• اڄ جي ڪهاڻي ۽ مان
انساني سڀاءَ ۾ ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو شوق مانو جيون(انساني زندگي) جي جنم کان وٺي رهيو آهي.جڏهن کان وٺي ماڻهن هڪ ٻئي سان گفتگو ڪرڻ شروع ڪئي.چاهي اشارن ۾ ،مدرسائن ۾ ،معني خيز آوازن ۾ يا صاف اڪريل لفظن ۾ ،ڪهاڻيءَ جو آغاز ٿي چڪو هو.سولن لفظن ۾ ڪنهن دلچسپ واقعي جي ورثن کي ڪهاڻيءَ جو درجو ڏئي سگهجي ٿو.ڪهاڻيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻهن جي گهرج ٿيندي آهي.هڪ چوڻ وارو ۽ ٻيو ٻڌڻ وارو ۽ لکيل ڪهاڻيءَ ۾ هڪ لکڻ وارو ۽ سوين ۽ هزارين پڙهڻ وارا.
ساهت ، سماج جوآئينو آهي ۽ سماج دائمي ڦرندڙ گهرندڙ آهي.تنهنڪري ڪهاڻي ڪلا ڪيترا ئي رستا طئي ڪري مختلف حالتن مان گذري اڄ واري روپ تي پهتي آهي.
ڪابه ڳالهه ننڍي هجي يا وڏي هجي ياواقعو تهذيب هجي يا ادب ناول هجي يا ڪهاڻي ننڍي ڪهاڻي هجي يا وڏي ڪهاڻي ان کي وڌائڻ ۾ رڳو هڪڙو جزو جوابدار ڪونه هوندو آهي.ڪيترا واقعا بيشمار شخصيتون اڻ ڳڻيون ڳالهيون ان کي وڌائڻ ويجهائڻ نکارڻ ۽ سنوارڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.رچناڪار جون رهنما بڻجنديون آهن .هن جي رچنا کي وسعتون خاصيتون ۽ رفتار بخشينديون آهن.هر رچنا سان ايئن ٿيندو آهي منهنجين ڪهاڻين سان به ايئن ٿيو.
روبندر ناٿ ٽيگور پنهنجين ڪهاڻين جي ڀيٽ هڪ هلندڙ ٻيڙيءَ جي دريءَ جي نظاري سان ڪئي آهي.ڇاڪاڻ ته اها هڪ دري آهي.نظارو مڪمل ٿي ڪونه سگهندو.اهو زندگيءَجوصرف هڪ ننڍڙو حصو هوندو ڇاڪاڻ ته ٻيڙي هلي رهي آهي .اهو نظارو هر وقت تبديل ٿي رهيو هوندو.
ڪڏهن ليکڪ پنهنجي ڪهاڻي ذريعي پنهنجي اندر جي صفائي Catharsis ڪندو آهي.هتي مان روسي ليکڪ ائٽن پبلو چيخوف جي هڪڙي ڪهاڻي جو ذڪر ڪنديس.جيڪا هن ويهين صديءَ جي شروعات ۾ لکي هئي.ان جي اصلي نالي جي مون کي ڄاڻ ناهي پر ان جي هنديءَ جي ترجمي جو نالو آهي”ايڪ ڪلارڪ ڪي موت”(اهاڪهاڻي سنڌيءَ ۾ “ڪلارڪ جي موت “جي عنوان سان ڪافي وقت اڳ ولي رامولڀ ترجمو ڪئي هئي۽ “انڊلٺ”ڊائجسٽ ۾ شائع ٿي هئي.)ناٽڪ ڏسندي مهل هڪ ڪلارڪ ڇڪ ڏني ۽ سندس ڇڪ جا ڪي ڇنڊا اڳيان ويٺل سندس آفيسر جي گنجي ٽپڻ تي پيا.بعد ۾ ليکڪ چيخوف پنهنجي دوست کي خط ۾ لکيو”ان ڪهاڻي لکڻ بعد مون کي لڳو ڄڻ ته مون پنهنجي وجود ۾ سمايل غلاميءَ جي احساس جي آخري بوند کي نپوڙي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو”“در اصل چيخوف جوڏاڏو غلام رهي چڪو هو.ليکڪ لاشعوري طور ڪهاڻي لکندي مهل پاڻ کان به لڪک جذبا پنهنجين لکڻين ۾ وجهي پنهنجي من کي اوجل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. ڪهاڻيڪار جي تخليقيت جي پرڪريا(Process) ڪجهه هن طرح ٿيندي آهي.
هو پنهنجي ڏٺل ماضيءَ ۽ اڻ ڏٺل مستقبل کان پاڻ ڇڏائي هتي ۽ هينئر جيئڻ لڳندو آهي.زبان ۽ مڪان هڪ هنڌ فريز(Freeze) ٿي ويندا آهن.۽ اهو کِڻ ،ان تخليقڪار جو کِڻ بڻجي پوندو آهي.هو پنهنجي فن سان ان کڻ کي جيئاري ڇڏيندو آهي.پاڻ کي نه بچائيندي سچائيءَ سان ٻئي جي نظر(خارجي نظر)سان ڏسڻ ۽ ڀوڳڻ جي صلاحيت “اڄ جي ڪهاڻي” جي پهرين تقاضا آهي. زندگي کي جيئڻ جو تيئن ڪاغذ تي لاهڻو ناهي .اهو چوڻ ته مون سان ايئن ٿيو يا فلاڻي سان ايئن ٿيو ڪافي ناهي.ان ۾ ڪجهه فنائتو هئڻ لازمي آهي.ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ جو ماحول مقرر آهي.”کڻڪ”ماحول آهي جنهن ۾ تناءُ(ڇڪ) هراس ۽ ڪامپليڪس به هجن،ته ظاهر آهي سيڪس(sex) ان جو ئي حصو آهي.پر سيڪس کي رڳو جسماني پهلو ڪونه ٿيندا آهن،ان کي منووگيانڪ پهلو به ٿي سگهن ٿا.جڏهن پنهنجي ارد گرد ڪا ڳالههمن کي لوڏي ئي اندر ۾ ڪو وراڪو پوي ٿو.ان وقت چيتنا ،جا دروازا کلن ٿا.وشواس جوڳي ڳالهه ڳولڻ وارو ڪلاڪار پنهنجي اندر ۾ پنهنجي اڌ وسريل ماضيءَ ۽ اڻ ڏٺل مستقبل جي وچ ۾ ياترا ڪندو رهي ٿو.پنهنجين يادگيرين ۾ ڪجهه ڳوليندو رهي ٿو.ڪڏهن ڪڏهن هو بنا ڳولڻ جي به انهن کي پاڻ وٺي ٿو.ڇاڪاڻ ته چيتنا جي دروازن پٺيان هر وقت ڀڻ ڀڻ کس کس جاري هوندي آهي.جنهن کي هن جا اندريان ڪن جهٽي وٺندا آهن ۽ قلم پاڻهي چرڻ لڳندو آهي.هن جو انتهه ڪرڻ هڪ اهڙي ندي بڻجي پوندو آهي.جنهن جا ڌارا کي سچيتيءَ جو وهڪرو(stream of consciousness) جو نالو ڏنو ويندو آهي.جتي زمان ۽ مڪان جي نقطا گڏجي رچناڪار جاکڻ بنجي پوندا آهن.چاهي ڪمري ۾ اڪيلا هجون ياماڻهن جي ميڙ ۾ اسان جي اندر ڪجهه ٺهندو ۽ جڙندو رهندو آهي.۽ اهڙي طرح ڪهاڻيءَ جو سرجڻ ٿيندو آهي.
سرجڻ ۽ شلپ(گهڙت) گڏجي هڪ رچنا جو نرماڻ ڪن ٿيون.ڪڏهن ٻئي ڳالهيون هڪ ئي وقت ٿين ٿيون ته ڪڏهن اڻ لکي وڇوٽي رهي ٿي.ڪڏهن ذهن جي به شموليت رهي ٿي ته ڪڏهن ان بنا به تخليق ٿي وڃي ٿي منهنجون ڪهاڻيون سماج جي اوچي طبقي سان وابسته آهن پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ معاشري جون اوڻايون پاڻهي منهنجين ڪهاڻين ۾ اچي وينديون آهن.هن ڪهاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي انساني رشتن جون منجھائيندڙ تندون نظر اچن ٿيون ۽ گهريل مسئلن سان مکاميلو ڪرائين ٿيون.مان مڃان ٿي ته رچناڪار جي جوابداري سماج سڌارڻ جي ناهي نه ئي ڪنهن مسئلي جو حل ڪڍڻ ئي هن جو ڪم آهي صرف حالتن سان دوبدو ٿي انهن کي پاٺڪن جي اڳيان رکڻ. اڄ جي ڀڄ ڀڄان ۽ ٽي وي ڪلچر واري دور ۾ پڙهڻ جو وقت گهٽ ملڻ سبب هڪ نئين صنف مني ڪهاڻي وجود ۾ آئي آهي مني ڪهاڻي يعني ٿوري ۾ گهڻو چوڻ ۽ سگهاري انداز سانچوڻ ايئن چوڻ جو پڙهندڙن تي پنهنجو تاثر ڇڏي سگهي.مني ڪهاڻي، ڪوتا ۽ ڪهاڻي جي وچ ۾ ڪجهه آهي.ٻنهي جو ساڳيو جزو آهي سندن مختصر پڻو.پر اها ڪوتا گهٽ ڪهاڻي وڌيڪ آهي.ڪجهه شوخي ڪجهه شرارت ڪجهه مبهم درد ، ڪجهه طنز ،ڪجهه انتظار ۽ اچانڪپڻو ،اهي آهن مني ڪهاڻيءَ جون علامتون مختصر هئڻ سبب ان ۾ مون ڀاسا پاڻهي اچي ويندي آهي يعني ڪجهه ڳالهيون اڻ ڇپيل ڇڏيون وينديون آهن.ويهين صدي دنيا ڀر جي عورتن لاءِ حيرت انگيز تبديليون کڻي آئي ۽ اسين سڀ ان ڳالهه کان واقف آهيون.اسان جون عورتون به اڳي کان وڌيڪ سجاڳ ،خودمختيار ۽ آزاد ٿي پيون آهن.خاص ڪري شهري عورتون پر ان شفي(positive) صورتحال .اسان جي گهريلو حياتيءَ تي ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي ڇا ان جا سڀ نتيجا خوشگوار نڪتا آهن؟منهنجين ڪن ڪهاڻين ۾ اهڙين حالتن کي به درشايو ويو آهي.مردن جي صدين کان پاڙون پڪڙيل ذهنيت ،سڀاءُ ۽ وهنوار ۾ اهڙو تڪڙو ڦيرو اچڻ ڇا ممڪن يا سڀاويڪ آهي؟ڪيئن مٽي سگهندا.هو پنهنجن ويچارن کي پنهنجين مڃتائن کي؟عورت ۽ مرد جي رشتن جي ميزان ٽٽڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟منهنجين گهڻين ڪهاڻين ۾ اهڙا سوال اٿاريا ويا آهن مثال طور “سڀ منهنجو ڏوهه” ،چهري مٿان چهرا”،ڪمائيندڙ زال ،در درين درپن ،مرچي پارٽي ،جدا ٿي ويل جوڙن جي ٻارن جون ذهني پريسانيون ،عقوبتون بيان ڪن ٿيون.منهنجيون مني ڪهاڻيون آخر ٻارن جو ڪهڙو قصور آهي؟هنن کي ڇو ٿو ڀوڳڻو پوي؟چار ڪهاڻيون شهري اوچي طبقي جي پارٽين جا منظر پيش ڪن ٿيون.مرچي پارٽي ،در دريون درپن ،ڪاڪٽيل پارٽي ۽ چهري مٿان چهرا منهنجين ڪهاڻين ۾ نه غربت آهي نه مسڪيني نه سياست جا پيچيدا مسئلا آهن ۽ نه سماجڪ ڀيد ڀاوء اهي گهڻي ڀاڱي رشتن جي منووگيان سان لاڳاپا رکن ٿيون.هن مجموعي ۾ ننڍڙيون توڙي وڏيون بندريون توڙي ڊگهيون ڪهاڻيون شامل آهن.ڪي وڏيون ننڍيون ڪهاڻيون ته ڪي ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون آهن.ڪي مني ڪهاڻيون (جن کي هندي ۾ لگهو ڪٿا جو نالو ڏنو ويندو آهي) آهن ته ڪي مائڪرو مني ڪهاڻيون (جن کي هندي ۾ کشڻڪ سڏيو ويندو آهي ڇا اسين انهن کي کڻڪ(پل) ڪهاڻين جو نالو ڏيئي سگهون ٿا.) مان اڪثر سوچيندي آهيان ته ڪهاڻيءَ جي آڪار کي ڪيتري اهميت ڏيڻ گهرجي؟ڪي ڪهاڻيون ڏيل ۾ لنبيون هئڻ جي باوجود به ايترو ڪجهه ٻڌائي نه سگهنديون آهن جڏهن ته ڪي وري ننڍڙيون پتڪڙيون ڪهانيون گهڻو ڪجهه چٽي وينديون آهن.مان ننڍڙين ڪهاڻين کي “مختصر ڪهاڻيون” سڏڻ کان به ڪنارو ڪنديس ڇاڪاڻ ته اهي ننڍڙيون هوندي به مختصر ناهن هونديون.انهن جو دائرو لامحدود ٿي سگهندو آهي.اهي افق تائين پهچڻ جون صلاحيتون رکنديون آهن.انهن جون معنائون اڻميون ٿي سگهنديون آهن.هن مجموعي ۾ مون سڀني قسمن جون ڪهاڻيون گڏي سڏي پيشآ ڪيون آهن ڀل پڙهندڙ اندازو لڳائين ته ڪهڙي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟
موضوع ۽ نوع جي هساب سان ڪي سنجيده آهن ته ڪن ۾ اڻلکو مذاق آهي ته ڪن ۾ طنزمون عورت ۽ مرد جي جي رشتن کي متوازن نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ صرف هڪ ڌر کي ڏوهه ڏيڻ کان ڪنارو ڪيو آهي نه Feminist بڻجڻ جي دعوي ٿي ڪريان ۽ نه مرد جو پاسو ٿي کڻان.سماج ۾ جن حقيقتن کي مون ڏٺو آهي ۽ محسوس ڪيو آهي اهي خود بخودمنهنجين ڪهاڻين ۾ اچي ويون آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته پروفيسر اي.سي.برنڊلي مشهور انگريز نقاد جو آڪسفورڊ ۾ ڏنل ليڪچر جو هڪ گفتو”گنڀير سنسني خيز موضوعن تي معياري رچنا جي بنسبت مبهم ۽ معمولي موضوع تي سٺي ۽ معياري رچنا لکڻ ۾ وڌيڪ قابليت ۽ ڪلا جي درڪار آهي.”حاصل مطلب اهو آهي ته موضوع ڪهڙو به هجي اهم سوال پيشڪش جو.اها منهنجي خوشقسمتي آهي ته منهنجو ناول”گونگي گگن سان گفتگو” هند ۾ شايع ٿيڻ جي بدران حيدرآباد سنڌ (جولاءِ 2001ع) ۾ پڌرو ٿيو.۽ هاڻي هيءُ ڪهاڻين جو مجموعو ڀارت کان پهرين سنڌ ۾ ڇپجي رهيو آهي.جنهن لاءِ مان پنهنجي ننڍي ڀاءُ سمان موهن مدهوش جي بيحد شڪر گذار آهيان هو نهايت پيار صبر ،عزت ۽ احترام وچان منهنجو هيءُ ٻيو ڪتاب ڇپائي رهيو آهي.اميد ٿي ڪريان ته منهنجون هي ڪهاڻيون سنڌ جي پيارن پاٺڪن ۾ پسند پونديون آمين !
ريٽا شهاڻي