اهڙو ته تون دلبر اصل، سهڻو گلابي آهين گل
رُوپو رُتو احمر اُتو، سهڻو سدا آهين سڦل
سوسن سمن مُگرو مگن، بهتر نه تنهنجو آ بدل
نرگس نڪي سورج مکي، ڪيئن ڪو وڻي تو بن ڪنول
ونگڙو وجهي مکڙي ٻڌي، خوشبوءِ پکيڙي آ تو کُل
گلزار آ باغ و صحن، هر جا ٻڌو آهي هي هُل
تنهنجي نه ڪو منهڙي مثل، بلڪل گلابي آهين گل
ڪُو ڪُو ڪري ڪوئل وري، بلبل هڻي بيشڪ بغل
ماکي مکي چاسئون کي، اُسرين نٿو دلبر اصل
منهڙو مٺو مون ڇو ڏٺو، وسري ويو آهيم ڪُل
لرزان لُڇان ڪجهه ڀي ڪڇان، ڪوئل جئان آهيان ڪٺل
خاضع جڏهن تو کي ڏسان، اُڏريو وڃي منهنجو عقل
*