ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

32. هڪ به شوڪ سڀا ٿيڻ ڏي ، يار!

جيئن ته اخبار واري ٻاهرين دروازي جي چير مان “ٽائيمس آف انڊيا” روزاني اخبار جي ڪاپي اندر وڌي.شيوڪرام ان اخبار کي جهٽ هٿ ۾ کڻي ورتو.هو ڪيتري دير کان اخبار جو بي صبريءَ سان انتظار ڪريرهيو هو.هن پهريون صفحو غور سان ڏٺو ٻيو ۽ پوءِ ٽيون ،چوٿين صفحي تي هن کي مطلب جي شيءِ نظر آئي.ها،اُتي سندس ڦوٽو هو اڇو ۽ ڪارو نه تمام ننڍو نه تمام وڏو.....پر چڱيري سائيز هو ۽ چٽو به هو.هون کي خوشيءَ ڀريو سنتوش مليو مٿان سرو لکيل هو:
اڳيون ڪارپوريٽر ۽ سماج شيوڪ شري شيوڪرام هن جهان ۾ نه رهيو.
مشهور سماج شيوڪ شيوڪرام صبوح جو سويل پنهنجي دوست شري مرچو مل سان جُو هُو بيچ تي واريءَ تي چهل قدمي ڪري رهيو هو ته اچانڪ ساگر جي هڪ لهر هن کي پاڻ سان کڻي وئي.سندس ساٿيءَ مدد لاءِ واڪا ڪيا .هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.پر هن جو جسم سمنڊ ۾ غائب ٿي ويو.پوليس جي تفتيش کانپوءِ هن جا ڦاقٽل ڪپڙا ۽ جُتي جو پادر مليا آهن.جنهن مان لڳي ٿو ته هن جو عموما موت ٿي ويو آهي.هن جيون جو ڳپل حصو سماج شيوا کي ارپڻ ڪيو هو ۽ هن نسوارٿ شيوا جا ڪاريه ڪيا هئا.هن جي ديهانت جو ٻڌي ماڻهن ۾ دک جي لهر ڇانئجي ويئي آهي.
هن جي واکاڻ ۾ اٺ ڏهه سٽون ٻيون به لکيون ويون هيون.اهو سڀ پڙهي هنکي سنتوش مليو.پر اڃا پورو نه هو پنهنجي ساٿي مرچو مل جو انتظار ڪرڻ لڳو جيڪو ٻيون اخبارون کڻي اچڻ وارو هو.
شيوڪرام هڪ ووادي شخص هو هن سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۾ مختلف گروهه هئا.جن جو هن جي مخالفت ڪندا هئا.پنهنجي کليل ۽ بيباڪ سڀاءَ سبب هن کي دوستن کان وڌيڪ دشمن هئا.هن سماج لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو هو ۽ ماڻهن جي دل وجان سان شيوا ڪئي هئي.هن ڪارپوريٽر جي حيثيت ۾ نوان نوان سڌارا به ڪيا هئا.هن کي اهو احساس هو ته پبلڪ هن جو ايترو قدر نه ڪيو هو.جيتري جو هو لائق هو.
ٽي ڏهاڙا اڳ هن مرچو مل کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي هئي مرڄو مل هن جو ٻالپڻ جو ساٿي ۽ گهرو دوست هو.شيوڪرام جا هن تي گهڻا ئي ٿورا هئا.
“سالن کان منهنجي هڪ دلي اپلاکا رهي آهي؟”
“ها يار ڪهڙي آهي اها اپلاکا”
“توکي سڌ آهي ته مون پنهنجي وت آهر غريبن ۽ گهرجائو ماڻهن جي مدد ڪئي آهي.مون کي ڪي ماڻهو پسند ڪن ٿا ۽ ڪيترا ئي ناپسند.تون ڄاڻين ٿو ته منهنجا وروڌي ماڻهو منهنجي خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهيا آهن.مان جنتا جو پنهنجي باري ۾ رايو ڄاڻڻ چاهيان ٿو.”
“؟اهو ڪيئن ڪيو ويندو”
“ٻڌ دنيا جي اڳيان جي اها ڳالهه اچي ته مان پرلوڪ پڌاري ويو آهيان ته منهنجي باري ۾ ضرور اخبارن ۾ ايندو ۽ ماڻهو ڳالهائيندا.”
“دوست تون سياڻو آهين توکي ته خبر هوندي ته مرڻ پڄاڻان ته دشمن به ڀلو ڳالهئيندا آهن.”
“نه نه اهو ضروري ناهي منهنجي خواهش آهي ته ماڻهن ۾ اها خبر ڦهلائي وڃي ته مان سنسار مان ڪوچ ڪري ويو آهيان پوءِ ڏسون ته اخبارن ۾ منهنجي باري ۾ ڇا ٿو اچي.ڏسون ته شوڪ سڀائون وغيره ٿين ٿيون يا نه”
“هي منهنجو دوست به الائي ڪهڙا ڪهڙا ويچار ٿو مغز ۾ پالي؟”مرچو مل سوچڻ لڳو.ظاهري طرح چيائين “پوءِ يار اهڙو ويچار عمل ۾ ڪيئن آڻڻ جو ارادو اٿيئي؟”
“هيڏانهن ويجهو اچ ته توکي سڀ سمجهايان ٿو.”
ٻئي ڏينهن صبوح جو سويل سج اڀرڻ کان اڳ ٻئي جدا جدا موٽرن ۾ جُوهُو سمنڊ جي ڪناري طرف وڌيا.مرچو مل پنهنجي وڍالا جي هڪ بيڊ روم واري فلئٽ جون ڪنجيون سيٺ شيوڪرام کي سونپيونهيون ۽ پاڻ سيٺ جي هڪ ڦاٽل قميص ۽ جُتيءَ جو پادر کڻي سمنڊ جي ڪناري تي پهچي ويو.ٻئي سمنڊ جي بلڪل ويجهو ڪناري جي ريت تي چهل قدمي ڪرڻ لڳا.ٿوري دير کانپوءِ سيٺ پاڻ ته هڪ موٽر اسٽارٽ ڪري نڪري ويو ۽ مرچو مل سيٺ جي قميص ۽ پادر سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏيا.جڏهن اهي ٻئي شيون هڪدم دور پهچ کان ٻاهر هليون ويون ته هن واڪا ڪرڻ شروع ڪيا.
“بچايو بچايو.. ....،،سيٺ شيوڪرام کي سمنڊ جي لهر پاڻ سان کڻي ويئي.”صبوح جو سوجهرو ٿيڻ لڳو هو.ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو جيڪي هئا سي ڊوڙڻ لڳا.هڪ ٻن شخصن سمنڊ ۾ ڇلانگ به هنئي.مرچو مل پوليس کي فون ڪيو.ٿوري دير بعد ۾ پوليس پهچي ويئي.سمنڊ جي ڪناري وارا گارڊ پهچي ويا.سيٺ کي ڳولهڻ جي پرجوش ڪوشش شروع ٿي ويئي.هتان ايمبولينس تيار بيٺي هئي.هتان ٻيڙيون ۽ موٽر پوليس پنهنجي تلاش ۾ سرگردان هيون مگر سيٺ جي زنده يا مرده جسم کي هو ڳولهي نه سگهيا هئا.شام جو اٽڪل چئين لڳي هنن کي سيٺ جي ڦاٽل قميص ۽ جتيءَ جو پادر هٿ آيو.مڊ ڊي اخبار ۾ سيٺ جي گم ٿيڻ جون خبرون ڇپجي ويون”سيٺ شيوڪرام کي صبوح جو سئر ڪندي جُو هُو بيچ تي سمنڊ جي لهر پاڻ سان گڏ کڻي ويئي.هو اڃا تائين لاپتا آهي.”
سيٺ جيئن تيئن اڪيلي سر ان وڊالا واري فلئٽ ۾ رات گذاري ۽ صبوح ساڻ هو اخبار جي خبر پڙهڻ لڳو.
خوشقسمتيءَ سان شيپڪرام ڇڙوڇانڊ هو.هن شادي ڪانه ڪئي هئي.کيس نه ٻار هو نه ٻچو ۽ نه ئي ڪو پريوار.پرين مائٽن کانسواءِ هن ڪو خاص سنبنڌي هئو ڪونه.ها دوست بيشمار هئس.
صبوح جو مرچو مل شهر جون سڀ روزانيون اخبارون کڻي اچي سيٺ جي سامهون ڦهلايون”هان هيءُ وٺ پنهنجو املهه ذخيرو”
سيٺ کي ٻيو ڇا گهربو هو.هر هڪ اخبار ڻ سيٺ جي سارهه جا چٺا ڇپيل هئا.ساکن جون پليون ٻڌل هيون.ڪن ساراهه جا ڍڪ ڀريا ته ڪن ڳيتون پئي پيتيون.
هو پنهنجي کيتر جو بيتاج بادشاهه هو”
“هن جهڙو نسوارٿي سماج شيوڪ چراغ کڻي ڳولهڻ سان به ڪونه ملندو.”
“هو هن دکي سنسار لاءِ سک جو سنديشو کڻي آيو هو”
“هو اونداهي دنيا جو هڪ پرنور ڏيئو هو.”
“.هڪ چمڪندڙ لاٽ هئي.”
“هو جهڙو اندر هو تهڙو ٻاهر اهڙو شفاف دل انسان وري ڪٿان ملندو؟”
“سماجڪ کيتر ۾ هڪ دور جو انت ٿيو.هڪ نئين دور جي شروعات جنهن جو مستقبل سياهه آهي.”
“هو هڪ ڪوهنور هيرو هو”
“سيٺ شيوڪرام هڪ سچو شيوڌاري”
سيٺ شيوڪرام کڳيون هڻڻ لڳو.منهنجي جيون سڦلي ٿي ويئي مون جيڪي چاهيو مون کي مليو.
واهه واهه ماڻهن مون کي صحيح سڇاتو.
“هاڻي دوست تون پنهنجي جڳهه تي واپس پهچي وڃين ته بهتر ٿيندو.سڀاڻي ڪنهن به حالت ۾ منهنجي زندهه هجڻ جون خبرون اخبارن ۾ اچڻ گهرجن.”
“يار هڪ ٻه شوڪ سڀا ٿي وڃي”
“نه نه اصل به نه ورنه تڪليف ۾ اچي وينداسين.”
“مگر واپس وڃڻ جي رٿ ڪهڙي آهي؟”
“هنڀيري مان توکي سمجهايان ..ٻڌ سنجها ٿيڻ کان اڳ ڪارو چشمو ،ٽوپي ۽ ڦاٽل پتلون پهري پنهنجي چهري کي اڌگابرو ڍڪي ناريمن پائنٽ جي ڏاڻي ڀر پهچي وڃ.ڪالهه صبوح جو هوا جو رخ ڏکڻ طرف هو.مون پڇا ڪئي آهي.لهرن کي ان طرف وڃڻ گهرجي.تون قميص لاهي هڪ هنڌ ويهي رهه.مان جلدي اتي پهچي ويندس.توکي موٽر ۾ وجهي پوليس کي تنهنجي لڀجڻ جي خبر ڏيندس ۽ اتي ئي پنهنجي دوست ۽ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ۾ تنهنجي ملم پٽي ڪرائيندس ۽ آبرو دار ڪپڙا پهرڻ لاءِ ڏيندس.”
“ملم پٽي؟”
“اهو ته ڪرڻو ئي پوندونه! تون پنهنجي ننهن سان پاڻ کي رهنڊون پائي وٺ نه ته مان توکي پايان؟”اڳيان وڌي ٿو.
“ٺيڪ آهي .................ٺيڪ آهي ڇڏ مون کي ٿي ويندو”
“شايد رات جو ڪلنڪ ۾ وهڻو پوي.شايد نه به رهڻو پوي.پوليس اچڻ کان پوءِ توکي پنهنجي گهر پهچائيندس.تنهن کانپوءِ تون سنڀالي وٺج.”
مرچو مل پنهنجي ٽي وي چالو رکي هئي.ان وقت خبرون اچي رهيون هيون.اچانڪ سيٺ شيوڪرام جو نالو ٻڌي هنن ٻنهي جا ڪن سرلا ٿيا.خبر هن طرح هئي.
“ممبئي شهر جي مشهور سماج شيوڪ شيوڪرام جنهن کي جهُو ڪناري تي لهرون پاڻ سان کڻي ويون هيون جو لاش برآمد ٿيو آهي.لاش جو چهرو سڃاڻن کان ٻاهر آهي.مگر پوليس وارن جو چوڻ آهي ته اهو شيوڪرام جو ئي آهي.”ٻئي دوست اکيون ڦاڙي هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا.
“هل اسان کي هاڻي ئي نڪرڻو پوندو.ڪڍ پنهنجو چشمو ۽ مڦلر ٻاهر.”
“يار هڪ ٻه شوڪ سڀا ٿيڻ ڏي نه”
هاڻي بس ڪر گهڻو ٿيو.”