ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

7. در، دريون، درپن

مان مُمبئيءَ جي فلئٽ جي دريءَ مان سامهون چئني طرف اُڀيون ٿيل عمارتون ڏسي رهيو هوس.اوچيون اوچيون عمارتون،ڪي ڏهه منزليون ڪي سترنهن منزليون ته ڪي ست منزليون ڪي وري بلڪل بندريون ٻن ٽن منزلن واريون هيون.مان پنهنجي عمارت جي ستين منزل تي هَوس.شام جا ست لڳا هئا.انڌيرو ڌيري ڌيري وڌندو پئي ويو ۽ چوڪنڊيون کڙڪيون ڌيري ڌيري روشن ٿينديون پئي ويون.پهرين هڪ ،پوءِ ٻه ،پوءِ چار ،ڏهه پنجاهه ،سو دريون ٻهڪڻ لڳيون ۽ نَو وڄندي وڄندي هزارن ۾ چونڪ ٻرڻ لڳا.اها وارڊن روڊ جي ايراضيءَ جي پٺ هئي.جتان ممبئيءَ جا گگن(آسمان) چمندڙ اسڪاءِ اسڪريپرسن (Sky scrapers) نظر اچي رهيا هئا.
مان شولاپور مان انٽرويو ڏيڻ واسطي ممبئي نگريءَ ۾ آيو هوس رستي تي هلندي هلندي ٿاٻو کاڌم ۽ ٽنگ جو هڏو ڀڄي پيو.پرديس ۾ خرچ ۾ پيس ۽ تڪليف ٻئي پاسي.ٽنگ تي پلئسٽر چاڙهيو ويو. خوشقسمتيءَ سان منهنجي هڪ ويجهي مائٽ جو وارڊن روڊ تي فلئٽ خالي پيو هو.هن مون پندرهن ڏينهن لاءِ رهڻ جي آڇ قبول ڪري ورتي.انٽرويو ته مان اڳيئي ڏيئي آيو هوس ۽ پندرهن ڏينهن ۾ نتيجو به ظاهر ٿيڻو هو مون کي نوڪري ملڻ جي گهڻي اميد هئي.
نئون شهر نه دوست نه دڙو سرير جڏو ۽ پئسي جي محدودگيءَ مون کي سڄو وقت ڪمري ۾ ئي گهارڻو پيو.هڪ ڇوڪرو ملي ويو هوم جو منجهند جي ماني ۽ رات جو کاڌو هوٽل مان آڻي ڏيندو هوم.توڙي ڪمري جي صفائي به ڪندو هو.مان ويساکين جي مدد سان رنڌڻي ۾ پنهنجي چانهه ٺاهي وٺندو هوس ۽ جهڙو تهڙو سنان ڪري وٺندو هوس.وقت ڪاٽڻ تمام ڏکيو ٿي پيو هو.سڄو ڏينهن اخبارون پڙهڻ ،ڪتاب پڙهڻ ۽ ليٽر لکڻ ۾ توڙي سمهڻ ۽ ليٽڻ ۾ گهاريندو هوس.باقي رات ڪاٽڻ ڏکي ٿي پوندي هئي.ڏينهن جو ننڊون ڪرڻ ۽ ڪنهن ڪم ڪار جي عدم موجودگيءَ جي ڪارڻ ،رات جو ننڊ اچڻ کان نابري واري بيهندي هئي.اول ته هن کي ريجھائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس.پر پوءِ ڇڏي ڏنم.نه ٿي اچي ته ڀلي نه اچي.مان پنهنجي دريءَ جي ڀرسان ڪُرسي رکي ويهي رهندو هوس.نوين ۽ ڏهين بجي رات جي وقت پيڪ(peak) ٽائيم هوندو هو.جڏهن گهڻي ۾ گهڻيون دريون روشن هونديون هيون ۽ ڪمرن اندر چهل پهل متل هوندي هئي.ٽي ويءَ جا رنگين پردا منهنجي سامهون اچي ويندا هئا.مان جيئرن جاڳندڙن انسانن کي هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ ويندو ڏسندو هوس ۽ پنهنجي ڪلپنا ۾ عجيب ڪم ڪندو ڏسندو هوس.ڪڏهن لڳندو هوم ته ڪي اڪيچار اکين وارا راڪاس مون ڏانهن نهاري رهيا آهن ته ڪڏهن وري لڳندو هوم ته آسمان هيٺ لڙڪي ايو آهي.ڌرتيءَ تي اُڀو ٿيو بيٺو آهي۽ اهي آسمان جا چلڪندڙ تارا هئا.جيڪي ٻڙڪي رهيا هئا.واندڪائيءَ ۾ منهنجي ڪلپنا مون کي الائي ڪٿي جو ڪٿي پهچائيندي هئي.وقت پوندي دريون گل ٿي وينديون هيون ۽ پوءِ ايڪڙ ٻيڪڙ اکيون وڃي بچنديون هيون.
منهنجو فلئٽ منهنجي بلڊنگ جي ستينءَ ماڙيءَ تي هو ۽ بنهه سامهون واري بلڊنگ اسان جي بلڊنگ کان اٽڪل ٽيهن چاليهن فوٽن جي دوريءَ تي هئي.ان بلڊنگ جي ڇهين ستين ۽ اٺين ماڙ جا منظر مان آسانيءَ سان ڏسي سگهندو هوس،جيڪي مون کان هيٺ هئا.انهن جون ڪجهه جهلڪيون ڏسڻ ۾ اينديون هيون.پر مٿين ماڙين جي ڪجهه به خبر ڪانه پوندي هئي.بلڊنگ چڱي خاصي وڏي هئي. انڪري گهڻين ئي درين جو ديدار ڪري سگهندو هوس.
ڌيري ڌيري مون کي درين جي اندر ٿيندڙ ڪارنامن کي ڏسڻ جي عادت پئجي وئي.جيئن پڪچر ڏسڻ جي عادت ٿيندي آهي.چانهه پيئڻ جي علت پوندي آهي.هر رات نون ناٽڪن پسڻ جو مرض لڳي ويو.ڪنهن رات ڪو ناٽڪ ڏسڻ جو وجهه نه به ملندو هو پر مان پنهنجي دريءَ جي ڀر ۾ رکيل ڪُرسيءَ تي آرام سان ويهي انتظار ڪندو رهندو هوس.ڪڏهن ويٺي ويٺي اک لڳي به ويندي هئم ۽ اوچتو ئي اوچتو ڪجهه ڏسڻ جو موقعو ملي ويندو هوم.
هڪ رات سامهون واري بلڊنگ جي ستين ماڙ جي هڪ فلئٽ ۾ پارٽي هئي.انڌيري ٿيڻ کان جهٽ پوءِ انگريزي ميوزڪ وڄڻ شروع ٿي ويو ۽ جيئن جو تيئن ان جو واليوموڌندو ويو.جوانن ۽ جوانڙين جي پارٽي هئي.دور کان هنن جي ڳالهائڻ ،کلڻ ۽ ٽهڪن جو پڙلاءُ ڪنن تي پوڻ لڳوهو.اهو ڪنڊ وارو فلئٽ هو .جنهن جي ڪنڊ ۾ ، هڪ ٽيرس به هئي،جا منهنجي دريءَ جي بلڪل سامهون ته ڪانه هئي پر مان ان جو ڪجهه حصو ڏسي سگهيس ٿي.ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ گلاس ڪن گلاسن ۾ شراب هوندو،ڪن ۾ ڪولڊ ڊرنڪس يا ڪجهه ٻيو ،ان جو مان اندازو لڳائي ڪونه ٿي سگهيس.پر منهنجي ناسُن ۾ وسڪيءَ جي خوشبوءِ گهڙي وئي.گڏوگڏ سگريٽ جو دُونهون به ڄڻ ته ويڙهي ويو پر اها منهنجي صرف ڪلپنا ئي هئي.
ٿوري دير بعد انگريزي ڊانس به شروع ٿي وئي ،ڪي جوڙا ڊانس ڪري رهيا هئا ته ڪي وري لوهه جي ٻني کي جهلي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ گلاسن مان ڪجهه پي رهيا هئا.رات جا ساڍا ٻارنهن اچي لڳا هئا.پر کاڌي جو نالو نشان ڪونه هو.اوچتو ڀر واري ڪمري جي بتي ٻري ۽ منهنجي سامهون هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو هڪ ٻئي جو ٻانهن ۾ جڪڙيل نظارو اچي ويو.ڇا ڪري رهيا هئا؟ان جي تفصيلن جي مون کي ڄاڻ ڪانهي.پر گهڻو ڪجهه ڪري رهيا هئا.اصل هڪ ٻئي کي چنبڙيا پيا هئا.ٿوري دير کانپوءِ بتي گُل ٿي وئي ۽ مان بُت بڻيو ويٺو رهيس.
هاڻي بالڪنيءَ ۾ کاڌو لڳي ويو هو.چمچن ڪانٽن جي ڇن ڇن ۽ پليٽن جي ٽڪرائڻ جو جهيڻو آواز ڪنن تي پيو.جنهن وقت سڀ کاڌو کائڻ ۾ محو هئا.ان وقت وري اها ساڳي دري ٻرڻ لڳي.اهو ساڳيو ڇوڪرو سندس بيهڪ وارن ۽ ڪپڙن مان اهوئي پئي لڳو ٻي ڇوڪريءَ سان اندرگهڙيو ۽ وري ساڳئي درشيه جو دهراءُ ٿيو.ڄڻ ته ساڳي سين replay ٿي رهي هئي۽ هيءَ ڇوڪري جينس ۾.پهرين جا وار ڊگها هئا ته ٻيءَ جا ڪٽ وار.مان اچرج وچان ڏسندو رهيس.اڌ ڪلاڪ اندر ڇوڪري مٽي ورتائين! ڀائي.هيءُ سڀ ڇا ٿي رهيو آهي منهنجي ناقص سمجهه کان ٻاهر!
ان بعد هڪ ٻه رات دلچسپ ڪونه ٿيو.ساڳيا روزمره ج گهريلو منظر ۽ ٽي ويءَ جا درشيه.
هڪ رات ڪجهه دلچسپ ٿي گذريو.رات جا ٻه لڳا هئا.مان ٿوري ننڊ ڪري اٿيو هوس.ٽائليٽ جو خيال ٿيو پوءِ اچي ڪرسيءَ تي ويٺس.ڏائي پاسي واري ڳڙکيءَ مان چاليهن واٽس جهڙي بلب جي روشني اچي رهي هئي.مون ڏٺو ته پلنگ تي ڪو مريض ليٽيو پيو هو.شايد ڪو ٻار هو.پاسي ۾ ڊرپ جو اسٽينڊ رکيل هو ۽ نليءَمان سلائين يا ٻي ڪا دوا ٻار جي جسم جي اندر وڃي رهي هوندي.يونيفارم پهريل هڪ نرس پنهنجيءَ ٽوپيءَ سميت ڪجهه وقت اتي بيٺي هئي.پوءِ اتان ٻئي ڪمري ۾ ويئي هلي ۽ اتي جو چونڪ روشن ٿي اٿيو.اُهو ڪچن هو.نرس گئس جي اسٽووَ وٽ ڪجهه ڪري رهي هئي.شايد پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي رهي هئي.پوءِ آرام ڪرسيءَ تي ويهي ڪوپ هٿن ۾ جهلي چانهه پيئڻ لڳي.ڪيترو وقت ڪرسيءَ تي ويڍي رهي.سامهون واري اسٽول تي پنهنجون ٽنگون ٽيڙي ويٺي رهي.شايد اُتي ننڊ به کڄي ويس.هُتي ٻار اڪيلو پيو هو.مان به ويٺي ويٺي جهوٽا کائڻ لڳس اوچتو هڪ چيخ جو آواز ٿيو.مان ڇرڪ ڀري اٿيس.نرس پنهنجي ڪُرسي ڇڏي ڪمري ۾ ڀڄي وئي.ان کان اڳ ٻئي پاسي واري ڪمري ۾ به لائيٽ ٻرڻ لڳي هئي.ماحول ۾ چڱي گهٻراهٽ هئي.ٽينشن هو.گهر جو مالڪ نرس تي بگڙجي رهيو هو .مالڪياڻي ٻار جي مٿي تي هٿ رکي .هن جي مٿان جھُڪيل هئي نرس ٿرماميٽر سان ٻار جو ٽيمپريچر ڏسي رهي هئي.ڪمري ۾ چڱي گڙ ٻڙ متل هئي.ٻار جي نرڙ تي پتيون رکيو پئي ويون.اڌ ڪلاڪ اندر هڪ ڪار بلڊنگ جي ٻاهران بيٺي.مپن کي لڳو ته ڊاڪٽر اچي ويو هو.ڊاڪٽر ٻار کي سئي هنئي هوندي.نئين دوا ڏني هوندي.ڏيڍ ڪلاڪ ڪمري ۾ ڪجهه ٿيندو رهيو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي صبوح جي روشني ڦهلجي ويئي مان پنهنجي بستري تي وڃي سمهي پيس.
مون کي اڻ تڻ هئي ڄاڻڻ جي ته ٻار کي رات جو ڇا ٿيوهو؟مان رات جو انتظار ڪرڻ لڳس.
رات آئي ته مون هنن جي ڪمري اندر جهانڪيو.ڏٺم ته نرس بدلجي چڪي هئي.ڪالهه واري ٿلهي ۽ دمبڙي نرس بدران سنهي ڊگهي نرس بيٺي هئي.پاڻ ٻار جي ماءُ رکي رکي اچ وڃ ڪريرهي هئي.چند ڏينهن کانپوءِ مون ٻار کي هلندو چلندو ڏٺو.بالڪنيءَ تائين به آيو ۽ مان سمجهي ويس ته ٻار بهتر ٿيڻ لڳو هو.
هڪ ٻي ڪهاڻيءَ ،نه نه ،ڪهاڻي نه ناتڪ لاءِ مون کي ٻن ڏينهن جو انتظار ڪرڻو پيو.ٻه ڏينهن وچ ۾ اهڙو ڪجهه انوکو واقعو ڪونه ٿيو.اهي ناٽڪ رات جو نوين کان شروع ٿيو۽ ناٽڪ مئچ هو.منهنجي بلڪل سامهون واري بلڊنگ جو بئٺڪ جو ڪمرو ۽ سمهڻ جو ڪمرو.ڊرائنگ روم جو وڏو دراوازو منهنجي سامهون کليل هو ۽ روشنيءَ ۾ مون کي گهڻو ڪجهه ۽ بلڪل چٽو نظر اچي رهيو هو.درين جي حالت ۾ رڳو ڪردارن جو مٿيون اڌ سرير نظر ايندو هو.دروازي مان ته ننهن کان چوٽيءَ تائين سڀ ڏسڻ آيو پئي.هڪ سُوٽيڊ بُوٽيڊ مرد عمر اٽڪل ٽيهه پنجٽيهه سال ۽ هڪ بيحد اسمارٽ عورت لڳ ڀڳ ان ئي عمر جي يا گهٽ هوندي.ان عورت بار جي پٺيان ٻاٽليءَ جو ٻوج کوليو ۽ ٻن گلاسن ۾ سوم رس اوتيو.اهو ڇا هو؟ وسڪي زم جن يا بيئر؟منهنجو اندازو لڳائڻ ممڪن نه هو.ٻنهي گلاسن سان گلاس ٽڪرايا ۽ مون پنهنجي ڪلپنا ۾ ٻنهي کيcheer چوندو ٻڌوپوءِ ته ناٽڪ شروع ٿي ويو.لپٽا لپٽي ۾ چما چمي.ڄڻ ته مان ڪا انگريزي فلم ڏسي رهيو هوس.اٽڪل اڌ ڪلاڪ ائين ٿيندو رهيو.وچ ۾ وچ ۾ هو گلاسن مان ڍُڪ به ڀريندا پئي ويا.پوءِ عورت ڪِچن مان کاڌو کڻي آئي ۽ ميز تي کاڌو بروسيو ويو.ٻنهي گڏجي کاڌو کاڌو.ان کان پوءِ ڊرائنگ روم جي بتي گُل ٿي وئي ۽ بيڊ روم جي بتي ٻري وئي.ائڪٽ نمبر ٽُو شروع ٿيو.مرد پنهنجي ٽاءِ لاٿي ،شرٽ لاٿي مان سندن دريءَ مان رڳو بسٽ سائيز ڏسي سگهيس ٿي يعني سرير جو مٿيون اڌ عورت باٿ روم ۾ ويئي. ڇو جو باٿ روم جي بتي ٻري ۽ پنهنجا ڪپڙا مٽائي يا لاهي بيڊروم ۾ گهڙي.عين ان وقت بيڊ روم جي بتي به گُل ٿي چڪي هئي.هنن ڪمري ۾ ڪٿي جهيڻي ٽيبل ليمپ ٻاري رکي هئي.ان جي روشني ڪجهه اهڙي نموني پئجي رهي هئي جو دريءَ جي سنهڙن سفيد پردن تي مون کي شئڊو پلي نظر آيو.لڳي ٿو ته بتي بند ڪرڻ کان اڳ هنن پردا ڇڪي ورتا هئا.جن اُلٽو هڪ اسڪرين جو ڪم ڪيو.هنن اهو اصل به ڪونه سوچيو هوندو ته پاڻ هنن جو ڪرم ڪانڊ ڄٽوئي ڄٽو پردن تي ڄٽجي رهيو هو.ڄڻ ته اجنتا ايلورا جو ڪلائمڪ تصويرون هيون.ڪڏهن مرد جو مٿو زال مٿان جهڪيل ته ڪڏهن عورت جو مٿو مرد مٿان جهڪيل بس.ڪلابازيون ٿي رهيون هيون.گهڻو ڪجهه منهنجي ڪلپنا تي به ڇڏيل هو.ڪيترو وقت ايئن گذري ويو.شايد چاليهه منٽ يا پنجيتاليهه اهو کيل جاري هو.
اوچتو ڪمپائونڊ ۾ هڪ موٽر گهڙي موٽرون ته ائين به آيون پئي.ويون پئي.حالانڪه رات جي ان وقت آمد و رفت گهٽ هئي.پر ان موٽر جو آواز عورت سڃاڻي ورتو.هارن به شايد وڳو اها عورت ٽپو ڏئي اٿي کڙي ٿي پردي کي هٽائي هيٺ نهاريائين.ڪمري جي بتي ٻري وئي.سٽنگ روم جي بتي به ٻري وئي.مرد تڪڙو تڪڙو خميس پائي رهيو هو.ڪوٽ پائي رهيو هو.عورت هن کي ٽاءِ ٻڌڻ به ڪانه ڏني. هوءَ اهڙي گهٻرايل حالت ۾ هئي جو مرد جو بريف ڪيس هٿن ۾ ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائينس.هاڻي هال ۽ بيڊ روم جون بتيون بند ٿي ويون.ٻن منٽن بعد هال جي لائيٽ ٻيهر ٻري ۽ اها ٻاري هڪ ٻئي مرد جيڪو ان گهر جو مالڪ هوندو ۽ ان عورت جو پتي(ائين منهنجي عقل مون کي ٻڌايو)ها ،هن جي موٽر جو آواز سڃاڻي ئي پتني ۽ پنهنجي پريميءَ کي گهر مان ڌڪو ڏئي ڪڍيو هو ۽ پاڻ مِکر ڪري پنهنجي پلنگ تي ڪمبل اوڙهي ڪوڙي ننڊ ۾ غلطان ٿي وئي هئي.
ايترو ڏسڻ منهنجي لاءِ ڪافي هو.مان دريءَ کان پري ٿي ويس.هيءُ ممبئي نگريءَ جي رات جي لائيف ڪهڙي عجيب غريب آهي؟يا ائين ته ڪونهي ته سڀني شهرن ۾ سڀني جڳهن تي ائين ٿيندو رهندو آهي؟رشتا مٽجندا رهندا آهنپتني پنهنجي پتيءَ کي ڌوکو ڏئي رهي آهي يا پتي پنهنجي پتنيءَ کي ؟اهو مرد ٻئي شهر مان آيو هو يا ساڳئي ئي شهر ۾ هو؟اهو ظاهر هو ته پتنيءَ جي اميدن جي برعڪس هو وقت کان اڳ گهر آيو هو.پتنيءَ کي هُن جي اچڻ جي اميد ئي ڪانه هئي.ان وقت رات جا ٻارنهن لڳا هئا.
ها ،ياد آيو وڏن شهرن ۾ مرد ۽ زالون ڪلبن ۾ پتي راند ڪندا آهن.زمي يا برج ،شراب نوشيءَ به ٿيندي آهي.اها هڪ رواجي ڳالهه آهي شايد اهو پتي هر رات هڪ يا ٻين بچي اچڻ جو عادي هوندو.ان رات هو جلدي گهر اچي ويو هو.ڇا عورت پنهنجي مڙس جي اکين ۾ ڌوٽ وجهي رهي هئي؟ائين به ممڪن آهي ته اهو پتي پڻ ٻين عورتن سان لاڳاپا رکي ويٺو هجي ۽ پهريون مرد جيڪو ان عورت وٽ ويٺو هو.سو به ڇا شادي شده هو؟گهڻيئي سوال من ۾ اٿي رهيا هئا.جن جا جواب مون وٽ ڪونه هئا.
ناٽڪن جي ڪردار ويچارن کي ڪهڙي ڄاڻ ته هڪ اڻڄاڻ اپاهج هڪ اُونداهي ڪنڊ ۾ ويهي هنن جا چڪچٽا ڏسي رهيو هو.هنن جا اڇا ڪارا سڀ پڌرا ٿي رهيا هئا.پر منهنجي ڏسڻ سان هن تي ڪهڙو فرق پوڻو آهي؟ها ،منهنجي ڄاڻ ضرور وڌي رهي آهي.نوان انڀو(تجربا) ملي رهيا آهن.ماڻهن جا اصلي ۽ نقلي چهرا ڏسي رهيو آهيان.اهو ته مون چند روشن درين دروازن مان ڪجهه نظارا ڏٺا.پر هن وقت رات جو ٻين لڳي هي جيڪي منهنجي چئني پاسي اونداهيون دريون آهن.انهن پٺيان ڪهڙا کيل ٿي رهيا آهن؟ضرور ڪجهه ته ٿيندو هوندو.ايڪڙ ٻيڪڙ باٿ رومس جي جهيڻن بتين کانسواءِ چوطرف انڌيرو هو.مان اٿي پنهنجي هنڌ طرف وڌيس.
منهنجو پندرهن ڏينهن جو مدو هاڻي پورو ٿيڻ تي هو.هر شام بتيون ٻرڻ شروع ٿينديون هيون ۽ دريون اشارا ڪري مون کي نيون نيون ڪهاڻيون ٻڌائڻ لاءِ آڪرشت(تيار ڪرڻ)ڪنديون هيون.مان واندڪائي ۽ اڪيلائي ۾ انهن ڪهاڻين ۾ کوهجي ويندو هوس.انهن ڪهاڻين ۾ ڪجهه جوڙي،ڪجهه ڪاٽي ،نيون ڪهاڻيون اڻڻ لڳندو هوس.
رات ته غضب جو ناٽڪ ٿيو ! رات جي اڃا شروعات ٿي هئي.هڪ پريوار ۾ جهڳڙو ٿي پيو.ناٽڪ مئچ هو.سامهون واري بلڊنگ جي ڇهين منزل وارو فلئٽ ،ٽيليويزن جي پردي تي ڪا ديسي پڪچر هلي رهي هئي.اوچتو ئي اوچتو چئنل مٽجي ويو.اسٽار ٽي وي جو نيوز چئنل شروع ٿي ويو.پڪ ئي پڪ گهر جي مالڪ ائين ڪيو هوندو.رموٽ ڪنٽرول جو بٽڻ دٻايو هوندو ڇاڪاڻ ته هڪ جوان ڇوڪري جوش ۾ اٿي پيءُ جي هٿن مان رموٽ ڪنٽرول کسي ورتو ۽ پردي تي وري پڪچر اچي ويئي.
هاڻي مرد جوش ۾ اچي ويو.هو اٿي کڙو ٿيو.هن جي جسم جي حرڪتن مان مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪن ڪاوڙ ڀريل گفتن جو ڪنن تي پڙلاءُ پيو.پردي تي وري نيوز آئٽم اچي ويو.ڇوڪرو به گهٽ ضدي ڪونه هو هن وري بٽڻ دٻايو ۽ پڪچر اچي وئي.هاڻي پيءُ اُلر ڪري پُٽ تي اچي ڪڙڪيو.ڄڻ ته ڌڪ ٿي هنيائينس.ان وقت ڪا مائي يعني پٽ جي ماءُ اچي ٻنهي جي وچ ۾ پئي.هوءَ ڪنهن جو پاسو کڻي رهي هئي.ان جو علم مون کي ناهي.گهر جا ٻيا ڀاتي به ان جهڳڙي ۾ شامل ٿي ويا.عين ان وقت سڄي پاڙي جون بتيون گُل ٿي ويون.پاور بند ته ٽي وي به بند چئني طرف انڌيري جو راڄ ٿي ويو.
مون کان کل ڇُٽي نڪتي.هي پڙهيل ڳڙهيل وڏا ماڻهو ڪهڙين تڇ ڳالهين تي هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هئا.گهر جي اندر ئي اندر پر جي ڏسجي ويهي ته جهڳڙا تڇ ڳالهين تي ئي ٿيندا آهن.ٻاهران سڀ ٺيڪ ٺاڪ لڳندو آهي.
پندرهن ڏينهن ڏسندي ڏسندي نبري ويا اڄ مان ٽنگ تان پلسٽر کولائڻ وڃي رهيو آهيان ۽ جلدي پنهنجي گهر هليو ويندس.
فلئٽ ڇڏڻ مهل مون پنهنجي دريءَ وٽ بيهي چئني طرف نظر ڊوڙائي مون کي لڳو ڄڻ ته درين جي پٺيان گهر جي رهواسين سان منهنجي گهڻي وقت سڃاڻپ هئي.ڄڻ ته هنن سان منهنجو ڪو ناتو هو.هو مون کي بنهه ڪونه سڃاڻن پر مان هنن کي سڃاڻڻ لڳو آهيان.شايد ضرورت کان وڌيڪ .پر انهن ڳالهين کي اُتي ئي ڇڏڻ واجب آهي.مون کي ته پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻي آهي.
مون پنهنجي ناٽڪ گهرن جي ياترن کان موڪلايو۽ انهن درن ۽ درين کي هٿ جوڙي الوداع چئي.جن مون کي اڻڄاڻائيءَ ۾ پنهنجن ڳجهن رهسين(خوشين) ۾ جهانڪڻ جو توڙي انساني چهرن مٿان چڙهيل نقلي چهرن کي ڏيکارڻ جو وجهه ڏنو هو.
مون هلندي هلندي هنن کان معافي ڄڻ گهري ڇاڪاڻ ته مون بنا اجازت جي هنن جي شخصي جيون ۾ نهاريو هو.حالتون ڪجهه نراليون هيون.جن مون کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو.
---- *** ---