22. وقت جا نشان
هڪ ڄڻيءَ مون کي مخاطب ٿي مشڪي چيو”ريکا ڇا تون مون کي نه ٿي سڃاڻين؟”
مون دستوري مرڪ سان هن ڏانهن نهاريو ۽ ٿورو سوچي چيم “مون کي ....معاف ...ڪجو ..نٿي سڃاڻان”توک ياد ڪونهي؟ مان سيتا آڏواڻي هن وقت مسز مير چنداڻي توکي حيدرآباد ۾ اسڪول ۾ پاڙهيندي هئس.”
مون وري هن ڏانهن ڌيان سان نهاريو ۽ چيو”مون کي ياد نه ٿو اچي”
پر پوءِ اوچتو ياد اچي ويم پر ڪهڙي نه زبردست جهٽڪي سان
مس آڏواڻيءَ جو گول ،گورو ،سهڻو چهرو اکين اڳيان ڦرڻ لڳو ۽ سندس شاهاڻي شخصيت اکين اڳيان نچڻ لڳي.اسين سڀ ڇوڪريون اصل هن جي پٺيان ديوانيون هونديون هيون سين.هيءَ مس آڏواڻي هن شخصيت ج ته پاچي ماتر به نه هئي.سنهڙي ڳلن ۾ کڏون پيل ٻڍڙي ڪارائيل ،صفا ڪا ٻي پئي لڳي.ڪيڏانهن ويئي منهنجي مس آڏواڻي؟
گهر آيس پر منهنجي دل ۽ دماغ تي سيتا آڏواڻي ئي ڇانيل هئي.منهنجي ذهن تي هر وقت هن جو خيال طاري هو.سندس جهونو چهرو اصل وسري ئي نه پيو.پراڻيون وسريل يادگيريون وري هردي جي پردي تي اڀرڻ لڳيون....................
مان سندس فيوريٽ اسٽوڊنٽ هئس ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر هو.ڪلاس جون سڀ ڇوڪريون هن کي ڀائينديون هيون ۽ مون تي رشڪ ڪنديون هيون.سندس گول چهرو گول ڪلها گول گول گوريون ٻانهون،ڊگهو قد هلڻ جو انداز ڳالهائڻ جو انداز اصل اسان سڀني کي موهي ڇڏيندو هو ڇا ته ساڙهيون پائيندي هئي ۽ ڪيئن نه وار سنواريندي هئي!.
هڪ واقعو اکين اڳيان ڦرڻ لڳو.....
....اسڪول جي سالياني جلسي جي موقعي تي گرين روم ۾ هوءَ اسان جو ميڪ اپ ڪري رهي آهي.لپسٽڪ هڪ هٿ ۾ جهلي ٻئي هٿ سان منهنجي کاڏي پڪڙي چئي رهي آهي “تنهنجا چپ ته اهڙا ڳاڙها آهن جولپسٽڪ لڳائڻ جو ته ضروري ئي ڪونهي”پوءِ به هن منهنجن چپن کي رڱيو هو.
مان ته بس ٺريپئي هئس(ان وقت مان ڏهن سالن جي مس هونديس)
رات جو ننڊ ۾ مس سيتا آڏواڻيءَ جا ٻئي چهرا جهونو ۽ نئون ور ور ڪري هڪ ٻئي جي پٺيان من جي دريءَ مانپئي جهانڪيا،ڄڻ ته پروجيڪٽر مان ڪنهن ٻه سلائيڊز گهڙي گهڙيءَ ڀت تي پئي ڏيکاريا.
مان سوچڻ لڳيس”ڇا هن جي صحت ٺيڪ نه رهي؟ڇا هن پنهنجي شڪل صورت جي اصل سنڀال ڪانه ڪئي؟ڇا ڏکن جا اهڙا ڪي پهاڙ اچي مٿان ڪريس جو ويچاريءَ جو اهڙو حال ٿي ويو آهي؟
۽ مان هن تي افسوس ڪرڻ لڳيس!
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڳالهه وسري ويم.
ٻه ڏينهن ٿيا مارڪيٽ مان ڀاڄيون وٺندي وٺندي هڪڙي پار سياڻي سڃاڻپ واري(مون کان عمر ۾ ڪجهه وڏي)ڪن سالن کانپوءِ گڏي.اول ته مون کيس سڃاتو ئي ڪونه پر جڏهن ويجهو آئي ۽ اچي کيڪاريائين ته سڃاتم ته ڪير هئي؟مسز پوناوالا جي ڪنهن زماني ۾ منهنجيءَ ڌيءَ کي بئل ڊانس سيکاريندي هئي.هن جي شڪل مون کي ڦريل لڳي.منهن تي شايد سوچ هئس.چهرو ٿوٿريل پئي لڳس.اها سونهن ۽ پرسنلٽي جا ڪجهه سال اڳ منهنجس هئي.ساته هئي ڪانه!
ڪيڏانهن ويئي مسز پونا والا جي سونهن سوڀيا؟ڇا ٿيو اهڙي زبردست شخصيت واري ليڊيءَ کي؟!
..۽ مان مٿس افسوس ڪرڻ لڳيس.
ڪالهه صبوح جو ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ سامهون وارن کي برش ڪند ڪند منهنجي نظر پنهنجي چهري تي بيٺي ۽ اتي ئي ٽيبل تي رکيل پنهنجي شاديءَ تي نڪتل تصوير تي بيٺي.
منهنجون اکيون کن پل لاءِ ڄڻ ته اتي وڃي اٽڪيون.ڪيتري دير ڪڏهن آئيني ۾پنهنجي عڪس ڏانهن ۽ ڪڏهن فريم ۾ جڙيل ميز تي رکيل چهري ڏانهن نهاريندي رهيس،نهاتريندي رهيس...
۽ پوءِ مسز ميرچنداڻي ۽ مسز پونا وال تيافسوس ڪرڻ ڇڏي ڏنم!!