20. اسين به ته ساڳيون ننهون هيون سين!..........
سَسُون ٿيون ڳالهائين
(پنج ڏهاڪا)
سن 1964ع:
ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي.ڇوڪرين مان لڄ حيا ته صفا گم ٿي وئي آهي!اسين ته پنهنجي سس سهري سامهون مٿو ڍڪي اينديون هيونسين ۽ وڏڙن سامهون مڙسن سان به فضيلت ڀريو فاصلو رکنديون هيون سين.هي ڇوڪريون ٿيون آهن.مٿا اگهاڙا ڪري مڙسن سان لڳو لڳ ڪرسين تي ويهن پيون گپ شپ ڪن!.
سن 1974ع:
توبهه توبهه بلائن جهڙيو ننهون ٿيون آهن گهوٽ جو نالو پيون ڳنهن ۽ کين تون تون ڪريپيو سڏين هيءُ ڪو زمانو ٿيو آهي؟اسين ڪيڏو سنڀالي سنڀالي ڳالهائينديون هيون سين.
سن 1984ع:
اڄ جي ڇوڪرين کي ڪير سمجهائي؟سڄو ڏينهن پير گهرکان ٻاهر ۽ جيڪڏهن گهر ۾ هجن ته فون تي ٽان ٽان .اسان ته ڪڏهن به فون ائين ڪتب ڪونه آندو هو.مان ايترو فون ڪريان ها ته منهنجي سس گهر کان ٻاهر نه ڪڍي ڇڏي ها اسين ته ڀائي پنهنجي سسن کان ڊڄنديون هيون سين!
.سن 1994ع:
هي هيلٿ ڪلبون ڇا کليون آهن.سڀ ڇوڪريون پيون رڳو ڪسرتون ڪن.پنهنجو وزن وٺن يا پاڻ کي ٽيپ سان ماپين.توبهه وڃن پيون سنهڙيون سُڪڙيون ٿينديون ڄڻ ته ٺهن ٿيون اهي ته جوانن کان به جوانڙيون بڻجڻ جون ڪوششون آهن.۽ اهي پنهنجن ئي ٻارن سان چٽا ڀيٽي ڀل پيون دل خوش ڪن بدن ٿي ويندن ڪاٺيءَجهڙو ۽ ٻوٿ ايندن ٻاهر نڪري هي نُنهون ٿيون آهن.
سن 2004ع:
اسين نُنهون هونديون هيونسين ته گهر گهر لڳندو هو.هاڻي ته بس گهر اٻاڻڪو ٿي پيو آهي.گهوٽ وٺي وڃي جدا رهي آهي.ڪڏهن اچي ته ماريو موبائيل هٿ ۾ .هي موبائيل ٿي يا چٽي هر ڪو ڪن سان چنبڙائي پيو گهمي! ڄڻ ته ٻيو ڪو ڪم اٿن ئي ڪونه.پر ڀائي نُنهن کي ته ڪا فضيلت هئڻ گهرجي.ساهري گهر به سڀ وقت موبائيل تي بڪواس ويٺي ڪري! سڀ حدون لتاڙي ويون آهن! اسين به ته ساڳيون ننهون هيون سين! (انهن ساڳين سسن کان وسري ويو آهي ته اڍائي ٽي ڏهاڪا اڳ پاڻ به نُنهون هيون ۽ سندن سسن جو سندن لاءِ رايو ڪجهه اهڙو ئي هو)