شاعري

هٽڙيءَ جو گل

ڪتاب ”هٽڙيءَ جو گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خدا بخش خاضع جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب حفي الحفيظ الحفن آهي.
هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين).
Title Cover of book هٽڙيءَ جو گل

پچاري پنوهارين کي ڳوڙها پيم ڳڙي

پچاري پنوهارين کي ڳوڙها پيم ڳڙي
ويٺي سڪان ويڙهيچن لڌائون نه سڌ سڙي
ڇپر جا ڇيهه هئي سانڍي هاڻ ٻڙي
ساعت سنگهارن ري گهاريان ڪيئن گهڙي
جن سان جيءَ جڙي سي مارو مون ملير ٿيا

پيوند پرت جو پاري ڪيئن پاريان
ساجن سوائي سرتيون گهايل ٿي گهاريان
منهن پنهنجي ماريان هوتن ري هٿڙا

پچاري پنوهارن کي ڳوڙها پون ڳڙيو
سڪندي سانگين کي ڪريان سڏ سڙيو
جن سان جيءُ جڙيو اُنهن اُڪنڊي آهيان

پچاري پنوهارن کي رئان ويٺي رت
مارو مٽ مُئيءَ جا سانگي منهنجو ست
ڪنديس ڪانه ڪپت وساري ويڙهيچن کي