شاعري

هٽڙيءَ جو گل

ڪتاب ”هٽڙيءَ جو گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خدا بخش خاضع جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب حفي الحفيظ الحفن آهي.
هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين).
Title Cover of book هٽڙيءَ جو گل

ڇُهڻ سان تون منهنجي ٿو ڇرڪين سدائين

ڇُهڻ سان تون منهنجي ٿو ڇرڪين سدائين
ڏيو ڀر بيهان پوءِ به سرڪين سدائين

پري کان به مون تي جي اکڙي پَوَئي ٿي
ڪيو پير پويان ٿو ٽرڪين سدائين

ڏنل يار تنهنجا نه ڦٽڙا ڇٽن ٿا
ٻيڻو زهر تن تي ٿو ٻرڪين سدائين

ڏکيو وقت ڏاڍو گذاريان ٿو يارا
ڏسي مون کي مجبور مرڪين سدائين

خدن دل جي بدلي نه دل ڀي ڏني تو
کسي دل تون پوڀي ٿو ڪرڪين سدائين