وار ونگا جي وارين ٿو، مون کي مارين ٿو
جيئن ئي يار نهارين ٿو، مون کي مارين ٿو
سر مون سرخي سينڌ سجائين، چنڊ چوڏهين جو پاڻ چوائين
سهڻا پاڻ سينگارين ٿو، مون کي مارين ٿو
واهواه توکي سونهن واليون، ڪنهن سان ڪريان تنهنجون ڳالهيون
اکڙيون منهنجون ته ٺارين ٿو، مون کي مارين ٿو
جهومڪ توکي بيشڪ جهرڪن، هر ڪنهن جون پيون دليون هرکن
خلق ائين تون ته کارين ٿو مون کي مارين ٿو
بينر بولو بينيءَ پاتئي ڪنهن جي لئه هي ڇٻيون ڄاتئي
ٻارڻ ٻيلي تون ٻارين ٿو، مون کي مارين ٿو
چاندي جهڙيون چندن چوڙيون، ٻهه ٻهه ٻهڪن ٻانهن جهوڙيون
سيريو جن کي سنوارين ٿو، مون کي مارين ٿو
ڳلڙي پائين ڳهڙا ڳولي، راهه ويندن کي راه ۾ رولي
واٽن تي ئي ويهارين ٿو، مون کي مارين ٿو
پٽ پوشاڪون انگ تي اوڙين خاضع دل تي نيزا کوڙين
او نهال سيلهه اٿارين ٿو، مون کي مارين ٿو