10. وقت جي سئي .ائنٽي ڪلاڪ وائيز
چوڌاري بلبن جي تکي روشنيءَ منهنجين اکين کي چڪا چوند ڪري ڇڏيو.ڊرائيور موٽر جو دروازو کولي بيٺو هو.مان سنڀالي سنڀالي هيٺ لٿس.وڻن ۾ رنگين بلب ،ساوا ،پيلا ،نيلا جهرمر ڪري رهيا هئا ۽ فضا کي جڳمڳائي رهيا هئا.ڄڻ ته مان ڪنهن پرستان ۾ پهتو هوس.ڪيڏي عرصي بعد مون ايڏي رونق ڏٺي هئي.
“بابا،هلڻ شروع ڪريو نه؟بيهجي ڇو ويا آهيو؟”مون ديپڪ جو آواز ٻڌو .جو پنهنجن ڌيئن پنڪيءَ ۽ ڊاليءَ سان گڏ اڳتي وڌڻ جون تياريون ڪري رهيو هو.مان به هلڻ لڳس.مون کي لڳو ته منهنجا قدم لڙکڙائي رهيا هئا.مون ڪوشش ڪئي ته ٻين کي ان ڳالهه جي لکا نه پوي.ثابت قدمن،پر ڌيان سان پُٺيءَ کي سڌو ڪري هلڻ لڳس.
پر هنن جي رفتار سان پُڄڻ سولو ڪونه هو.
“بابا پاڻ سان لَڪڻ ڇو نه ٿا کڻو؟”هاڻي ديپڪ جي لهجي ۾ ٿوري تکاڻ اچي ويئي هئي.
“نه نه مان ٺيڪ آهيان ،لڪڻ جي ڪهڙي ضرورت؟”
مون پنهنجي رفتار کي ٿورو تيز ڪيوپر ...پاڻ کي سنڀالڻو به ته هوم.”
لان تي ڪرسيون ۽ ميزون رکيون هيون .ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ،زالون ۽ مرد ،سهڻن لباسن ۾ بيٺا هئا،ڳالهائي رهيا هئا ۽ کلي رهيا هئا .....هوا ۾ ٿوري ٿڌڪار ٿوري نمي..سگريٽن جو دونهون،سينٽ جي خوشبوءِ.......
ورديءَ پهريل دربان اندرين ريسٽارنٽ جو دروازو کوليو.مون نرم ڪارپيٽ تي پير رکيو.....روشني هڪدم ڌيمي ٿي ويئي هئي.ڪٿي اکين کي آزاريندڙ ٻاهريون تکيون بتيون ۽ ڪٿي هي ڊم لائيٽ وارو ماحول ننڍي پاور وارا بلب ،لائيٽ فٽنگس ۾ ٻري رهيا هئا ۽ ميزن تي ميڻ بتين جون لاٽون روشن هيون ۽ هلڪو هلڪو نور ڦهليل هو.
هاڻي منهنجي هلڻ جي رفتار وڌيڪ ڍري ٿي ويئي هئي پر..پوءِ به مون ڪنهن کي پتو پوڻ نه ڏنو...مون کي ڏسڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي هئي...پر هلڻو ته هو ئي ..نه ته وري.......!
ديپڪ اڃا نئون نئون هلڻ سکيو هو.هن جا پير لڙکڙائيندا هئا...بدن ۾ ايڏي سگهه نه هئس،قدم پُختا ڪونه هئس،هلندي هلندي ڪِري پوندو هو پوءِ به مون سان ۽ ماءُ سان ضد ڪندو هو ۽ پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.مان يا ماءُ هن کي هنج ۾ کڻندا هئاسين ته زور ڏئي هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪندو هو.هنج ۾ ڦٿ ڦٿ ڪندو هو.اسين هن جي بي آراميءَ تي کلندا هئاسين.هن جي جُريت تي ناز ڪندا هئاسين.هڪڙو ڀيرو اهڙي ئي نموني اسين ٻاهر ڊنر کائڻ ويا هئاسين.ان وقت اهڙين ڀڀڪيدار هوٽلن ۾ وڃڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو.پنهنجي وت آهر ننڍڙي ڪنهن ريسٽارنٽ ۾ ويا هئاسين.هو لڙکڙائيندي،لرزندڙ قدمن سان هلي رهيو هو.ٿاٻا کائي رهيو هو پوءِ به اسان جو هٿ پڪڙڻ کان انڪار ڪري رهيو هو.نه ئي هنج ۾ چڙهڻ لاءِ تيار هو.ٿوري خفگي ٿي رهي هئي پر ان کان وڌيڪ هُن تي پيار اچي رهيو هو.هن جي همٿ ۽ پاڻهي پنڌ ڪرڻ جي سندس ڪوشش تي اسين ٻلهار وڃي رهيا هئاسين.هڪٻئي کي اشارا ڪري رهيا هئاسين ۽ هن جي ڪاميابيءَ تي فخر ڪرڻ لڳا هئاسين.جڏهن ڪجهه قدم پاڻ کڻي سگهيو ته هن کي هنج م کڻي خوب پيار ڪيو هوسين...۽ اڄ؟
منهنجا پير لڙکڙائڻ لاءِ آماده آهن....پر مان ان حقيقت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.....ڪٿي مون کي لَٺ هٿ ۾ نه ڏني وڃي...ڪٿي مون کي ٻين جي هٿ کي پڪڙڻو نه پوي.ڪٿي مون کي ٻين جي نظرن ۾ پنهنجي لاءِ رحم ڏسڻ ۾ نه اچي...ڪٿي ڪو کهرو اکر نه ٻڌڻو پوي،ڪٿي ڪو دل تي چوٽ نه ڪري ،ڇاڪاڻ ته زخمن تي مرهم لڳئڻ وارو ته ڪو هوئي ڪونه...جيسين پنهنجي طاقت تي هلي سگهان ٿو.هلندو ايندس..پوءِ ..پوءِ جي چنتا مان هينئر ڇو ڪريان؟
“بابا ،مينيو ڪارڊ ڏسي ٻڌايو ته توهين ڇا کائندا؟”
مون پنهنجو چشمو کيسي مان ڪڍيو ۽ مينيو ڪارڊ اڳيان ڪري ڌيان سان پڙهڻ لڳس:
“ڪوبه سوپ گهراءِ”
“ڪوبه معني ڪهڙو”
“مڪسڊ ويجيٽيبل سوپ”
“۽ ٻيو؟”
“توهين جيڪي گهرائندا ان مان کڻي ڪجهه کائندس”
“بس، توهان جون اهڙيون ئي ڳالهيون آهن!” ديپڪ شڪل ٺاهيندي چيو
ٿوري دير بعد سوپ ميز تي اچي ويو ۽ هاڻي اهو منهنجي سامهون هو.مون سوپ جوچمچو هٿ ۾ کنيو.پوءِ الائي ڇا ٿيو؟ شايد ڪٽورو پوري طرح رکيل ڪونه هو.مون ته ڪجهه ڪيو ئي ڪونه .ٿورو سوپ ميز تي هارجي پيو.گهڻو نه ٿورو ،سوپ جا ٿورا ڇنڊا ميز پوش تي به ڪريا ۽ ٿورا منهنجي ڪوٽ جي ٻانهن تي ڪريا.ويٽر ڊوڙندو آيو.
“بابا ! توهين سنڀاليو ڇو نه ٿا؟.....توهان کي ٿيو ڇا آهي؟”
ننڍڙو ديپڪ ميز تي چڙهڻ جو ضد ڪري رهيو آهي...هوٽل جي ميز ...ڪانٽا چمچا هٿن ۾ اٿس.اسين هن کي روڪڻ جي ڪوششڪري رهيا آهيون...هو ٻڌي ئي نه ٿو...اوچتو پاڻيءَ جو سڄو ڀريل گلاس ميز تي هارجي پيو نه رڳو ميز تي پر اسان جي مهمان جي ڪپڙن تي پڻ.مِس روزي گهٻرائجي اٿي کڙي ٿي ۽ پنهنجي سڙهي ڇنڊڻ لڳي،هوءَ اسان جي گيسٽ هئي.
ديپڪ گلو ڦاڙي روئڻ لڳو.
“نيور مائينڊ ماءِ بواءِ دڍڊونٽ ڪراءِ” اسان جي مهمان مروت وچان چئي رهي هئي.
مان روئندڙ ديپڪ کي هنج ۾ کڻي ٻاهر وٺي وڃان ٿو .هن جو روئڻ بند ئي نه ٿو ٿئي.هن کي ريجهائڻ لاءِ ڪئڊبري چاڪليٽ جو سلئب وٺي ٿو ڏيان.....روئڻ بند ٿي ٿو وڃي.
................
“بابا، توهين منهنجي لاءِ ڪئڊبري چاڪليٽ ڪونه وٺي آيا نه؟.......ماءِ فيورائيٽ چاڪليٽ” پنڪي چئي رهي هئي.
“اڙي تنهنجي لاءِ چاڪليٽ وٺڻ ڪيئن وساريندس؟” ديپڪ جي لهجي ۾ نرمي اچي ويئي هئي.نه رڳو تنهنجي لاءِ ،پر ڊاليءَ لاءِ به آندا اٿم”هن پاٻوهه وچان چيو،”هن کيسي مان ٻه وڏا چاڪليٽ ڪڍيا ۽ ٻنهي ڄڻين کي ڏنا.
“او ٿئنڪ يو پاپا ،ٿئنڪ يو لو پاپا!”
مان ميزپوش جي آلي ٽڪري کي پنهنجي رومال سان سُڪائڻ جي ڪوشس ڪري رهيو هوس.