شاعري

هٽڙيءَ جو گل

ڪتاب ”هٽڙيءَ جو گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خدا بخش خاضع جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب حفي الحفيظ الحفن آهي.
هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين).
Title Cover of book هٽڙيءَ جو گل

هلي جام ٿو هت هٽائي جو سودو

هلي جام ٿو هت هٽائي جو سودو
وکر واڪ تي آ وڏائي جو سودو

ديانت دنيا مان ڪيو ڪوچ ڪيڏانهن
ٻکان ٻک ٻري ٿو ڇو ٻيائي جو سودو

ڏسي مال مفتي وڌي ٿو واپاري
سمر صاف ناهي صفائي جو سودو

دڪانن تي دانهون ٻڌان روز ٻيلي
مهانگو جو آهي مدائي جو سودو

ڪُدورت سان ڪوٺا ڀريا پيٽ ڀائو
نمايان آ نفرت نمائي جو سودو

ٿي هر شيءِ جهان ۾ وڪامي يقيناً
ڪٿي يار ڪونهي سچائي جو سوود

ڏيو داٻ ڌڙڪا بهاڪن ڀليري
اگهن ڪاڻ اوسر آ ڏائي جو سودو

وريو ٿوڪ وڪڻن ڇروري ۾ ڇاهي
رهي ريزڪي ٿو رُکائي جو سودو

کپي خام خاصو وکر ٿو وڃي سڀ
تهان پوءِ به پڄري نه پائي جو سودو

هِتي دين و دنيا ڌرم ڌوڙ آهي
کڻي ڪونه خاضع خدائي جو سودو
*