ڪھاڻيون

رشتن جو رقص

ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
  • 4.5/5.0
  • 3784
  • 989
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ريٽا شهاڻي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book رشتن جو رقص

30. سڀ منهنجو ڏوهه!

اڄ ڪيڏو نه خاص ڏينهن آهي.منهنجي لاءِ ته آهي.هنن لاءِ الائي آهي يا نه؟ان جي مون کي ڪهڙي خبر؟اڄ اسان جي شاديءَ جي پندرهين سالگرهه آهي.مون ڪيو بيڪ ڪيو آهي.مون هن جي دلپسند ڊنر تيار ڪئي آهي.گهر کي ڦوڪڻن ۽ رنگين پٽين سان سجايو آهي.ڪئنڊل لائيٽ ڊنر جو پورو پورو بندوبست ڪيو اٿم.هاڻي مان بي صبريءَ سان مڪيش جو انتظار ڪري رهي آهيان.هن م،ون کي چئي ڇڏيو هو”شام جو ضروري ميٽنگ سبب هونئن کان به وڌيڪ بزي هوندس.”پوءِ به منهنجون اکيون ور ور گهڙيال طرف کڄي رهيون هيون.
ايڏي دير؟شام جا ڇهه لڳي ويا ست به لڳي ويا آهن.سنجو به اسڪول مان گهر ڪونه موٽيو آهي.الائي ڪاڏي ويو هليو؟اڄ ڪلهه ته هن جو ڪو ٺڪاڻو ئي ڪونهي.سڄو وقت گهر کان ٻاهر وري ٻڌائي به ڪونه وڃي.اڪيلي هجڻ جو احساس مون کي شدت سان ستائڻ لڳو.پرديس ۾ اڪيلائپ ته هونئن به رهندي آهي.پر اڄوڪي ڏينهن مان وڌيڪ بيچين ٿيڻ لڳيس.نيٺ مون کان رهيو نه ويو.مون فون هٿ ۾ کڻي آفيس جو نمبر ڦيرايو.سندس سيڪريٽريءَ مون کي ٻڌايو ته ميٽنگ ان وقت تائين هلي رهي هئي.ان بعد مون سندس موبائيل فون جو نمبر ڦيرايو.ان تان به جواب نه مليو پڪ ئي پڪ هن فون بند ڪري ڇڏيو هو.مان لاچاريءَ وچان هٿ ٻڌي ويهي رهيس.اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سندس فون آيو”مان پنهنجي بزنيس جي ساٿين سان ٻاهر ڊنر لاءِ وڃي رهيو آهيان.منهنجو انتظار نه ڪج.”
“پر اڄ ته اسان جي.......................”
۽ فون ڪٽ ٿي ويو.
هو رات جو ٻارهين لڳي کانپوءِ گهر آيو.مان رات جا ڪپڙا پائي پلنگ تي پاسا ورائي رهي هئس.
هن بتي ٻاري گهر جي سجاوٽ ڏٺي.ميز تي رکيل سامان به ڏسي آيو هو.عجب وچان چوڻ لڳو “هي سڀ ڇا آهي؟”
“هي سڀ ڇا آهي؟”توهين ٿا پڇو توهان کي ياد ڪونهي.اڄ جو ڏينهن؟”
“اڄ جو ڏينهن ؟” هي سوچڻ لڳو “او ها ..ها.. ياد اچي ويو! اڄ اسان جي ويڊنگ انيورسري آهي نه؟”
“اڄ ڪالهه ٿي چڪو آهي”مون گهڙيال ڏانهن نهاريندي چيو.منهنجي آواز ۾ هو هڪ سڏڪو.
“تو مون کي ياد ڇو نه ڪرايو؟”
“مان ياد ڪرايان؟هيترا سال ڪڏهن ياد ڪرائڻ جي ضرورت پيئي هئي؟”
“پر توکي ته خبر آهي ته مان ڪيڏو بزي ٿو رهان؟جيئن پوءِ تيئن ڪم وڌندو ٿو وڃي توکي مون کي ياد ڪرائڻ گهربو هو.”
“ها ڏوهه منهنجو”

مان ننڍڙي شهر ڪولهاپور ۾ رهندڙ هڪ سادي سودي ڇوڪري هئس.اتي ئي ڄائي هئس.اتي ئي نپئي هئس ۽ اتي ئي ڪاليج ۾ گرئجويٽ ٿي هئس.منهنجي ڏاڏاڻن ڀارت اچي ورهاڱي وقت پنهنجو اباڻو ملڪ سنڌ ڇڏي اپر مهاراشٽرا جو ننڍڙو شهر وسايو هو ۽ ڏاڏي ڌنڌو ڌاڙي شروع ڪيو هو.وڏي پٽ هئڻ سبب منهنجي پيءُ کي ننڍي ڄمار ۾ ئي گهر جون سموريون جوابداريون سنڀالڻيون پيون هيون.
مان ارڙهين ورهين جي ٿيس ته منهنجي شاديءَ جون ۽ اڪلائڻ جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون.هتان هُتان مائٽيون اچڻ لڳيون.ان وقت مُڪيش جي به مائٽي آئي.مڪيش آمريڪا ۾ رهندو هو.هن کي اتي نئين نوڪري ملي هئي.شاديءَ لاءِ هو ڀارت آيو هو ۽ مون کي ڏسڻ لاءِ ڪولهاپور چڙهي آيو.هڪ ئي نظر ۾ هن مونکي پسند ڪيو.جهڙي نموني جي ڇوڪري کيس کپندي هئي.گهريلو ڀارتيه سنسڪارن جي وچ ۾وڌيل ۽ انهن تي ئي اڏيل ڀارتي ناري ان جون جهلڪيون هن کي مون ۾ نظر آيون.الائي ڇو وديش ۾ آباد ٿيل هندستاني نوجوان شهري سمارٽ ڇوڪرين کان ڪنارو ڪري ڳوٺاڻين کي ترجيح ڏيندا آهن؟ان جو سبب شايد هنن جي اندر ويٺل پنهنجي انسيڪيورٽي هوندي آهي.وديش ۾ ڪجهه سال رهڻ بعد هو سمارٽ ته وقت پوندي ئي ٿي وينديون آهن.پر جهونا سنسڪار اڳتي هلي هنن جي گهر گرهستيءَ لاءِ لاڀدائڪ ثابت ٿيندا آهن.هن جهٽ مون کي پسند ڪري ورتو.مون به هن کي پسند ڪيو.حالانڪه منهنجي پسند ۽ ناپسند کي ايڏي اهميت هئي ئي ڪانه جيئن اڪثر ٿيندو آهي.مون کي سنگيت ۾ خاص رُچي آهي.مون کي هڪ ڀڄن ڳائڻ لاءِ چيو ويو ۽ هو منهنجي آواز تي اڪن ڇڪن ٿي پيو.گونگي گانءِ وانگر منهنجو پلئه هن جي دامن سان ٻڌو ويو.
شاديءَ بعد هو مون کي ڪئليفورنيا ۾ وٺي ويو.هڪ هندستاني ننڍڙي شهر جي سڌي سادي ڇوڪريءَ کي آمريڪا ۾ ٿائينڪو ٿيڻ ۾ ڪافي ڏکيائي پيش آئي ۽ وقت ته لڳو پر مڪيش جي پيار مون کي اتي پنهنجا پير کوڙڻ ۾ مدد ڪئي.ڪهڙا نه سهڻا ،سهاوڻا ۽ رومانٽڪ ڏينهن هئا اهي! پياري پتيءَ جو پيار پائي مان ڦولي نٿي سمايس.نئون گهر نئين گرهستي ،نئين سنسڪرتي ۽ نوان نوان سپنا چو طرف بهار ئي بهار هئي.سال ڏيڍ اندر سنجيه جو به جنم ٿيو.مڪيش پنهنجو نئون ڌنڌو شروع ڪيو ۽ هن ترقيءَ جي راهه تي تڪڙيون تڪڙيون وکون وڌائڻ لڳو.
ٻين زالن وانگر هن مون کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه ڏني.رڳو مون ايترو ڪيو جو ڊرائيونگ اسڪول جوائن ڪري ورتم ۽ موٽر هلائڻ سکي ورتم.چوڏهن سال الئي ڪيئن نبري ويا؟هن جو ڌنڌو وڌڻ لڳو ۽ هو گهر ۾ گهٽ وقت گهارڻ لڳو.مصروفيت جي ڪارڻ هن جو منهنجي لاءِ پيار به شايد گهٽجڻ لڳو هو يا شايد اظهار ڪرڻ جو ڏانءُ هن مان گم ٿيڻ لڳو هو.هن کي سوچڻ ۽ ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڳالهيون هيون.پرمون وٽ ڇا هو؟صرف گهر جو ڪم ڪار،گهر جي صفائي،وقت تي کاڌو ميسر ڪري ڏيڻ.جيسيتائين سنجو ننڍو هو مون ک سوچڻ جو وقت ڪونه ملندو هو.پر جيئن هو وڏو ٿيڻ لڳو،پر مون کي ڪيئن به ڪنهن به طريقي سان پاڻ کي مشغول رکيو.مون ڊائري لکڻ شروع ڪئي ۽ ڪجهه وقت پڙهڻ ۾ گذارڻ لڳيس.
سنجو هاڻي اُڇاترا جواب ڏيڻ لڳو هو.هن جي اسڪول جون رپورٽون به تسلي بخش ڪونه هيون.مون کي لڳو ته هو سٺي سنگت ۾ ڪونه هو.مون مڪيش جو ڌيان اُن پاسي ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ان ڳالهه کي گنڀيرتا سان کڻڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو.هن ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.ڄڻ ته مان وڌاءُ ڪري رهي هئس يا اهو صرف منهنجو تصور هو.
ولايتي ماحول ۾ وڌندڙ ٻارن کي وڌيڪ ڇڙواڳي ڏني ويندي آهي.گهڻو ڪري هو پنهنجن نجي معاملن ۾ ٻين جي دست اندازي برداشت ڪونه ڪندا آهن.پر مان پنهنجي هندستاني سڀاءُ کي ڇا ڪريان؟مان هن کان اوڀر اچڻ جي باري ۾ سوال پڇڻ لڳيس.رات جو ليٽ اچڻ صبوح جو ليٽ اٿڻ.ڪمري ۾ صفائي نه جهڙي هجڻ.هر وقت لائوڊ ميوزڪ ۽ ناچ ٽاپ مون کي بلڪل نه ٿي وڻيو ۽ مون انهيءَ ڳالهين تي اعتراض اٿارڻ شروع ڪيو.نتيجي طور سنجوءَ مون سان پائي کنئي.هو ابتا سبتا جواب ڏيڻ لڳو.
مون کي هن جي آئيندي جي چنتا ٿيڻ لڳي.جڏهن مون کي خبر پئي ته هو اسڪول ۾ اڪثر غير حاضر رهڻ لڳو هو ته مان بيحد پريشان ٿي ويس.
پنهنجي روزاني نيم موجب مڪيش رات جو دير سان آيو.سنجوءَ جو ته ڪو پتو ڪونه هو.کاڌي جي ميز تي مون سنجوءَ جي اسڪول ۾ غير حاضريءَ جي ڳالهه ڇيڙي ۽ پنهنجي چنتا جو اظهار ڪيو ته مڪيش بگڙجي پيو.
“اڃا گهر ۾ پير رک مس ته تنهنجين شڪايتن جا چٺا کُلي ٿا وڃن ڇا منهنجي مٿان ڌنڌي ڌاڙيءَ جون جوابداريون گهٽ آهن.جو گهر جا مسئلا ٻڌائڻ ويهي رهي آهين؟”
“اهو تنهنجو ڊپارٽمنٽ آهي.آخر تون ڪهڙي مرض جي دوا آهين؟”
“سنجو اوترو ئي توهان جو پٽ آهي.جيترو منهنجو.منهنجي خيال موجب هن کي پيءُ جي رهبريءَ جي سخت ضرورت آهي”شاديءَ کانپوءِ اڄ پهريون ڀيرو مان محڪم ۽ پختي آواز سان ڳالهائي رهي هئس.الائي ڪٿان مون ۾ همٿ اچي وئي هئي؟ها اهائي وقت جي تقاضا هئي.
“هيل تائين تو پنهنجي لاڏلي پٽ جي سموري جوابداري کنئي آهي ۽ هن کي کارڻ ۾ تنهنجو ئي هٿ آهي.”
“جيڪا ڳالهه غلط ٿئي ان جي قصوروار مان ئي آهيان”
منهنجي آواز ۾ غصو هو ته سڏڪو به
“ها تنهنجو ڏوهه آهي تون هن سان گهڻي گنڌ کنڌ ڪرين ٿي.تو غنڊه زنيءَ جو رويو اپنايو آهي.دست اندازي به ڪرين ٿي.زمانو ڦري ويو ان ڳالهه جي توکي ٻوجهه آهي يا نه؟هن کي تنهنجون اهي ڳالهيون ناگوار لڳن ٿيون”
“توهان کي ائين ڪنهن چيو آهي؟”
“سنجو پاڻ مون کي اها ڳالهه ٻڌائي آهي.”
“ته ان ۾ منهنجو ئي ڏوهه آهي.”
“ها”
ڳالهيون ائين ئي بد کان بدتر ٿينديون ويون.سنجوءَ کي ماسترن ۽ پرنسيپال جي صلاح ساان هاسٽل ۾ ڀرتي ڪيو ويو.ڇاڪاڻ ته هن کي گهر ۾ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پيو هو.ائين ڪرڻ سان خرچ ٻيڻو ٿي ٿي پيو.پر ان کان سواءِ ٻيو ڪو چاڙهو به نه ڪونه بچيو هو.مڪيش جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو هو ۽ هو خرچ ڀري سگهيو ٿي.
سنجوءَ جي هاسٽل وڃڻ کانپوءِ مانوڌيڪ ادس رهڻ لڳيس.اها اداسي ۽ واندڪائي مون کي اندر ئي اندر کائڻ لڳي.پنهنجي وطن ۽ عزيزن کان پري هئڻ جو احساس وڌي ويو ۽ مان مائٽن جي يادن ۾ کوهجي ويندي هئس.مان پنهنجي ڀاونائن ۽ ويچارتن کي قلم ذريعي اظهارڻ لڳيس ۽ ڪيترا ڪلاڪ ڪمپيوٽر جي سامهون گذارڻ لڳيس.
مان پنهنجيماضيءَ جي تڪ تور ڪرڻ لڳيس.مون پنهنجي حياتيءَ جا انمول پنرهن سال پنهنجي پتيءَ پٽ ۽ گرهستيءَ کي ارپيا هئا.انهن جي پٺيان خرچ ڪيا هئا.ڇا اهي سڀ اجايا ويا؟مون کي موٽ ۾ ڇا مليو؟
مڪيش پنهنجو ڪم وڌائي رهيو هو.هن جي نئين آفيس جو مهورت هو.هن هڪ ننڍڙي پارٽي رکي هئي.مان به هن سان گڏ اتي ويس.
هن جي خانگي سيڪريٽري مارگريٽ لڳ ڀڳ ڏهن سالن کان هن وٽ ڪم ڪري رهي هئي.ان عرصي ۾ هن جي شخصيت ۾ سهڻو نکار آيو هو.هوءَ چڱي بردبار هوشيار سمارٽ ۽ آتم وشواس واري عورت بڻجي پئي هئي.مون کي هن جي ڪم ڪرڻ جو انداز پسند آيو ۽ مان هن جي قابليت تي رشڪ ڪرڻ لڳيس.گهر اچي مون پنهنجي من جي ڳالهه مڪيش سان ڪئي.
“هنن ڏهن سالن ۾ مارگريٽ ۾ ڪيڏي نه صحتمند تبديلي آئي آهي ٻاهر ڪم ڪرڻ سان انسان ۾ ڦيرو اچي ٿو وڃي آهي نه ائين؟”
“پر تو ته ڪجهه به ڪونه ڪيو نه؟”
“مان پنهنجين گهر جي جوابدارين ۾ مشغول رهيس.”
“پر تو مون کي ٻاهر ڪم ڪرڻ ڪٿي ڏنو؟”
“مون ڪرڻ ڪونه ڏنو يا تنهنجي مرضي ئي ڪم ڪرڻ تي ڪانه هئي؟”
“لڳي ٿو توهان کان سڀ وسري ويو آهي؟” مون ڏکويل لهجي ۾ چيو
“ڇا وسري ويو آهي؟”
“مون سنگيت سکڻ چاهيو هو توهان موڪل نه ڏني.ياد ڪريو مون توهان کي توهان جي آفيس ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڏني هئي.پر توهان کي اها ڳالهه پسند نه آئي.توهان چيو هو “ڇا گهر ۾ ڪم گهٽ آهن؟تون گهر گهر سنڀال توهان ائين چئي ڳالهه ٽاري ڇڏي هئي.”
“جي سچ پچ چاهين ها ته ڪم ڪري سگهين ها اهي سڀ بهانا آهن.”
منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.پر روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟مڪيش کي ته ڳوڙهن کان به چڙ آهي.هو انهن کي ڪمزور عورتن جو هٿيار سمجهندو آهي.مان انهن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس.”واهه ڳالهه ڦيري پنهنجي فائدي ۾ موڙ ڏيڻ جي ڪلا ۾ بيشڪ اوهين ڀڙ آهيو!”مون دل ئي دل ۾ هن کي داد ڏيندي چيو.
منهنجو من تلخيءَ سان ڀرجي ويو.
هر ڳالهه جا غلط ٿي رهي آهي ان جي نتيجي جو الزام مون تي ئي لڳايو پيووڃي ۽ لڳايو ويندو.
“ها ڏوهه منهنجو ئي آهي” مون ڀڻڪي ۾ چيو.
اهو سڀ ڪيسيتائين هلندو؟هاڻي مان پنهنجن پيرن تي بيهندس.پنهنجي نجي زندگي ءَ جا فيصلا پاڻ ڪنديس.ڪنهن جي به نه ٻڌنديس!
مون پڪو ارادو ڪري ورتو.