ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

11. معصوم ڪردار

مون اڄ پاڻ کي آجو ڪيو آهي.ذهني طرح سان نه به کڻي پر جسماني طرح سان مان سڀني کان بلڪل الڳ ٿلڳ ويٺي آهيان.پنهنجن سڳن سنٻڌن کان ،دوستن مترن کان ،نوڪرن چاڪرن کان ،پنهنجي گهر کان دور ٿي وئي آهيان.برابر ذهني طرح سان مڪمل طرح ڇٽل ناهيان ۽ نه ئي ٿي سگهنديس. پر پوءِ به ...الڳ ٿلڳ آهيان.ائين اڪثر مان ڪندي آهيان.مان ٽرين ۾ سفر ڪري رهي آهيان ۽ جڏهن مان ائين ڪندي آهيان ڪجهه ساڪارتمڪ(سڦلائتي تخليق) سرجڻ ٿيندو آهي.اڄ به ڪجهه پختو ڪجهه الڳ ڪرڻ جو ارادو اٿم.
ڇا لکان ؟ ڇا لکان؟ها اڄ ڪهاڻي لکنديس.اڄ مون کي هڪ ڪهاڻيءَ جي تلاش آهي.منهنجي چو طرف ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻيون آهن.ڪهڙي ڪهاڻي کڻان؟ڪٿان کڻان؟ڪهڙو ڪردار کڻان؟هتي منهنجي چوڌاري مسافر ويٺا آهن.ڪي اخبار پڙهي رهيا آهن؟ڪي اکيون پوري رلئڪس ڪري رهيا آهن.هنن جي اندر پنهنجون پنهنجون اڪيچار ڪهاڻيون آهن.ڪي آشائون ،ڪي نراشائون ،ڪي آڪانکشائون ،ڪي سمسيائون ،ڪي پريشانيون ،رشتن ناتن جا مونجهارا ،ننڍيون خوشيون ننڍا غم ،سڀ ڪجهه من اندر دٻائي جيون جو سفر طئي ڪري رهيا آهن.
مان پنهنجي ڪهاڻي ڪٿان کڻان؟ڪنهن جي کڻان؟ڪنهن جي اندر جهاتي پايان؟
اوچتو هڪ ننڍو ٻار عمر اٽڪل پنج سال ڪاريڊور مان پنهنجي رانديڪي واري پوليس ڪار پئسيج جي فرش تان “زون زون”جي آواز سان هلائيندو ڊوڙندو آيو.هن جي موٽر منهنجي ساڙهيءَ جي بارڊر ۾ اٽڪي بيهجي ويئي ۽ ابتي ٿي ويئي.
“اڙي آنٽي توهان منهنجي موٽر جو ايڪسيڊنٽ ڪرائي ڇڏيو ڪار ڌار ٿي ويئي”
“ساري سَن! موٽر خراب ڪونه ٿي!”
“ها آنٽي ٿوري خراب ٿي مان رپيئر ڪرائيندس”هن ناٽڪ ڪندي چيو
هو وري زون زون ڪندو موٽر هلائيندو نڪري ويو.
هو وري موٽي آيو ۽ اڳين سيٽ تي ويهي رهيو.وري اٿيو ۽ منهنجي ڀرسان اچي بيٺو.
“تنهنجو نالو ڇا آهي؟”مون کانئس سوال پڇيو
“پنڪج”
“توسان گڏ ٻيو ڪير آهي؟”
“منهنجي ديدي”
هن اڳينءَ سيٽ تي ويٺل ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪيو.
اها “ديدي”ڏسڻ ۾ هڪ “آيا”پئي لڳي
“پنڪج آنٽي ڪو تنگ نمت ڪرنا”ديديءَ چيو
“اوڪي ديدي! ديدي ميرا فوٽو آلبم دينا پليز!”
ديديءَ هن کي هڪ ننڍڙو آلبم ڏنو.
“آنٽي هي ڏسو! منهنجي ممي ڊيڊي جي شاديءَ جو فوٽو ممي ڪيڏي سئيٽ آهي نه”
مون آلبم کوليو.پهريون فوٽو هڪ شادي ڪيل جوڙي جو شاديءَ وقت نڪتل فوٽو هو.ڪنوار ڳاڙهي ساڙهيءَ ۾ ۽ گهوٽ شيرواني ڪرتي ۾ هو.هيٺ پٽ تي پنڪج پاڻ ويٺو هو.
“ها تمام سندر” مون چيو
“هي ڏسو آنٽي هي ممي هي ڊيڊي ۽ هي مان! آهي نه سٺو فوٽو”
“ها ها ويري گڊ هي فوٽو ڪڏهن جو آهي؟”
“شادي ڪالهه ٿي.آنٽي مون کي اسڪول وڃڻو آهي ته ان ڪري مان ديديءَ سان واپس گهر وڃي رهيو آهيان”
“۽ ممي ڊيڊي”
“هو ايندا نه؟ سڀاڻي مون سان ديدي آهي نه”
“آءِ سي” هاڻي مان ٻار کان ڇا پڇان؟ته هو پنهنجي ممي ڊيڊي جي شاديءَ ۾ ڪيئن شريڪ ٿيو؟هو ڪيڏو خوش آهي! ڪيڏو معصوم آهي”
“پنڪج چپ چاپ آگي آڪر بيٺو”آيا پنڪج کيڇڙٻيندي چيو
...۽ هو اڳيان وڃي ويٺو.ٿوريءَ دير بعد وري اثي بيٺو
“ديدي باٿ روم”
هو ديدي جو هٿ جهلي ٽائليٽ طرف وڌيو.
منهنجي هٿ ۾ البم هو منهنجي پاسي واري ليڊيءَ مون کي چيو
“مان هي آلبم ڏسي سگهان ٿي!”
“ها ها ڇو نه”
هن فوٽي جاچيندي چيو”اڙي هيءَ ته مسز ڀاٽيا آهي”
“مسز ڀاٽيا؟”
“ها هيءُ ڪئپٽن ڀاٽيا آهي؟”
“نه نه هي ڪئپٽن ڀاٽيا ڪونهي”
“توهان کي پڪ آهي ته توهين هن کي سڃاڻو؟” مون فوٽي واري عورت ڏانهن اشارو ڪندي چيو
“او سو سيڪڙو پڪ! هو ديولائي ڪيمپ ۾ اسان جي ڀرسان رهندا هئا منهنجو پتي به آرمي آفيسر آهي.”
“اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي”
“اٽڪل ڇهه سال اڳ ها ان وقت مسز ڀاٽيا پرگننٽ هئي.مون کي چڱي طرح سان ياد آهي.”
مون پنڪج ۽ آيا کي ايندو ڏٺو ۽ ڌيري چيو”بهتر ٿيندو ته ان باري ۾ وڌيڪ نه ڳالهايون”
“ها ها مان سمجهي سگهان ٿي.”
پنڪج پنهنجي سيٽ تي ويٺو.وري اٿي بيٺو”آنٽي آلبم واپس ڏيو منهنجي ممي ڊئڊي جي شاديءَ جو آلبم”
مون هن ڏي آلبم وڌايو
“آنٽي سهڻا فوٽا آهن نه ممي ڊئڊيءَ جا”
“ها بيحد سهڻا”
مون ان ٻار جي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو
مون کي الائي ڇو دل ٿي رهي هئي ته ان معصوم ٻار کي گهڻو گهڻو پيار ڪريان!