• ريٽا شهاڻيءَ جون ڪهاڻيون
بقول پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ “ساهت اهو جو زندگي جي ترجماني ڪري،ساهتڪار جي ذميداري آهي ته سماجڪ اوڻاين جي اوگهڙ ڪري پر ساهتڪار ته سماج سڌارڪ ۽ نه سنت جو اپديش يا پروچن ڏئي.ساهتڪار کي ڪلائمڪ نموني انساني جيون جي آرسي ڏيکارڻي آهي.”
ريٽا جي اڪثر ڪهاڻين ۾ اڄ جي جيون جي آرسي آهي ۽ سماجڪ اوڻاين جي اوگهڙ ڪيل آهي.ڪن ڪهاڻين ۾ منوگيانڪ مسئلا به کنيا اٿائين.هن گهري نظر رکندڙ ۽ انڀوي ليکڪ جيان پنهنجين ڪهاڻين ۾اڄ جي جيون جا چتراڀاريا آهن.
ساهت نسبت ان نقطي کي کڻي ته “ڪلا ڪلا لاءِ يا ڪلا زندگيءَ لاءِ”گهڻو تمام گهڻو نه ختم ٿيندڙ واد وواد ٿيو آهي.پروفيسر ملڪاڻيءَ “ڪلا زندگي لاءِ “واري اصول جو پيروڪار هو اسان مان گهٽ اها مڃتا کڻي لکندا رهيا آهن.ڪي جديد ليکڪ ان اصول کي بلڪل ريٽين ٿا.
ليکڪه ريٽا شهاڻي ڪنهن به واد(ism) ۾ نه ٻڏي آهي.هن سهج سڀاءُ اڄ جي ڪٽنبي جيون ۽ سماجڪ ماحول ۾ جيڪي اوڻايون آهن.ٽٽندڙ رشتا آهن .ملهه(values) رهيا ئي نه آهن۽ پئسو ئي پير آهي.ان قسم جون تصويرون پيش ڪيون آهن.اسين اصول ڪهڙو به اپنايون لکڻ مهل اهو ڪم نه ايندو آهي.ياد به نه هوندو آهي.لکڻ مهل گهرجي ته سمجهنا ۽ بي ساختگي.
ريٽا جون ڪهاڻيون پڙهڻ بعد مون کي ائين لڳو “قت جي سئي” ،معصومڪردار ،در دريون درپن ،لننڊ ڇو نه ٿي اچي ۽ نمي کمي نهار اهي ڪهاڻيون ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معياري آهن.
وقت جي سئي ڪهاڻيءَ ۾ ٻالڪپڻي جي ارڏاين ۽ ٻڍاپي جي بيوسين جو تضادي چتر آهي.ڪنهن وقت جيڪو پيءُ پنهنجي ٻالڪ پٽ جو پنڌ نه ڪري سگهڻ ،ٿاٻا کائڻ يا سوپ يا کير هارجي پوڻ جهڙيون ڳالهيون چوڻ وچان گوارا ڪيون.اهو پيءُ جڏهن برڌ اوسٿا(ٻڍاپڻ) ۾ پهتو آهي ته سندس پنڌ ڪندي ٿاٻڙجي پوڻ يا سوپ هارجي پوڻ انهن ڳالهين تان جوان پٽ ڏاڍو خفي ٿو ٿئي.”سڀاويڪ پيرسن پيءُ کي پٽ جي ٻالڪ اوسٿا دوران منظر اکين اڳيان ٿي ڦرن.پيءُ جو ويچارو ڪردار همدردي ٿو حاصل ڪري جيڪو ئي ليکڪه جو مقصد آهي.
معصوم ڪردار ڪهاڻي جو ننڍڙو ٻالڪ پنهنجي دنيا ۾ محو آهي پنهنجي ماءُ پيءُ جي شادي جو سهڻو فوٽو ڏيکاريندي هو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه ٿو ماپي.هن جي ماءُ ٻي شادي ڪئي آهي.سندس اصلي پيءُ ڪو ٻيو آهي.اهي ڳالهيون هنجي سمجهه جي دائري کان ٻاهر آهن.هن ٻالڪ جي اجهل خوشي سندس معصوميت جو ڀرپور احساس ڏياري ٿي.
مون کي در دريون درپن ڪهاڻي مواد توڻي جڙت جي خيالن کان بهترين لڳي. وقت جا ٻرندڙ مسئلا رشتن ۾ ڏار ،منهن جو وڃائجڻ ،چهرن مٿان چڙهيل نقاب ،اڄ جي زندگيءَ جا بدصورت پهلو.مان جي ڪردار معرفت اڀاريا ويا آهن.مان جي ڪردار جي واقعاتي مجبوري ۽ تيز نظر ڪهاڻيءَ ۾ بلڪل ڦهڪيل ٿي لڳي.حقيقت ۾ ئي ٻيون ڪهاڻيون سڀ منهنجو ڏوهه ،چهري مٿان چهرا ،ڪاڪٽيل جي پارٽي ساڳين انساني ڪمزورين ۽ سماجي گراوٽن بابت لکيل آهن.پر هيءَ ڪهاڻي ادبي رنگ ۽ نوع جي ڪري الڳ ٿي بيٺي آهي ۽ ٻيون ئي ڪهاڻيون ڄڻ هن ڪهاڻيءَ ۾ سمائجي ويون آهن.
ننڊ ڇو نه ٿي اچي؟هڪ هٿڻ هار نوجوان جي ذهن ۾ الڙ عمر جي شوقن ۽ وڏڙن جي نصيحتن جا پڙاڏا گونجي رهياآهن.انهن جي ٽڪر مان تناءُ(ڇڪ) پئدا ٿو ٿئي ۽ هن کي ننڊ نٿي اچي.سڌي سادي لهجي ۾ لکيل مانسڪ(ذهني) ڪشمڪش سبب پيدا ٿيل پيڙاءُ نسبت اثرائتي ڪهاڻي آهي.
نمي کمي نهار مني ڪهاڻي آهي سس ننهن جي کٽي رشتي تي گهڻيئي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن پر هن ڪهاڻيءَ جو لطف ئي ٻيو آهي.
ڪلا پرڪاش
آديپور ڀارت