شاعري

هٽڙيءَ جو گل

ڪتاب ”هٽڙيءَ جو گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خدا بخش خاضع جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب حفي الحفيظ الحفن آهي.
هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين).
Title Cover of book هٽڙيءَ جو گل

گر ڪو کلي ڀل خوب تر تنهنجو کلڻ سٺڙو لڳو

گر ڪو کلي ڀل خوب تر تنهنجو کلڻ سٺڙو لڳو
سهڻا ملن چڱڙا لڳن تنهنجو ملڻ سٺڙو لڳو

تنهنجو هلڻ اهڙو هلڻ جهڙو ٽلڻ آ ڊيل جو
هرڙي هلين تکڙيو هلين تنهنجو هلڻ سٺڙو لڳو

ڀل گُهور پيو پائي پرين مون ڏي ڏٺئي نظرون کڻي
پنهنجو قسم تنهنجو اهو گهوري ڏسڻ سٺڙو لڳو

تنهنجو ٻڌان جاتي جتي ڪاهيو اچان مان ٿو اُتي
هر شيءِ ڇڏي هتڙي هُتي تو ڏي اچڻ سٺڙو لڳو

ڇو سرڪندو ويتر وڃي ويجهو اچي ويهي وري
پو ڀي پرين انگڙن کي ايئن ساهي سرڻ سٺڙو لڳو

ڇڏ ڌاريان پنهنجا خدن تو کي نٿا مون سان سهن
محفل ۾ تن جي سامهان تنهنجو هجڻ سٺڙو لڳو
*