اسان يار جا يار آهيون ٻڌي ڇڏ
نڪي پرت پينار آهيون ٻڌي ڇڏ
نه تنهنجي نه تنهنجي صباحت جي سودا
لهٰذا نه لاچار آهيون ٻڌي ڇڏ
مڃان ٿو ته محبوب آهين مٺا پر
ڌڪيندين ته پوءِ ڌار آهيون ٻڌي ڇڏ
نه سوسن سمن تون نه موتيو نه مُگرو
اسان گهُور گلزار آهيون ٻڌي ڇڏ
نه تون مشڪ عنبر نه کستور خوشبوءِ
بنا بوءِ بيزار آهيون ٻڌي ڇڏ
سڄڻ ساه کان وڌ ٿو سمجهان مان تو کي
اصل ڪين اغيار آهيون ٻڌي ڇڏ
هجين گل گلابي هجين گل بدن تون
پوءِ تنهنجا خريدار آهيون ٻڌي ڇڏ
اڃا قلب آهي ڪشادو قسم سان
هميشه سي حبدار آهيون ٻڌي ڇڏ
جفائن جي بدلي خفا ٿي به خاضع
وري ڀي وفادار آهيون ٻڌي ڇڏ