ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3784
  • 989
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

14. مان آهيان نه !

ممي ممي تون ڇو ويٺين روئين؟ پليز روءُ نه!”
“ڪيئن ڇا پيو چوين؟ مان ڪٿي ويٺي روئان؟”ممي ٻئي پاسي مُنهن ڦيريندي چيو.
“مون کي خبر آهي ته تون مون کان لڪائي لڪائي روئندين آهين”
“اڙي ڇو لڪائينديس؟ مميءَ کلندي چيو
“ان ڪري ته مون کي ڏک ٿيندو.”
“نه نه ائين ڪونهي”
“ڏس ڏس تنهنجون اکيون اڃا به آليون آهن.”مميءَ جي اکين تي هٿ ڦيريندي”ڏس ڏس ! منهنجي آڱر مميءَ کي ڏيکاريندي.
“ڇڏ مون کي تنگ نه ڪر منهنجي آڱر به آلي آهي مان ڇو روئنديس؟”
“ممي مون کي خبر آهي تون ڊئڊيءَ کي ياد ڪري روئندي آهين.مون کي نه ٿي ٻڌائين ڇو ته مان ننڍڙو آهيان.مان ننڍڙو؟” پنهنجي پيرن تي بيهي ٿو.”ڏس ڏس ڪيڏو ٽال آهيان،ڏس ڏس ! منهنجا مسلس!” پنهنجون ٻئي ٻانهون ٻيڻيون ڪري ٿو ۽ انهن کي سيٽي ٿو ۽ مُشڪون تاني ٿو.”ڏس ڏس منهنجا مسلس ڪيڏا مظبوط آهن.مان ڪيڏو قداوار آهيان.تنهنجي سنڀال مان ڪندس.تون اصل به اونو نه ڪر”
“اڙي ڇا پيو چوين ؟!اجائي بڪ بڪ لڳائي اٿئي.مون کي ڪو اونو ڪونهي.جلد تيار ٿي وڃ.اسڪول ۾ دير پئي ٿيئي!”
“ممي توکي مون کي پنهنجي سئڊ اسٽوري ٻڌائڻي پوندي.ڊئڊي ڪٿي آهي؟هتي ڇو نه آهي؟سڀني جا ڊئڊي هتي آهن منهنجو ڇو نه آهي؟”
“هل هل مون کي به ڪم ڪرڻ ڏي اڙي اسڪول جي بس اچي ويئي آهي.جلدي هيٺ لهه چڱو مان ئي تو سان ٿي گڏ لهان.”
“پوءِ ٻڌائيندين؟”
“ها ها”
رات جو سمهڻ مهل “ممي تو چيو هو تون ٻڌائيندينءَ ڪٿي آهي منهنجو ڊئڊي؟هو ڪڏهن ايندو؟”
“تنهنجو ڊئڊي ولايت ۾ آهي هن کي اچڻ ۾ اڃا وقت آهي.”
“ڪيترو وقت”
“جام وقت”
“ممي مان تنهنجي سنڀال ڪندس.پرامس! مان تنهنجو ڊئڊي ٿيندس نه نه (کلندي) ڊئڊي نه تنهنجو هسبنڊ ٿيندس(کلندي) نه نه هسبنڊ نه (پنهنجي مٿي ٿي ڌڪ هڻندي)هسبنڊ ڪيئن ٿيندس؟(کلڻ لڳي ٿو) مان تنهنجو وڏو ڀاءُ ....نه نه وڏو ڀاءُ ڪيئن...(وري پاڻ کي ڌڪ هڻي ٿو) ڇا پيو چوان مان؟مان تنهنجو فرينڊ ٿيندس....فرينڊ ٺيڪ آهي نه؟مان تنهنجي سنڀال ڪندس ...ڊونٽ ڪراءِ ممي ڊونٽ ڪراءِ .... مان آهيان نه.”