا ٿيو؟ڇا ڪنهن سان جهڳڙو ٿي اٿيئي؟”
سروج اچي اوڇنگارن ۾ پيئي.پهرين ته ماءُ کي چنبڙي پئي ۽ پوءِ پنهنجو چهرو پنهنجن هٿن ۾ پڪڙي ورتائين.”ممي ممي مان ڪانه وينديس واپس هُن وٽ.هو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟ ...ٽِپ ٽپ تي گاريون.ٽپ ٽپ تي شڪ ڪانه سهنديس هي سڀ؟ڇو سهان؟آخر مان به ڪمائي سگهان ٿي.”
رتنا بيوسيءَ وچان لاچار اکين سان.پهرين نرملا ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ هن جون اکيون پنهنجي سڏڪندڙ ڌيءَ جي آڪار(صورت) ۾ کُپي ويون.