29. ڇوٽڪارو
انيتا سور ۾ ٻاڏائي رهي هئي ۽ مان کيس آٿت ڏئي رهي هئس.
“بس باقي ٿورو ..ايترو ...ته سهڻو ئي پوندو!”
“ايترو؟ توهين ان کي ايترو ٿا چئو؟....ممي ڪيترو آهي سور ...اڙي رام ...زبردست سور....وري آيو سور...”
مون پنهنجي پٽ سنجوءَ کي اشارو ڪيو ۽ مان اٿي پاسيري ٿيس.هاڻي سنجو اچي انيتا جي ڀر ۾ ويٺو ۽ هن جو هٿ پڪڙي ورتائين.مان سمجهي ويٺي هئس ته اهي ويم جا ئي سور هئا.هاڻي اهي هر ڏهين منٽين اچي رهيا هئا.
مان سامهونڪاريڊار جي دروازي وٽ اچي بيٺس.پنڌرهن کن زالون اتي رکيل بينچن تي ويٺيون هيون.سڀني جا پيٽ ڪن جا ننڍا ڪن جا وچولا ته ڪن جا تمام وڏا نڪتل ،ويڍيون هيون ۽ ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ اندر وڃڻ لاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيون هيون.انهن سڀني عورتن کي اهڙن ساڳين سورن مان گُذرڻو هو.ساڳيءَ طرح واڪا رڙيون ڪرڻيون هيون.انهن سورن سهڻ کانسواءِ ڇوٽڪارو ممڪن نه هو....۽ ان کانپوءِ؟
هاڻي وري انيتا جي کٽ تان ڪُرڪڻ ڪنجهڻ جو آواز اچڻ لڳو هو.آيا وري سور ! ڏهه منٽ جو سک سان گذريا هئا.اهو ڪرڪڻ وڌندو ويو.سنجوءَ کي مون ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ۽ مون وڃي سندس جڳهه والاري.
“هاءِ ڙي هاءِ!... هي ڇا پيو ٿئي؟.........سور ڙي سور......ڏاڍو سور ..آ.....آ...او گاڊ ....سيو مي فرام دس پين.....هيلپ مي گاڊ..........ڇا ڪريان؟....باباڙي ...ممي..........!
هن جي نرڙ تي پسيني جون بوندون اڀري آيون هيون.مان پنهنجي رومال سان انهن کي اگهڻ لڳي هئس ۽ آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس.........پر هوءَ پنهنجن سورن ۾ ئي بيزار هئي.سو هن کي ڪجهه اثر ئي ڪونه ٿي رهيو هو.هاڻي وري سور موٽ کائڻ لڳا ۽ هن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون .مون کي لڳو ته هن کي آرام وچان اک لڳي ويئي هئي.
ها سورن جو انت ڪڏهن ٿيندو؟ڪڏهن ٿيندو به يا؟ مان پاڻ کان پڇڻ لڳيس.
مون کي ياد آيو ته ٻار ڄمڻ کانپوءِ به راتين جون راتيون جاڳڻيون پونديون آهن.هر پنجين ڏهين منٽين ٻار جون چڍيون مٽڻيون پونديون آهن.ٻار پيو روئندو آهي ۽ خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته ڇو پيو روئي ڪڏهن پيٽ ۾ سور ڪڏهن ڪن ۾ سور ڪڏهن پيٽ خراب ته ڪڏهن ڏند نڪرڻ ڪري ڪانه ڪا تڪليف چوويهه ڪلاڪ هلچل ننڍڙي پراڻيءَ جي سنڀال جي جوابداري.....۽ ان وقت خيال ايندو آهي.”جڏهن پيٽ جي اندر هو ته ڪيڏي نه سولائي هئي.قدرت ماڻيهي پئي پنهنجو ڪم ڪيو.گهٽ ۾ گهٽ رات جو آرام سان سمهي ته سگهندي هئس.ها اهڙو خيال منهنجي من اندر آيو هو.ياد آيون اهي راتيون جڏهن ننڍڙي سنجوءَ کي هنج ۾ کڻي پلنگ تي ويٺي ويٺي جهوٽا کائيندي هئس...۽ مان اهو به ڄاڻان ٿي ته اها ئي ڪنواري نڻان پنهنجن جاڳندڙ ڪلاڪن ۾ منهنجي هنج ۾ ٻار کي ڏسي منهنجي خوشقسمتيءَ تي ايرکا ڪندي هئي.شايد ته مون کي ماتاپڻي جو سوڀاڳيه حاصل ٿيو هو.
زندگيءَ جي اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته هر ڪو شخص پنهنجي منجهيل من ۾ پنهنجي سامهون واري شخص کي پاڻ کان وڌيڪ خوشنصيب سمجهندو آهي.اهڙن وقتن تي وري منهنجي من ۾ خيال ايندو هو”ڪڏهن سنجو وڏو ٿيندو جڏهن ٻار جي نيپاج جي تڪليفن کان آجي ٿينديس.”
پر جڏهن ٻار وڏا ٿيندا آهن ته وڏا مسئلا پاڻ سان کڻي ايندا آهن.ڀاري ۽ منجهائيندڙ مسئلا ڪيڏو سمجهائڻسان به هو مائٽ جي هڪ ڳالهه به نه مڃيندا آهن ۽ ان وقت بڇڙو من چوندو آهي “هن کان ننڍڙا هئا ته سٺا هئا ته گهٽ ۾ گهٽ چيو ته مڃيندا هئا.ٻي حالت ۾ هنن کي هڪ چماٽ سان سڌو ڪري ڇڏبو هو.هاڻي ته پنهنجي هڪ به نه ٿي هلي!..انسان هر حالت ۾ پاڻ کي لاچار سمجهي ٿو.گذريل پل کي بهتر ۽ ايندڙ پل جو آسائتين اکين سان انتظار ڪري ٿو.
هاڻي وري “اونهه اونهه “جو آواز اچڻ لڳو.انيتا “سور سور “چوڻ شروع ڪيو هو.سور وڌندو ويو.
“ممي ...ممي..........ڪجهه ڪريو ڪڏهن ملندو هنن سورن مان ڇوٽڪارو؟”
“انيتا اونو نه ڪر توکي اوس ۽ جلد ئي ملندو.هنن سورن مان ڇوٽڪارو”