ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3739
  • 946
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

• خوشنصيب ريٽا

ريٽا شهاڻيءَ سان منهنجو سڃاڻپ جو رستو ۽ رشتو 1986ع کان آهي ۽ گذريل ويهن سالن ۾ هوءَ شخصي طرح ته مون کي ويجهي رهي ئي آهي.پر هڪ تخليقڪار طور بنهه ويجهي رهي آهي.ريٽا جون اڪثر تصنيفون سواءِ چند ڪتابن جي منهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ موجود آهن.ريٽا جا ناول ،ڪهاڻيون ،ادبي ۽ تنقيدي مضمون ،جائزا ۽ تبصرا ،شاعري ،مونو لاگ ،يادگيريون ،آتم ڪٿا ،جيونيون ۽ سفر ناما ڪيتري قدر پسند ڪيا ويا آهن.ان جواندازو سندس ڪتابن تي سنڌ ۽ هند جي رسالن ۾ ڇپيل جائزن ۽ برک اديبن پاران لکيک ليکن راين ۽ مهاڳن مان لڳائي سگهجي ٿو.
ريٽا ،اسان سنڌ وارن لاءِ انڪري به فخر لائق ليکڪه آهي جو هوءَ سنڌي ٻولي جي سدا حيات عالم ۽ اديب منگها رام ملڪاڻيءَ جي ڀائيٽي آهي.پر ان کان وڌيڪ اسان کي فخر ان ڳالهه جي ڪري آهي.جو هن ادب جي جنهن به صنف تي قلم کنيو آهيان سان مڪمل نڀاءُ ڪيو آهي ۽ پاڻ کي هند توڙي سنڌ ۾ لوڪ پريه بڻايو آهي.
ريٽا جي خوشنصيبن جودائرو وسيع آهي.هيءَ دادا منگهارام ملڪاڻيءَ جي پياري ڀائٽي آهي.پوپٽي هيراننداڻيءَ ،ڪلا پرڪاش سندري اتمچنداڻي ،تارامير چنداڻيءَ ۽ ماهتاب محبوب جي دل گهري ساهيڙي ۽ سهيوڳي ليکڪه آهي.دادا هري دلگير ،گوبند مالهي ،ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ،دادا جشن واسواڻي ،پرڀو وفا ،هري موٽواڻي ستيش روهڙا ڪنيي ليکواڻي ۽ ولي رام ولڀ جي دعائن آسيسن ،آشير وادن۽ محبتن جو مرڪز آهي.ريٽا جي هڪ ناول”گونگن گگن جي گفتگو”جو مهورت جولاءِ 2001ع ۾ سندس ئي جنم ڀومي حيدرآباد سنڌ ۾ سندس پياري ساهيڙي ماهتاب محبوب جي گهر سائين محمدابراهيم جويي جي هٿان ٿيو.ٻئي مضمونن جي ڪتاب”جيون ۽ ساهت”جو مهورت سنڌي لنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي هال ۾ شوڪت شوري جي هٿان ٿيو.سندس ٽيون ڪتاب “ٻپهري جا پل(آتم ڪٿا جي ٻه ڀاڱا”گهنڊڄاڻ رڳو” ۽”ٻپهري جا ٻه پل”گڏيل صورت ۾)ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڊسمبر 2004ع ۾”شاهه سچل سامي امن ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ريٽا جي ڪهاڻين ۽ مني ڪهاڻين جو نئون مجموعو “رشتن جو رقص”هينئر پڌرو ٿي رهيو آهي.
ريٽا شهاڻي جو هيءُ ڪتاب “رشتن جو رقص”33 ڪهاڻين ۽ مني ڪهاڻين تي مشتمل آهي.جنهن جو غور سان اڀياس ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو تهريٽا واقعن ،وارداتن ،مشاهدن ،۽ انڀوئن( تجربن) کي جيئن جو تيئن پني تي اتارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي پر هن انهن واقعن وارداتن ،مشاهدن ۽ انڀوءن جي نهايت فنائتي اُٿت به ڪئي آهي.هن ڪهاڻين ۽ مني ڪهاڻين سرجڻ وقت نه رڳو پنهنجي شعور جا در اڦٽيل رکي آهن پر پنهنجي حساس من جون پيڙائون ۽ جذبا به ان ۾ سميٽيا آهن.جنهنڪري ئي سندس ڪهاڻيون يامني ڪهانيون اثرائتيون ۽ سماج جون حقيقي ڪهاڻيون محسوسجن ٿيون.
رشتن جو رقص مجموعي جوناڪثر ڪهاڻيون هندستاني سماج جي مٿئين ڪلاس جي فردن جون ڪهانيون آهن .جن ۾ مرد عورتون ،ٻار آيائون،ملازم سڀ اچي وڃن ٿا.اهيسمورا ڪردار هن گهڙيا ڪونه آهن پر اهي سمورا سندس ماحول ۽ آسپاس ۾ آباد آهن.مٿئين طبقي ۾ انساني رشتن جا بدلجندڙ روپ ۽ رنگ جيڪي رخ ۽ جيڪا رفتار اختيار ڪن ٿا.ان جي اولڙا ۽ عڪس اهڙا چٽا ۽ واضح چٽيا ويا آهن جو رشتن جا رقص اسان پنهنجي اکين آڏو ٿيندي محسوس ڪريون ٿا.
مني ڪهاڻي جو تجربو هند توڙي سنڌ ۾ ڪيو ويو آهي.ريٽا مني ڪهاڻي لکڻ جي ضرورت انڪري محسوس ڪئي يا سندس خيال ۾ مني ڪهاڻي وجود ۾ انڪري آئي آهي جو موجوده ڀڄ ڀڄان ۽ ٽي وي ڪلچر واري دور ۾ ماڻهن کي پڙهڻ جو وقت گهٽ ملي ٿو.مني ڪهاڻي جو مختصرپڻو ۽ تاٿر ئي آهي.جيڪو ان کي هڪ ڪامياب تخليق بنائي ٿو.ان ڏس ۾ ريٽا جون ڪهاڻيون نه رڳو ڪامياب ڪهاڻيون آهن پر ڪٿي ڪٿي ليکڪه پاران ڪهاڻيءَ ۾ ڇڏيل اڻپورائي ئي ڪهاڻي جي مڪملتا يا پورڻتا عروج يا چوٽي محسوس ٿئي ٿي.
ريٽا جي هن ڪهاڻين ۾ اسان اهو چڱي ريت ڏسي سگهون ٿا ته موجوده دور ۾ عورت ۽ مرد جي رشتن جو توازن ڪيئن بگڙي رهيو آهي؟مٿئين ڪلاس جي عورتن کي حد کان وڌيڪ حاصل ٿيل آزاديءَ جا ڪهڙا اُگرا نتيجا نڪري رهيا آهن؟ٻار ۽ اولاد جا ناتا ڪهڙو رخ اختار ڪندا رهن ٿا؟گهرو جهيڙن جو ٻارن جي ذهن تي ڪهڙو اثر پئجي رهيو آهي؟ملازمت پيشه عورتن ۽ مردن جي ازدواجي رشتن ۾ ڪيئن ديوارون اڏجي رهيون آهن؟شهري سماج جي ظاهري معتبر ڪردارن جا اصل روپ ڪهڙاآهن؟اوچين عمارتن اندر ڏوهه برايون ۽ اوڻايون ڪيئن پلجن ٿيون؟سس ۽ ننهن جا تعلقات شاديءَ جون رسمون انساني نفسيات ۽ سوچ جا بدلاءَ ۽ ٻيا کوڙ سارا موضوع ريٽا جي ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل موجود آهن.
مرچي پارٽي ۽ ڪاڪٽيل پارٽي ڪهاڻين ۾ اوچي سوسائٽيءَجا ٻه اهڙا رخ ۽ روپ اسان جي اڳيان آندا ويا آهن جن وسيلي هڪ طرف ويهين صديءَ۾ عورتن کي مليل آزاديءَجون حدون لتاڙيل معلوم ٿين ٿيون ته ٻئي طرف مرداني ٻهروپي سماج جي معتبر ڪردارن جي چهرن تان ماسڪ لهندي محسوس ٿين ٿا.هي ڪهاڻيون رڳو هندستان جي سماج جون نه آهن پر سنڌ جي شهري سوسائٽي خاص ڪري ڪاسموپوليٽين سوسائٽي جون به ڪهاڻيون آهن.ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پلازائن ۽ بنگلن جون روشن ۽ رنگين راتيون”دل دريون درپن”ڪهاڻي کان ڪنهن به صورت ۾ مختلف نه آهن.انسانيت ۽ تهزيب کان وانجهيل سوسائٽي يورپ جي هجي ،هندستان جي هجي لاهور جي هجي يا ڪراچيءَ جي هجي.ان جا ڪردار “در دريون درپن” ڪهاڻي جي ڪردارن جهڙا ٿي سگهن ٿا.هيءَ ڪهاڻي هن مجموعي جي شاهڪار ڪهاڻي آهي جيڪا هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو شولاپور مان بمبئي انٽرويو ڏيڻ اچي ٿو ۽ رستي تي ٿاٻڙجي ڪرڻ سبب ڄنگهه جو هڏو ڀڃائي ويهي ٿو ۽ کيس پنهنجي هڪ ويجهي عزيز جي خالي فليٽ ۾ پندرهن ڏينهن رهڻا پون ٿا هُو واندڪائيءَ ۽ ننڊ نه اچڻ جي صورت ۾ فلئٽ جي دريءَ وٽ ڪرسي وجهي سامهون واري بلڊنگ جي درين جي لڪڇپ راند ڏسڻ جو هيراڪ ٿي وڃي ٿو.اهڙا نظارا پلازائن ۽ اوچين بلڊنگن جي درين مان اسان مان الائي ڪيترن ڏٺا ضرور هوندا پر ريٽا جنهن تخليقي انداز ۽ سچائي سان ڪردار جي زباني فليٽن جي ٻهروپي زندگي جا عڪس چٽيا آهن.اهي سندس فن جو ڪمال آهن.مثال طور اپاهج ڪردار جي خودڪلاميءَ جا چند جملا “ناٽڪن جي ڪردار ويچارن کي ڪهڙي ڄان ته هڪ اڻڄاڻ اپاهج ،هڪ اونداهي ڪنڊ ۾ ويهي هنن جا چهچٽا ڏسي رهيو هو.هنن جا اڇا ۽ ڪارا سڀ پڌرا ٿي رهيا هئا پر منهنجي ڏسڻ سان هنن تي ڪهڙو فرق پوڻو آهي؟ها منهنجي ڄاڻ ضرور وڌي رهي آهي.نوان انڀوء ملي رهيا آهن.ماڻهن جا اصلي ۽ نقلي چهرا ڏسي رهيو آهيان.”
“بچايو”مني ڪهاڻي هڪ اهڙي منتري جي ڪهاڻي آهي جيڪو عوام کي بجلي گهٽ استعمال ڪرڻ يعني بجلي بچائڻ جو ڀاشڻ ڏئي ٿو پر پاڻ سان گڏ سوين اسڪوٽر ۽ ڪارون جلوس ۾ کڻي هلي ٿو.جن ۾ ڪيترو پئٽرول ۽ ملڪ جي ڪيتري دولت خرچ ٿيندي هوندي.ان جو کيس احساس نه آهي.هيءَ ڪهاڻي “رياستي ٻهروپيت جو عمدو مثال آهي.”مرچي پارٽي، ۾ فئشنيبل ۽ وڏ گهراڻيون عورتون (whore)
(طوائف) جي لباس ۾ آزاديءَ سان گانا ڳائي جشن ملهائي نام نهاد آزاديءَ جو اظهار ڪن ٿيون ۽ سندس اهو آزاديءَ جو غلط استعمال مردن کي مڇرائي وجهي ٿو.
ريٽا جون اڪثر ڪهاڻيون سندس لفظن ۾ “کڻڪ ڪهاڻيون”(کن پل جون ڪهاڻيون) آهن پر انهن جي مختصرپڻي پويان طويل سماجي پس منظر ۽ دائرو موجود آهي.اهي محدود لفظن جي ڄار ۾ لا محدود ڪئنواس رکندڙ ڪهانيون آهن.جن ۾ گنڀيرتا ۽ سنجيدگي به آهي طنز ۽ مذاق به موجود آهي ته سماج جي ٻهروپي ۽ معتبر ڪردارن جي مڪاريءَ تي طنز به آهي.ننڍا ننڍا انڀوء تجربا ۽ موضوع وڏيون وڏيون حقيقتن تان پردو کڻن ٿا اِن پُٽ آئوٽ پُٽ، نمي کمي نهار ،ٻه مونو لاگ(بيٺو ۽ بيٺي)،وقت جي سئي (رشتن جي حوالي سان هڪ لاجواب مني ڪهاڻي) معصوم ڪردار ،مان آهيان نه ،شادي جي پهرين رسم ،شادي جي آخري رسم،وقت جا نشان مني ڪهاڻيون کن پل جون ڪهاڻيون آهن پر هر ڪهاڻي انساني نفسيات (منووگيان)۽ سماج و آئينو آهي.”پرزم جا پرزا” ۾ عقيدت ۽ احترام جا جذبا هڪ جملي ۾ ڪيئن پرزا پرزا ٿين ٿا.اهو پڙهڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.اهڙي طرح ڪمئيندڙ عورت ۽ ماءُ جي پيرن هيٺان”ڪهاڻيون انساني رشتن جي ڀڃ پروڙ جو حد نشان آهن.”ٽاڪئون شيشو” ڪهاڻي هر ان ماءُ ۽ پيءُ کي ضرور پڙهڻ گهرجي جن جا جهيڙا ۽ رويا ٻارن جون ذهني صلاحيتون قتل ڪن ٿا.
مطلب ته هن مجموعي جي ڪا اهڙي ڪهاڻي نه آهي جيڪا تاثر نه ڇڏي ۽ سوسائٽيءَ جي ڪنهن رخ جي اکيل نه ڪندي هجي.هن قسم جون سماجي ڪهاڻيون باوجود ان دعوي جي ته ڪهاڻيڪار جو ڪم واقعن کي پيش ڪرڻ آهي ۽ حل ڏسڻ نه آهي! سماج کي ڪونه ڪو دڳ يا رستو ضرور ڏيکارينٿيون.هنن ڪهاڻين ۾ سماج جي بدلاءَ جي سوچ موجود آهي.جيڪا ڳالهه ئي هنن ڪهاڻين جي ڪاميابيءَ جو ڪارڻ آهي.پر اسان جي ماهر ڪهاڻيڪار ريٽا شهاڻي ڪٿي به تبليغ ،پروپگنڊا ۽ پرچار کان ڪم نه ورتو آهي.فن ڪلا ڏات ۽ ڏانءُ ان کي ئي چئبو آهي.

تاج جويو
24 اگسٽ 2005ع
حيدرآباد سنڌ